Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 2:23 - Sindhi Bible

23 ۽ جڏهن انهيءَ ڳالهہ جي جاچ ڪئي ويئي، ۽ معلوم ٿيو تہ اها سچي آهي، تڏهن انهن ٻنهي کي هڪڙي وڻ تي لٽڪائي ڇڏيائون: ۽ اها ڳالهہ بادشاهہ جي روبرو تواريخ جي ڪتاب ۾ لکي ويئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 جڏهن انهيءَ ڳالهہ جي جاچ پڙتال ڪئي ويئي ۽ معلوم ٿيو تہ اها ڳالهہ سچي آهي، تڏهن انهن ٻنهي کي ڦاسيءَ تي لٽڪايو ويو. اهو سڀ ڪجھہ شهنشاهہ جي روبرو شاهي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 2:23
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ٽن ڏينهن جي اندر فرعون تنهنجي سسي لهرائي توکي وڻ تي لٽڪائي ڇڏيندو؛ ۽ پکي تنهنجو ماس تو مان ڇني کائيندا.


پر سردار بورچيءَ کي ڦاسيءَ تي چاڙهيائين، جيئن ڪ يوسف هنن کي تعبير ڪري ٻڌايو هو.


انهيءَ لاءِ تہ تنهنجي ابن ڏاڏن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ ڳولا ڪرڻ ۾ اچي: جنهن مان توکي تواريخ جي ڪتاب ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، ۽ معلوم ٿيندو، تہ هي شهر هڪڙو باغي شهر آهي، ۽ انهيءَ مان بادشاهن ۽ پرڳڻن کي نقصان آهي، ۽ هنن اڳي بہ انهيءَ ساڳي هنڌ فساد برپا ڪيو آهي: انهيءَ سبب هي شهر ويران ٿي ويو هو.


۽ سندس طاقت ۽ زور جا ڪم، ۽ مردڪئي جي بزرگيءَ جو احوال، جنهن تائين بادشاهہ هن جو درجو وڌايو، تنهن جو پورو بيان مادي ۽ فارس جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟


تڏهن سندس زال زرش ۽ ٻين سڀني دوستن چيس تہ پنجاهہ هٿن جي هڪڙي وڏي سوري جوڙاءِ، ۽ سڀاڻي صبح جو بادشاهہ کي چئُہ تہ مردڪئي کي اُنهيءَ تي لٽڪائي ڇڏي: پوءِ خوشيءَ سان بادشاهہ سان گڏجي مهماني تي وڃج. اها ڳالهہ هامان کي وڻي؛ ۽ هن سوري ٺهرائي.


انهيءَ رات بادشاهہ کي ننڊ نہ آئي؛ ۽ هن حڪم ڏنو تہ تواريخ جا ڪتاب کڻي اچو، ۽ اُهي بادشاهہ جي اڳيان پڙهيا ويا.


تڏهن هنن هامان کي انهيءَ سوريءَ تي وڃي چاڙهيو، جا هن مردڪئي جي لاءِ تيار ڪئي هئي. تڏهن بادشاهہ جي ڪاوڙ ڍري ٿي.


تڏهن جيڪي خدا ترس هئا، تن هڪٻئي سان گفتگو ڪئي: ۽ خداوند ڪَن ڏنو ۽ ٻُڌو، ۽ جن کي خداوند جو خوف هو، ۽ جن سندس نالي تي ڌيان ٿي ڏنو، تن جي لاءِ سندس حضور ۾ يادگاريءَ جو ڪتاب لکيو ويو.


۽ عئي جي بادشاهہ کي هن وڻ تي ڦاسي ڏني، ۽ هو شام تائين اُتي لٽڪيو پيو هو: ۽ جنهن وقت سج لٿو، تنهن وقت يشوع حڪم ڏنو تہ انهي جو لاش وڻ تان هيٺ لاهين، ۽ شهر جي اندر اچڻ واري دروازي وٽ اُڇلائي ڇڏين، ۽ انهي جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير رکي ڇڏين، ۽ اهو اڄ ڏينهن تائين اُتي موجود آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ