Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 2:9 - Sindhi Bible

9 ۽ اها ڇوڪري هن کي وڻي ۽ هو مٿس مهربان ٿيو؛ ۽ سگهو ئي هن کي سندس شيون پاڪ ٿيڻ لاءِ ڏنائين، ۽ سندس ڏاج بہ، ۽ ست سهيليون بہ، جي بادشاهہ جي گهر مان هن کي ڏيڻ جي لائق هيون: ۽ هن انهيءَ کي، ۽ اُن جي سهيلين کي زنانخاني جي سڀ کان سٺي جاءِ ۾ آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اها ڇوڪري هيجا کي وڻي ويئي ۽ هو مٿس مهربان ٿي پيو. تڏهن فوراً هن کي هار سينگار جي هر ڪا سهوليت ڏني ويئي ۽ سٺو کاڌو پيتو پڻ مهيا ڪيو ويو. هيجا آستر کي محل مان ست نوڪرياڻيون سندس خدمت لاءِ ڏنيون ۽ کيس حرم خاني جي سٺي ۾ سٺي جاءِ ۾ رهايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 2:9
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خداوند يوسف سان هو، ۽ مٿس رحم ڪري قيد خاني جي داروغي کي مٿس مهربان ڪيائين.


تنهنڪري هن کيس پنهنجي گهر جو مختيار مقرر ڪيو ۽ جيڪي وٽس هو، سو سڀ هن جي حوالي ڪيائين: ۽ يوسف هن جي خدمت ڪندو رهيو ۽ هن جي مهربانيءَ جي نظر مٿس هئي.


۽ تنهنجي قوم جنهن تنهنجو گناهہ ڪيو آهي، ۽ ٻيا جيڪي ڏوهہ هنن تنهنجي برخلاف ڪيا هجن، تن جي لاءِ اُنهن کي معافي ڏج؛ ۽ جن هنن کي قيد ڪري ورتو هجي، تن جي اڳيان اُنهن تي رحم ڪج، تہ هو بہ هنن تي رحم ڪن:


اهو عزرا بابل مان نڪتو؛ ۽ موسيٰ جي شريعت، جا خداوند اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ اهو هوشيار استاد هو: ۽ بادشاهہ هن کي، خداوند سندس خدا جو جيڪو مٿس هٿ هو، تنهن موجب، جيڪي گهريائين سو ڏنو.


۽ هڪڙو خط آسف بادشاهہ جي ٻيلي جي نگهبان ڏانهن ڏئي، تہ هو مون کي ڪاٺ ڏئي، تہ جيڪو قلعو گهر سان تعلق ٿو رکي، تنهن جي دروازن جا ۽ شهر جي ڀت جا، ۽ انهيءَ گهر جا شهتير جوڙيان، جنهن ۾ آءٌ وڃڻو آهيان. تڏهن، ڇالاءِ جو منهنجي خدا جو مون تي چڱائيءَ لاءِ هٿ هو، تنهنڪري بادشاهہ منهنجو عرض قبول ڪيو.


هاڻي جڏهن سڀ ڪنهن ڇوڪريءَ جو وارو بادشاهہ اخسويرس وٽ اندر وڃڻ جو آيو، جنهن کان اڳي زالن جي قاعدي موجب ٻارهن مهينن تائين هن سان جيڪي ڪرڻو هو، سو ڪيو ويو، (ڇالاءِ جو زالن جي پاڪ ڪرڻ جا ڏينهن هن طرح پورا ٿيندا هئا، يعني ڇهہ مهينا مر جي تيل سان، ۽ ڇهہ مهينا چڱين خوشبوين ۽ زالن جي پاڪ ڪرڻ وارين شين سان)،


۽ بادشاهہ پنهنجي بادشاهت جي سڀني پرڳڻن ۾ عملدار مقرر ڪري تہ اُهي سڀ خوبصورت جوان ڪنواريون ڇوڪريون سوسن محلات ۾، ۽ زالن واري گهر ۾، آڻي گڏ ڪن، ۽ بادشاهہ جي ناظر ۽ زالن جي نگهبان هيجا جي حوالي ڪن؛ ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ کين شيون ڏنيون وڃن:


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ راڻي آستر کي ايوان ۾ بيٺل ڏٺو، تڏهن هن سندس نظر ۾ ڏاڍو مانُ لڌو: ۽ بادشاهہ سوني لٺ، جا هٿ ۾ هيس سا کڻي آستر ڏانهن جهليائين. تڏهن آستر ويجهو اچي لٺ جي چوٽيءَ کي هٿ لاتو.


۽ جن انهن کي قيد ڪيو هو، تن جي دل ۾ قياس وڌائين.


جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جا رستا خداوند کي راضي ڪن ٿا، تڏهن هو انهي جي دشمنن کي بہ هن سان صلح ۾ رهائي ٿو.


هاڻي خدا داني ايل کي ناظرن جي سردار جي نظر ۾ مان وارو ۽ رحم جوڳو ڪيو.


۽ کيس سڀني مصيبتن کان ڇڏايائين، ۽ دانائي بخشيائينس، سو هو فرعون وٽ قبول پيو، جنهن هن کي مصر ۽ پنهنجي سڄي گهر تي حاڪم ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ