Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 2:12 - Sindhi Bible

12 هاڻي جڏهن سڀ ڪنهن ڇوڪريءَ جو وارو بادشاهہ اخسويرس وٽ اندر وڃڻ جو آيو، جنهن کان اڳي زالن جي قاعدي موجب ٻارهن مهينن تائين هن سان جيڪي ڪرڻو هو، سو ڪيو ويو، (ڇالاءِ جو زالن جي پاڪ ڪرڻ جا ڏينهن هن طرح پورا ٿيندا هئا، يعني ڇهہ مهينا مر جي تيل سان، ۽ ڇهہ مهينا چڱين خوشبوين ۽ زالن جي پاڪ ڪرڻ وارين شين سان)،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ڪنهن بہ ڇوڪريءَ جي شهنشاهہ وٽ حاضر ٿيڻ کان اڳ ۾ هن کي ٻارهن مهينا هار سينگار لاءِ ڏنا ويا. اهي هن طرح جو هر هڪ ڇوڪريءَ کي ڇهہ مهينا مُر جو تيل مهٽڻو هو ۽ ڇهہ مهينا مختلف قسم جي خوشبوءِ هڻڻ ۽ ٻيا هار سينگار ڪرڻا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 2:12
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مردڪئي هر روز زنانخاني جي ايوان اڳيان پيو ايندو ويندو هو، انهيءَ لاءِ تہ معلوم ڪري تہ آستر ڪيئن آهي، ۽ سندس ڪهڙو حال ٿو ٿئي.


تڏهن ڇوڪري بادشاهہ وٽ هن طرح ايندي هئي، تہ جيڪي گهرندي هئي، تہ زنانخاني مان بادشاهہ جي گهر تائين وڃڻ لاءِ کيس ملي، سو کيس ڏنو ويندو هو.


۽ بادشاهہ پنهنجي بادشاهت جي سڀني پرڳڻن ۾ عملدار مقرر ڪري تہ اُهي سڀ خوبصورت جوان ڪنواريون ڇوڪريون سوسن محلات ۾، ۽ زالن واري گهر ۾، آڻي گڏ ڪن، ۽ بادشاهہ جي ناظر ۽ زالن جي نگهبان هيجا جي حوالي ڪن؛ ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ کين شيون ڏنيون وڃن:


۽ اها ڇوڪري هن کي وڻي ۽ هو مٿس مهربان ٿيو؛ ۽ سگهو ئي هن کي سندس شيون پاڪ ٿيڻ لاءِ ڏنائين، ۽ سندس ڏاج بہ، ۽ ست سهيليون بہ، جي بادشاهہ جي گهر مان هن کي ڏيڻ جي لائق هيون: ۽ هن انهيءَ کي، ۽ اُن جي سهيلين کي زنانخاني جي سڀ کان سٺي جاءِ ۾ آندو.


مون پنهنجي هنڌ کي مر ۽ عود ۽ دالچينيءَ سان خوشبوءِ دار ڪيو آهي.


اهو ڪير آهي جو بيابان مان دونهين جي ٿنڀن وانگر، خوشبودار ۽ مر ۽ لوبان سان، سوداگرن جي سڀني شين سان ڀريل ٿو اچي؟


۽ هيئن ٿيندو تہ خوشبودار مصالحن جي عيوض گندگي ٿيندي؛ ۽ ڪمر بند جي عيوض رسو ٿيندو؛ ۽ سينگاريل وارن جي عيوض گنجائي؛ ۽ سينہ بند جي عيوض کٿو ٿيندا: سونهن جي عيوض ڏنڀ.


تون تيل مکي بادشاهہ وٽ وئينءَ، ۽ تو وڌيڪ سرهاڻيون مکي پنهنجي ايلچي پري پري موڪليا، ۽ پاڻ کي بي عزت ڪري پاتال تائين پهچايئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ