Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 3:1 - Sindhi Bible

1 انهن ڳالهين کانپوءِ بادشاهہ اخسويرس، هامان بن همداتا اجاجيءَ کي درجي ۾ وڌايو ۽ چاڙهي مٿي ڪيائينس، ۽ جيڪي امير وٽس هوندا هئا، تن سڀني کان هن جي جاءِ مٿي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ڪجھہ وقت کان پوءِ شهنشاهہ اخسويرس هامان اجاجي ولد همداتا کي ترقي ڏيئي کيس سرفراز ڪيو ۽ پنهنجي سڀني اميرن کان مٿاهون درجو ڏنائينس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 3:1
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون منهنجي گهر جو مختيار ٿي، ۽ ساريءَ رعيت تي پنهنجيءَ مرضي موجب حڪم هلاءِ: فقط تخت جي مالڪ هئڻ ڪري، منهنجو درجو تو کان مٿي ٿيندو.


پوءِ جڏهن مصر جو سارو ملڪ بک مرڻ لڳو، تڏهن ماڻهو کاڌي جي لاءِ فرعون وٽ اچي دانهون ڪرڻ لڳا: ۽ فرعون سڀني مصرين کي چيو تہ اوهين يوسف وٽ وڃو، ۽ جيڪي هو اوهان کي چوي، سو ڪريو.


هاڻي تو کي بادشاهہ ۽ سندس ست مشير روانو ٿا ڪن، تہ جيڪا تنهنجي خدا جي شريعت تنهنجي هٿ ۾ آهي، تنهن موجب تون يهوداہ ۽ يروشلم بابت پڇا ڪرين؛


۽ جن جو بادشاهہ کان ٻيو درجو هو، ۽ ڪارشينا، ستار، ادماتا، ترسيس، مرس، مرسنا ۽ مموڪان، جي فارس ۽ مادي جا ست امير، جي بادشاهہ جو منهن ڏسندا هئا، ۽ بادشاهت ۾ اول درجي تي ويهندا هئا:)


تڏهن بادشاهہ پنهنجي هٿ مان منڊي لاهي يهودين جي دشمن هامان بن همداتا اجاجيءَ کي ڏني.


۽ هامان انهن کي پنهنجي وڏي دولت، ۽ گهڻي اولاد، ۽ جن سڀني ڳالهين ڪري بادشاهہ هن جو درجو وڌايو هو تن جو، ۽ ڪيئن هن کي چاڙهي ٻين اميرن، ۽ بادشاهہ جي ملازمن کان مٿي ڪيو هئائين، تنهن جو بيان ڪري ٻڌايو.


۽ آستر چيو تہ دشمن ۽ ويري هي شرير هامان آهي. تڏهن هامان بادشاهہ ۽ راڻيءَ جي اڳيان ڊڄي ويو.


۽ آستر وري بہ بادشاهہ جي اڳيان، سندس پيرن تي ڪِري، ڳوڙها ڳاڙي عرض ڪيو تہ هامان اجاجي جيڪا شرارت ڪئي هئي، ۽ جيڪا رٿ هن يهودين جي برخلاف ڪئي هئي، سا بادشاهہ برطرف ڪري.


جڏهن بني آدم ۾ ڪميڻائيءَ جو قدر ٿو ٿئي، تڏهن بڇڙا ماڻهو هر طرف ٿا گهمن ڦرن.


جڏهن سچا گهڻا ٿين ٿا تڏهن ماڻهو خوش ٿين ٿا، پر جڏهن ڪو شرير ماڻهو حاڪم ٿئي ٿو تڏهن ماڻهو آهون ڪن ٿا.


بي عقلي وڏي درجي ۾ رکي ٿي وڃي، ۽ دولتمند هيٺائين جاءِ تي ويهن ٿا.


۽ انهن تي ٽي وزير مقرر ٿين، جن مان داني ايل هڪڙو هو، ۽ اهي سڀ والي هنن کي حساب ڏين، تہ بادشاهہ کي نقصان نہ رسي.


پاڻي هن جي ڏولن مان وهندو، ۽ هن جو ٻج گهڻن پاڻين ۾ هوندو، هن جو بادشاهہ اجاج کان وڏو ٿيندو، ۽ هن جي بادشاهت وڌندي ويندي.


۽ سموئيل چيو تہ جيئن تنهنجي ترار زالن کي بي اولاد ڪري ڇڏيو آهي تيئن تنهنجي ماءُ بہ زالن ۾ بي اولاد ٿيندي. ۽ سموئيل اجاج کي جلجال ۾، خداوند جي اڳيان وڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.


۽ هن عماليقين جي بادشاهہ اجاج کي جيئرو جهليو، ۽ باقي سڀني ماڻهن کي ترار جي ڌار سان چٽ ڪري ڇڏيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ