Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 10:2 - Sindhi Bible

2 ۽ سندس طاقت ۽ زور جا ڪم، ۽ مردڪئي جي بزرگيءَ جو احوال، جنهن تائين بادشاهہ هن جو درجو وڌايو، تنهن جو پورو بيان مادي ۽ فارس جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهي ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 شهنشاهہ جي طاقت ۽ زور جا سمورا ڪم، مردڪئيءَ جي عظمت جو احوال، جنهن تان شهنشاهہ سندس درجو وڌايو، تن جو بيان مادئي ۽ فارس جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 10:2
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي سليمان جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي بہ هن ڪيو، ۽ سندس سياڻپ، سي سڀ سليمان جي ڪمن واري ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟


۽ يربعام جا باقي ٻيا ڪم، تہ ڪيئن هن جنگ ڪئي، ۽ ڪيئن بادشاهي ڪيائين، سي ڏس اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل آهن.


هاڻي اخي آب جا باقي ٻيا ڪم ۽ ٻيو جيڪي هن ڪيو، ۽ عاج جو گهر، جو هن جوڙايو، ۽ سڀ شهر، جي هن اڏايا، اهي سڀ اسرائيل جي بادشاهن جي تواريخ جي ڪتاب ۾ لکيل نہ آهن ڇا؟


۽ جڏهن انهيءَ ڳالهہ جي جاچ ڪئي ويئي، ۽ معلوم ٿيو تہ اها سچي آهي، تڏهن انهن ٻنهي کي هڪڙي وڻ تي لٽڪائي ڇڏيائون: ۽ اها ڳالهہ بادشاهہ جي روبرو تواريخ جي ڪتاب ۾ لکي ويئي.


انهيءَ رات بادشاهہ کي ننڊ نہ آئي؛ ۽ هن حڪم ڏنو تہ تواريخ جا ڪتاب کڻي اچو، ۽ اُهي بادشاهہ جي اڳيان پڙهيا ويا.


۽ مردڪئي بادشاهہ جي حضور مان آسماني ۽ اڇي رنگ جي شاهي پوشاڪ ۾، ۽ هڪڙي وڏي سوني ڇٽ، ۽ هڪڙي عمدي سڻيءَ جي ۽ واڱڻائي رنگ جي قبا سان نڪري آيو: ۽ سوسن جو شهر نعرا هڻي خوش ٿيو.


۽ بادشاهہ پنهنجي مُنڊي، جيڪا هامان کان ورتي هئائين، سا لاهي مردڪئي کي ڏني. ۽ آستر مردڪئي کي هامان جي گهر تي رکيو.


ڇالاءِ جو مردڪئي بادشاهہ جي گهر ۾ وڏو هو، ۽ هن جي ناموس سڀني پرڳڻن ۾ پکڙجي ويئي هئي: انهي لاءِ جو اهو شخص مردڪئي وڌندو ويو.


تو مون کي پنهنجي نجات جي ڍال ڏني آهي: ۽ تنهنجي ساڄي هٿ منهنجي سنڀال ڪئي آهي، ۽ تنهنجيءَ مروت مون کي عظمت ڏني آهي.


تڏهن بادشاهہ داني ايل کي وڏي عزت ڏني، ۽ هن کي گهڻا ئي وڏا انعام ڏنائين، ۽ بابل جي سڄي پرڳڻي تي حڪمران مقرر ڪيائينس، ۽ بابل جي سڀني ڏاهن ماڻهن تي وڏو حاڪم ڪيائينس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ