Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 2:10 - Sindhi Bible

10 آستر پنهنجي قوم، ۽ پنهنجي مٽي مائٽي ظاهر نہ ڪئي هئي: ڇالاءِ جو مردڪئيءَ تاڪيد ڪري ڇڏيو هوس تہ اُها ظاهر نہ ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 آستر پنهنجي يهودي قوميت ۽ خاندان کي ظاهر نہ ڪيو، ڇاڪاڻ تہ مردڪئيءَ کيس ائين ڪرڻ کان منع ڪئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 2:10
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ مردڪئي هر روز زنانخاني جي ايوان اڳيان پيو ايندو ويندو هو، انهيءَ لاءِ تہ معلوم ڪري تہ آستر ڪيئن آهي، ۽ سندس ڪهڙو حال ٿو ٿئي.


آستر اڃا تائين پنهنجي مٽي مائٽي ۽ قوم ظاهر نہ ڪئي هئي؛ جيئن ڪ مردڪئي تاڪيد ڪري ڇڏيو هوس: ڇالاءِ جو آستر مردڪئيءَ جو اڃا بہ اهڙو چيو مڃيندي هئي، جهڙو اڳي مڃيندي هئي، جڏهن وٽس پلي هئي.


۽ هو هدساہ کي، يعني پنهنجي چاچي جي ڌيءَ آستر کي وٺي آيو: ڇالاءِ جو هن جو نڪو پيءُ هو نڪا ماءُ هئي، ۽ ڇوڪري خوبصورت ۽ حسين هئي؛ ۽ جڏهن هن جا پيءُ ماءُ مري ويا، تڏهن مردڪئي هن کي پنهنجي ڌيءَ ڪري پاليو.


۽ هامان بادشاهہ اخسويرس کي چيو تہ هڪڙي قوم آهي، جا بادشاهت جي سڀني پرڳڻن ۾ ۽ ٻين قومن ۾، گڏيل ۽ پري پري پکڙيل آهي؛ ۽ انهن جا قاعدا ٻين سڀني قومن جي قاعدن کان علحدا آهن؛ هو بادشاهہ جي قاعدن تي نٿا هلن: تنهنڪري انهن کي ائين ڇڏي ڏيڻ مان بادشاهہ کي ڪوبہ فائدو ڪونهي.


ڇالاءِ جو آءٌ ۽ منهنجي قوم وڪيا ويا آهيون، انهيءَ لاءِ تہ ناس ٿيون، ۽ مارجي چٽ ٿي وڃون. پر جي اسين ٻانها ۽ ٻانهيون ٿي وڪامون ها تہ آءٌ ماٺ ڪري ويهان ها، جيتوڻيڪ دشمن بادشاهہ جي نقصان جو ڪوبہ عيوضو ڏيئي نہ سگهي ها.


ڏسو آئون اوهان کي رڍن وانگر بگهڙن منجهہ ٿو موڪليان، تنهنڪري اوهين سپن وانگر سياڻا، ۽ ڪبوترن وانگر غريب ٿجو.


اي ٻارو، خداوند ۾ پنهنجي ماءُ پيءُ جي فرمانبرداري ڪريو: ڇالاءِ جو اهو واجب آهي.


۽ هوءَ ڳاهڻ واري پڙ ڏانهن ويئي، ۽ سڀ جيڪي سسڻس چيو هوس تيئن ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ