Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 2:21 - Sindhi Bible

21 انهن ڏينهن ۾، جڏهن مردڪئي بادشاهہ جي دروازي تي ويٺو هو، تہ بادشاهہ جا ٻہ ناظر، بگتان ۽ ترش، جي دروازي جي نگهبانن مان هئا، سي ڪاوڙيا، ۽ ارادو ڪيائون تہ بادشاهہ اخسويرس سان دست درازي ڪن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 جن ڏينهن ۾ مردڪئي شاهي قلعي جي دروازي وٽ مقرر هو تن ڏينهن ۾ شاهي آرام‌گاهہ جا ٻہ خواجہ‌سرا محافظ بگتان ۽ ترش شهنشاهہ تي اچي ڪاوڙيا ۽ کيس قتل ڪرڻ جي سازش رٿيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 2:21
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود ابيشيءَ کي ۽ پنهنجن سڀني نوڪرن کي چيو تہ ڏس، منهنجو پٽ جو منهنجن آنڊن مان نڪتو آهي، سو منهنجي مارڻ جي پٺيان آهي: تڏهن هاڻي هي بنيميني ڪيترو نہ وڌيڪ ائين ڪري ٿو سگهي؟ ڇڏي ڏيوس تہ ڀلي پيو لعنت وجهي؛ ڇالاءِ جو خداوند هن کي حڪم ڏنو آهي.


۽ هن جو نوڪر زمري، جو سندس رٿن مان اڌ حصي جو داروغو هو، تنهن سندس برخلاف منصوبو ڪيو: هاڻي هو (يعني بادشاهہ) ترضہ ۾ ارضہ جي گهر، جو سندس گهر جي ڪم ڪار جي مٿان رکيل هو، شراب پي مست ٿيو پيو هو.


۽ هن جا نوڪر اُٿيا ۽ منصوبو ڪيائون ۽ ملو جو گهر، جو سلا جي لاهيءَ تي آهي، تنهن وٽ يوآس کي ماريائون.


۽ امون جي نوڪرن هن جي برخلاف منصوبو ڪيو ۽ بادشاهہ کي سندس گهر منجهہ ئي ماري ڇڏيائين.


۽ اخسويرس جي بادشاهيءَ جي شروع ۾، هنن يهوداہ ۽ يروشلم جي ماڻهن جي برخلاف هڪڙي فرياد لکي.


۽ جڏهن ٻيو ڀيرو ڪنواريون زالون گڏ ٿيون، تڏهن مردڪئي بادشاهہ جي دروازي تي ويٺو هو.


انهيءَ رات بادشاهہ کي ننڊ نہ آئي؛ ۽ هن حڪم ڏنو تہ تواريخ جا ڪتاب کڻي اچو، ۽ اُهي بادشاهہ جي اڳيان پڙهيا ويا.


انهيءَ ۾ لکيل هو تہ بادشاهہ جا ٻہ ناظر، بگتانا ۽ ترش، جي در جي نگهباني ڪندا هئا، ۽ جن بادشاهہ اخسويرس سان دست درازي ڪرڻ ٿي گهري، تن جي مردڪئي خبر ڏني هئي.


اُهو ئي آهي جو بادشاهن کي نجات ٿو ڏئي: هو پنهنجي بندي دائود کي ڏکوئيندڙ ترار کان بچائي ٿو.


۽ داني ايل جي عرض ڪرڻ تي بادشاهہ سدرڪ، ميسڪ ۽ عبدنجو کي بابل جي پرڳڻي جي ڪمن ڪارن تي مقرر ڪيو: پر داني ايل بادشاهہ جي درٻار ۾ رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ