Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 10:3 - Sindhi Bible

3 ڇالاءِ جو مردڪئي يهودي، بادشاهہ اخسويرس کانپوءِ، ٻئي درجي جو هو، ۽ يهودين ۾ وڏو هو، ۽ پنهنجن سڀني ڀائرن وٽ قبول پيو هو؛ ۽ پنهنجي قوم جو ڀلو گهرندڙ هو، ۽ پنهنجي سڄي نسل سان سلامتيءَ جون ڳالهيون ڪندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 مردڪئي جو درجو شهنشاهہ اخسويرس کان پوءِ ٻئي نمبر تي هو. هو سڀني يهودين جو وڏو هو ۽ سڀيئي يهودي سندس عزت ڪندا هئا، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي يهودي قوم جو خيرخواهہ هو ۽ پنهنجي سڄي يهودي نسل جي فلاح وَ بهبود لاءِ آواز اٿاريندڙ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 10:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون منهنجي گهر جو مختيار ٿي، ۽ ساريءَ رعيت تي پنهنجيءَ مرضي موجب حڪم هلاءِ: فقط تخت جي مالڪ هئڻ ڪري، منهنجو درجو تو کان مٿي ٿيندو.


تون جشن جي علائقي ۾ اچي رهندين، تہ تون، ۽ تنهنجا پٽ پوٽا، ۽ تنهنجا ڍور ۽ ڌڻ، ۽ ٻيو جيڪي بہ تو وٽ آهي، سو مون کي ويجهو ٿئي:


۽ اتي آءٌ تنهنجي پرورش ڪندس؛ ڇالاءِ جو اڃا ڏڪار جا پنج ورهيہ پيا آهن؛ متان تون، ۽ تنهنجو خاندان، ۽ ٻيا جيڪي تو وٽ آهن، سي ڪنگال ٿي پون.


۽ ذڪري، جو افرائيم جو هڪڙو زور وارو ماڻهو هو، تنهن بادشاهہ جي پٽ معسياہ، ۽ گهر جي سردار عزريقام، ۽ بادشاهہ جي نائب القانہ کي قتل ڪيو.


۽ جڏهن سنبلط حوروني، ۽ طوبياہ نالي عموني غلام، اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا رنج ٿيا تہ ڪو ماڻهو بني اسرائيل جي ڀلائي ڪرڻ لاءِ آيو هو.


سوسن جي محلات ۾ هڪڙو يهودي هوندو هو، جنهن جو نالو مردڪئي بن يائر، بن سمعي، بن قيس هو؛ ۽ هو بنيمين جو هو؛


۽ بادشاهہ جا سڀ ملازم جي بادشاهہ جي دروازي تي هوندا هئا، سي هامان جي اڳيان ڪنڌ جهڪائي سلام ڪندا هئا ۽ تعظيم ڏيندا هئس، ڇالاءِ جو اهو بادشاهہ جو حڪم هو، پر مردڪئي نڪو ڪنڌ جهڪايو، نڪا هن کي تعظيم ڏنائين.


پر مون تنهنجي بابت ٻڌو آهي تہ تون مطلب سمجهائي ۽ شڪ لاهي ٿو سگهين. هاڻي جيڪڏهن تون هي لکيو پڙهي سگهندين ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندين، تہ پوءِ توکي واڱڻائي خلعت ڍڪائبي ۽ سون جو هار توکي پارائبو، ۽ تون بادشاهت ۾ ٽيون حاڪم ٿيندين.


تڏهن بيلشضر حڪم ڏنو ۽ داني ايل کي واڱڻائي خلعت ڍڪيائون، ۽ سون جو هار سندس ڳچيءَ ۾ وڌائون، ۽ سندس بابت اشتهار ڪيائون تہ هو بادشاهت جو ٽيون حاڪم شمار ڪيو وڃي.


تڏهن اهو داني ايل انهن وزيرن ۽ والين ۾ برک ٿي ويو، ڇالاءِ جو منجهس هڪڙو تمام چڱو روح هو: ۽ بادشاهہ ارادو ڪيو تہ هن کي سڄي ملڪ جي مٿان مقرر ڪري.


اي ڀائرو، منهنجي دلي خواهش، ۽ هنن جي لاءِ خدا اڳيان منهنجو سوال اهو آهي، تہ شل کين نجات ملي.


۽ جيڪو انهيءَ طرح مسيح جي خدمت ٿو ڪري سو خدا کي پسند آهي، ۽ ماڻهن وٽ قبول پيل آهي.


پر سڀ اسرائيلي ۽ يهوداہ جا ماڻهو دائود کي پيار ڪندا هئا؛ ڇالاءِ جو هو سندن اڳيان پيو ايندو ويندو هو.


۽ هن کي چيائين تہ ڊڄ نہ: ڇالاءِ تہ منهنجي پيءُ سائول جو هٿ توکي نہ لهندو، ۽ تون اسرائيل جو بادشاهہ ٿيندين، ۽ توکان پوءِ منهنجو درجو ٿيندو؛ ۽ انهي جي بہ منهنجي پيءُ کي خبر آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ