Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 2:14 - Sindhi Bible

14 شام جو هوءَ ويندي هئي ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو ٻئي زنانخاني ۾ موٽي اچي شعشجز جي حوالي ڪئي ويندي هئي، جو بادشاهہ جو ناظر هو، ۽ سريتن جي نگهباني ڪندو هو: هوءَ وري ٻيو ڀيرو بادشاهہ وٽ نہ ايندي هئي، سواءِ ان جي تہ اُها بادشاهہ کي پسند اچي، ۽ اُهو نالي سان کيس وري گهرائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 هوءَ شام جو شهنشاهہ وٽ ويندي هئي ۽ صبح جو اُتان موٽي ٻئي حرم خاني ۾ ويندي هئي جتان جو ناظم شعشجز خواجہ‌سرا هوندو هو. هو شهنشاهہ جي سريتن جو نگران هو. اُها ڇوڪري وري ٻيهر شهنشاهہ وٽ موٽي نہ ويندي هئي، ايستائين جو شهنشاهہ انهيءَ مان پاڻ خوش هجي ۽ سندس نالو وٺي کيس ٻيهر نہ سڏائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 2:14
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هن جوان ماڻهوءَ انهيءَ ڪم ڪرڻ ۾ دير ڪانہ ڪئي؛ ڇالاءِ جو هن جي يعقوب جي ڌيءَ تي ڏاڍي دل هئي، ۽ هو پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ سڀني کان وڌيڪ عزت وارو هو.


تڏهن ڇوڪري بادشاهہ وٽ هن طرح ايندي هئي، تہ جيڪي گهرندي هئي، تہ زنانخاني مان بادشاهہ جي گهر تائين وڃڻ لاءِ کيس ملي، سو کيس ڏنو ويندو هو.


هاڻي جڏهن مردڪئيءَ جي چاچي ابيخيل جي ڌيءَ آستر، جنهن کي مردڪئي پنهنجي ڌيءَ ڪري پاليو هو، تنهن جو بادشاهہ وٽ وڃڻ جو وارو آيو، تڏهن جيڪي بادشاهہ جي ناظر، ۽ زالن جي نگهبان، هيجا، مقرر ڪري ڇڏيو هو، تنهن کانسواءِ هن ٻيو ڪي بہ ڪين گهريو. ۽ آستر، جنهن مٿس نظر ٿي ڪئي، تنهن کي ٿي وڻي.


بادشاهہ جا سڀ ملازم، ۽ بادشاهہ جي پرڳڻن جا ماڻهو، چڱيءَ طرح ڄاڻن ٿا، تہ ڪوبہ مرد يا زال، جو بنا ڪوٺ اندرينءَ جاءِ ۾ بادشاهہ وٽ لنگهي ايندو، تنهن جي لاءِ هڪڙو ئي قاعدو آهي، تہ قتل ڪيو ويندو، سواءِ اُنهيءَ جي، جنهن ڏانهن پاڻ بادشاهہ پنهنجي سوني لٺ ڪڍي جهلي تہ انهيءَ کي جيئدان ملي: پر هنن ٽيهن ڏينهن ۾ بادشاهہ اندر اچڻ لاءِ مون کي نہ سڏيو آهي.


پر هاڻي اي يعقوب، خداوند جنهن توکي پيدا ڪيو آهي، ۽ اسرائيل جنهن توکي جوڙيو آهي، سو هيئن ٿو فرمائي: تہ ڊڄ نہ، ڇالاءِ جو مون تنهنجو عيوضو ڏنو آهي؛ مون تنهنجو نالو وٺي توکي سڏيو آهي، تون منهنجو آهين.


مون پنهنجي بندي يعقوب، ۽ پنهنجي چونڊيل اسرائيل جي خاطر توکي تنهنجو نالو وٺي سڏيو آهي: جيتوڻيڪ تون مون کي نٿو سڃاڻين، تڏهن بہ مون توکي لقب ڏنو آهي.


۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن تون انهيءَ مان خوش نہ ٿيندين، تہ انهي کي ڇڏي ڏج تہ جيڏانهن وڻيس اوڏانهن وڃي؛ پر تون انهيءَ کي پئسن تي هرگز نہ وڪڻج، تون انهيءَ سان ٻانهيءَ جهڙي هلت ڪج، ڇالاءِ جو تو انهيءَ جي آبرو ورتي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ