Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 2:17 - Sindhi Bible

17 ۽ بادشاهہ آستر کي ٻين سڀني زالن کان زيادہ پيار ڪيو، ۽ ٻين سڀني ڪنوارين زالن کان هن بادشاهہ جي نظر ۾ وڌيڪ مانُ ۽ شانُ لڌو؛ ايتري قدر جو هن شاهي ڇٽ کڻي سندس مٿي تي رکيو، ۽ کيس وشتيءَ جي جاءِ تي کڻي راڻي ڪيائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 شهنشاهہ سڀني عورتن کان وڌيڪ آستر سان پيار ڪيو ۽ آستر سڀني ڇوڪرين کان وڌيڪ شهنشاهہ جي نظر ۾ مان لڌو ۽ کيس پسند آئي. سو شهنشاهہ شاهي تاج کڻي سندس مٿي تي رکيو ۽ کيس وشتيءَ جي جاءِ تي راڻي بڻايائين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 2:17
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ راڻيءَ وشتيءَ کي شاهي تاج سان وٺي اچو، تہ عام ماڻهن کي، ۽ اميرن کي پنهنجو حسن ڏيکاري، ڇالاءِ جو اُها خوبصورت هئي.


نيٺ آستر کي بادشاهہ اخسويرس جي شاهي گهر ۾، سندس بادشاهيءَ جي ستين سال جي ڏهين مهيني، يعني طيبت مهيني ۾ وٽس وٺي آيا.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن هن وقت تون اصل ماٺ ڪري ويهندينءَ، تہ يهودين جو ڇوٽڪارو ۽ بچاءُ ٻئي هنڌان پيدا ٿيندو، پر تون ۽ تنهنجي پيءُ جو گهراڻو چٽ ٿي ويندو: ڪنهن کي خبر تہ تون ههڙي وقت جي لاءِ بادشاهت ۾ نہ آئي آهين؟


تنهن جي لاءِ شاهي پوشاڪ، جا بادشاهہ ڍڪيندو آهي، ۽ جنهن گهوڙي تي بادشاهہ چڙهندو آهي، ۽ جنهن جي مٿي تي بادشاهي ڇٽ رکڻ ۾ ايندو آهي، سو آڻجي:


بادشاهہ جي دل خداوند جي هٿ ۾ پاڻيءَ جي نهرن وانگي آهي: هو انهيءَ کي جيڏانهن وڻيس ٿو تيڏانهن ڦيرائي ٿو.


۽ جهنگ جا سڀ وڻ ڄاڻندا تہ مون، خداوند، اهو وڏو وڻ هيٺ ڪيرايو آهي، ۽ ننڍي وڻ کي وڌائي مٿي ڪيو اٿم؛ ۽ سائي وڻ کي سُڪائي ڇڏيو اٿم، ۽ سُڪل وڻ کي سائو ڪري وڌايو اٿم: مون خداوند اها ڳالهہ ڪئي آهي ۽ اهو ڪم ڪيو اٿم.


هو غريب کي مٽيءَ مان مٿي کڻي ٿو، هو محتاجن کي ڪچري جي ڍير تان مٿي کڻي وٺي ٿو. انهي لاءِ تہ هنن کي شهزادن سان گڏ ويهاري، ۽ جلال جو تخت ورثي ۾ ڏياري: ڇالاءِ جو زمين جا بنياد خداوند جا آهن، ۽ هن جهان انهن تي بيهاريو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ