Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 1:6 - Sindhi Bible

6 اڇي ڪپڙي، ۽ سائي ۽ نيري رنگ جا پردا، عمدي سڻيءَ ۽ واڱڻائي رنگ جي رسن سان، چانديءَ جي ڇلن ۽ سنگ مرمر جي ٿنڀن سان ٻڌل هئا: ڳاڙهي، ۽ اڇي، ۽ پيلي، ۽ ڪاري سنگ مرمر جي فرش تي سون ۽ چانديءَ جا پلنگ رکيل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اتي اڇي ۽ نيري رنگ جا سوٽي پردا، واڱڻائيءَ رنگ جي سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڏورين سان چانديءَ جي انهن ڇلن ۾ ٻڌل هئا جيڪي سنگ مرمر جي ٿنڀن سان لٽڪيل هئا. ڳاڙهي، اڇي، پيلي ۽ ڪاري رنگ جي پٿرن جي فرش تي سون ۽ چانديءَ جا پلنگ رکيل هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 1:6
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بادشاهہ محلات واري باغ مان موٽي شراب جي مجلس واري هنڌ آيو: ۽ جنهن پلنگ تي آستر هئي، انهيءَ تي هامان ڪِريو پيو هو. تڏهن بادشاهہ چيو تہ هو گهر ۾، منهنجي روبرو راڻيءَ سان زور زبردستي ڪرڻ ٿو گهُري ڇا؟ بادشاهہ جي واتان انهن لفظن نڪرڻ تي هنن هامان جو منهن کڻي ڍڪيو.


۽ مردڪئي بادشاهہ جي حضور مان آسماني ۽ اڇي رنگ جي شاهي پوشاڪ ۾، ۽ هڪڙي وڏي سوني ڇٽ، ۽ هڪڙي عمدي سڻيءَ جي ۽ واڱڻائي رنگ جي قبا سان نڪري آيو: ۽ سوسن جو شهر نعرا هڻي خوش ٿيو.


وري تون خيمي جي لاءِ ڏهہ پردا سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي ۽ آسماني، واڱڻائي ۽ قرمزي رنگ جا جوڙج، جنهن ۾ اُستاد ڪاريگر جا جوڙيل ڪروبي هجن.


۽ هڪڙي شاهي بستري تي چڙهي ويٺينءَ ۽ تو انهي جي اڳيان هڪڙي ميز ٺاهي رکي، جنهن تي تو منهنجو لوبان ۽ منهنجو تيل رکيو.


۽ سڀ ڪنهن قربانگاهہ جي پاسي ۾ گروي ورتل ڪپڙن تي ليٽن ٿا، ۽ پنهنجي خدا جي گهرن ۾، جن تي ڏنڊ پيل آهي، تن جو شراب ٿا پيئن.


خداوند ٿو فرمائي، تہ جيئن ڌنار شينهن جي وات مان ٻہ ٽنگون يا ڪن جو ٽڪر ڇڏائي ٿو، تيئن ماڻهو اسرائيل جي سامريہ ۾ پلنگن ۽ ريشمي گادين تي ويٺا آهن، سي بہ ڇڏيا ويندا.


جي عاج جي پلنگن تي سمهو ٿا، ۽ پنهنجن بسترن تي ڊگها ٿي ليٽو ٿا؛ ۽ ڌڻن مان گهيٽا ۽ واڙي مان گابا ڪڍي کائو ٿا؛


پر هن انڪار ڪري چيو تہ آءٌ ڪين کائيندس. پر هن جي نوڪرن انهي زال سان گڏجي کيس گهڻو زور ڪيو؛ تڏهن هن انهن جي ڳالهہ مڃي ۽ هو زمين تان اُٿي کٽ تي ويٺو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ