Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 2:7 - Sindhi Bible

7 ۽ هو هدساہ کي، يعني پنهنجي چاچي جي ڌيءَ آستر کي وٺي آيو: ڇالاءِ جو هن جو نڪو پيءُ هو نڪا ماءُ هئي، ۽ ڇوڪري خوبصورت ۽ حسين هئي؛ ۽ جڏهن هن جا پيءُ ماءُ مري ويا، تڏهن مردڪئي هن کي پنهنجي ڌيءَ ڪري پاليو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 مردڪئيءَ کي هدساہ نالي هڪ سئوٽ هئي، جنهن کي هن ڌيءَ ڪري پاليو هو، ڇو تہ هن کي ماءُ پيءُ ڪونہ هئا. اها ڇوڪري، جنهن کي آستر پڻ سڏيو ويندو هو سا منهن مهانڊي ۾ ڏاڍي سهڻي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 2:7
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي تنهنجا ٻہ پٽ، جي آءٌ تو وٽ مصر جي ملڪ ۾ آيس تنهن کان اڳي تو مان پيدا ٿيا آهن، سي منهنجا آهن: جيئن روبن ۽ شمعون منهنجا آهن، تيئن افرائيم ۽ منسي بہ منهنجا ٿيندا.


تہ راڻيءَ وشتيءَ کي شاهي تاج سان وٺي اچو، تہ عام ماڻهن کي، ۽ اميرن کي پنهنجو حسن ڏيکاري، ڇالاءِ جو اُها خوبصورت هئي.


هاڻي جڏهن مردڪئيءَ جي چاچي ابيخيل جي ڌيءَ آستر، جنهن کي مردڪئي پنهنجي ڌيءَ ڪري پاليو هو، تنهن جو بادشاهہ وٽ وڃڻ جو وارو آيو، تڏهن جيڪي بادشاهہ جي ناظر، ۽ زالن جي نگهبان، هيجا، مقرر ڪري ڇڏيو هو، تنهن کانسواءِ هن ٻيو ڪي بہ ڪين گهريو. ۽ آستر، جنهن مٿس نظر ٿي ڪئي، تنهن کي ٿي وڻي.


آستر اڃا تائين پنهنجي مٽي مائٽي ۽ قوم ظاهر نہ ڪئي هئي؛ جيئن ڪ مردڪئي تاڪيد ڪري ڇڏيو هوس: ڇالاءِ جو آستر مردڪئيءَ جو اڃا بہ اهڙو چيو مڃيندي هئي، جهڙو اڳي مڃيندي هئي، جڏهن وٽس پلي هئي.


انهيءَ ڏينهن بادشاهہ اخسويرس، يهودين جي دشمن هامان جو گهر راڻي آستر کي ڏيئي ڇڏيو. ۽ مردڪئي بادشاهہ جي حضور ۾ آيو؛ ڇالاءِ جو آستر ٻڌايو هوس تہ هو سندس ڇا ٿئي.


يا جي پنهنجو ٽڪر اڪيلو پاڻ کاڌو اٿم، ۽ انهيءَ مان ڪنهن يتيم بہ نہ کاڌو آهي؛


(نہ، بلڪ ننڍپڻ کان هو مون وٽ رهي وڏو ٿيو جيئن ڪو پيءُ وٽ رهي، ۽ ماءُ جي پيٽ مان ڄمڻ کان وٺي آءٌ بيواهہ جو رهبر ٿي رهيو آهيان؛)


۽ آئون اوهان جو پيءُ ٿيندس، ۽ اوهين منهنجا پٽ ۽ ڌيئرون ٿيندا. خداوند قادر مطلق ائين ٿو فرمائي.“


اي پيئرو، اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري نہ ڪاوڙايو، بلڪ کين خداوند جي تعليم ۽ تربيت ڏيئي سندن پرورش ڪريو.


ڏسو، پيءُ اسان سان ڪهڙي نہ محبت ڪئي آهي، جو اسين خدا جا ٻار ٿا سڏجون: ۽ اسين آهيون بہ. دنيا اسان کي انهي ڪري نٿي سڃاڻي جو اها کيس بہ سڃاڻي نہ سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ