Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 2:8 - Sindhi Bible

8 پوءِ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ جو حڪم ۽ جاري ٿيل فرمان ماڻهن ٻڌو، ۽ جڏهن گهڻيون ئي ڪنواريون ڇوڪريون سوسن جي محلات ۾ اچي گڏ ٿيون، ۽ هيجا جي حوالي ٿيون، تڏهن آستر بہ بادشاهہ جي گهر ۾، زالن جي سنڀاليندڙ هيجا جي حوالي ڪئي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 پوءِ جڏهن شهنشاهہ جي جاري ٿيل فرمان جو اعلان ڪيو ويو، تڏهن ڪيتريون ئي ڇوڪريون سوسن جي شاهي قلعي ۾ آڻي گڏ ڪيون ويون ۽ عورتن جي ناظر هيجا جي سنڀال هيٺ رکيون ويون. آستر کي بہ شهنشاهہ جي محل ۾ آندو ويو ۽ کيس هيجا جي سنڀال هيٺ رکيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 2:8
3 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جڏهن مردڪئيءَ جي چاچي ابيخيل جي ڌيءَ آستر، جنهن کي مردڪئي پنهنجي ڌيءَ ڪري پاليو هو، تنهن جو بادشاهہ وٽ وڃڻ جو وارو آيو، تڏهن جيڪي بادشاهہ جي ناظر، ۽ زالن جي نگهبان، هيجا، مقرر ڪري ڇڏيو هو، تنهن کانسواءِ هن ٻيو ڪي بہ ڪين گهريو. ۽ آستر، جنهن مٿس نظر ٿي ڪئي، تنهن کي ٿي وڻي.


۽ بادشاهہ پنهنجي بادشاهت جي سڀني پرڳڻن ۾ عملدار مقرر ڪري تہ اُهي سڀ خوبصورت جوان ڪنواريون ڇوڪريون سوسن محلات ۾، ۽ زالن واري گهر ۾، آڻي گڏ ڪن، ۽ بادشاهہ جي ناظر ۽ زالن جي نگهبان هيجا جي حوالي ڪن؛ ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ کين شيون ڏنيون وڃن:


۽ مون رويا ۾ ڏٺو؛ هاڻي هيئن هو تہ جڏهن مون ڏٺو تڏهن ڄاتم تہ سوسن جي محلات ۾ آهيان، جو عيلام جي پرڳڻي ۾ آهي؛ ۽ مون رويا ۾ ڏٺو تہ اولائي نديءَ جي ڪناري تي آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ