Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 1:4 - Sindhi Bible

4 تڏهن هن گهڻن ڏينهن تائين، يعني هڪ سؤ اسي ڏينهن تائين، وڏي بادشاهت جي دولت، ۽ پنهنجي وڏي عظمت ۽ عزت پئي ڏيکاري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 پورا ڇهہ مهينا هن پنهنجي وسيع شهنشاهت جي دولت ۽ پنهنجي شان وَ شوڪت جو ڏيکاءُ پئي ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 1:4
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ خداوند ساري اسرائيل جي نگاهہ ۾ سليمان کي نهايت سرفراز ڪيو، ۽ کيس اهڙو شاهاڻو شان بخشيائين، جهڙو کانئس اڳي اسرائيل ۾ ڪنهن بہ بادشاهہ کي نصيب نہ ٿيو هو.


تڏهن، سندس بادشاهيءَ جي ٽئين سال ۾، هن پنهنجن سڀني اميرن ۽ ملازمن جي مهماني ڪئي؛ فارس ۽ مادي جا زور وارا ماڻهو، ۽ پرڳڻن جا امير ۽ والي، اچي وٽس حاضر ٿيا:


جڏهن اهي ڏينهن پورا ٿيا، تڏهن جيڪي ماڻهو، وڏا توڙي ننڍا، سوسن جي محلات ۾ حاضر هئا، تن جي بادشاهہ جي محلات جي باغ جي ايوان ۾ هن ستن ڏينهن تائين مهماني ڪئي؛


هاڻي پاڻ کي شان شوڪت سان سينگار؛ ۽ پاڻ کي عزت ۽ جلال سان تيار ڪر.


آءٌ تنهنجي جلال واري شان ۽ شوڪت تي، ۽ تنهنجي عجيب ڪمن تي غور ڪندو رهندس.


تنهنجيءَ نجات ۾ هن جو وڏو جلال آهي: تون هن کي شان ۽ شوڪت عطا ٿو ڪرين.


اي پهلوان، تنهنجي ترار جا تنهنجي حشمت ۽ تنهنجو شان آهي، سا پنهنجيءَ چيلهہ سان ٻڌ.


خداوند بادشاهي ٿو ڪري؛ هو حشمت سان پهريل آهي؛ خداوند طاقت سان ڍڪيل آهي، جا هن پنهنجيءَ چيلهہ سان ٻڌي آهي: جهان بہ اهڙو قائم ڪيل آهي جو ڪوبہ انهي کي مٽائي نٿو سگهي.


۽ حزقياہ انهن جي اچڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ انهن کي پنهنجا خزانا، يعني چاندي، ۽ سون، ۽ مصالحہ ۽ قيمتي تيل، ۽ پنهنجن هٿيارن جو سڄو گهر، ۽ جيڪي بہ سندس خزانن ۾ موجود هو سو سڀ ڏيکاريائين: سندس گهر ۾ اهڙي ڪابہ شيءِ ڪانہ هئي جا حزقياہ هنن کي نہ ڏيکاري.


پنهنجي وڏي سياڻپ سان ۽ پنهنجي سوداگريءَ سان تو پنهنجي دولت وڌائي آهي، ۽ انهي دولت جي ڪري تنهنجي دل مٿي چڙهي وئي آهي:


تڏهن بادشاهہ چيو، تہ هي اُهو وڏو بابل ناهي ڇا، جو مون بادشاهہ جي رهڻ لاءِ پنهنجي اختياريءَ جي طاقت سان، ۽ پنهنجي وڏائيءَ جي شان ۽ شوڪت سان جوڙايو آهي؟


انهي ساڳي وقت منهنجي سمجهہ مون وٽ موٽي آئي؛ ۽ پنهنجي بادشاهت جي شان ۽ شوڪت لاءِ، منهنجي وڏائي ۽ رونق مون وٽ موٽي آئي؛ ۽ منهنجا مشير ۽ امير مون وٽ صلاح لاءِ آيا؛ ۽ آءٌ بادشاهت تي قائم ڪيو ويس، ۽ منهنجي لاءِ وڌيڪ گهڻي وڏائي ٿي.


اي بادشاهہ، خدا تعاليٰ تنهنجي پيءُ نبوڪدنضر کي بادشاهي ۽ وڏائي ۽ عزت ۽ هشمت عطا ڪئي:


وري شيطان هن کي هڪڙي تمام اُتانهين جبل تي وٺي ويو، ۽ دنيا جون سڀ بادشاهتون ۽ سندين وڏائي ڏيکاريائينس،


۽ اسان کي آزمائش ۾ نہ آڻ پر بڇڙائيءَ کان بچاءِ، (ڇالاءِ جو بادشاهي، ۽ قدرت، ۽ وڏائي هميشہ تائين تنهنجي ئي آهي، آمين.)


۽ اهو هن لاءِ ٿيو تہ جيڪي رحم جا ٿانوَ هن جلال جي واسطي اڳيئي تيار ڪيا هئا، تن تي پنهنجي جلال جي نعمت ظاهر ڪري،


۽ اوهان جون روحاني اکيون روشن ٿين، تہ اوهان کي خبر پوي تہ هن جو اوهان کي ڪوٺيو آهي، تنهن جي ڪهڙي اُميد آهي، ۽ هن جي ميراث جي جلال جي دولت پاڪ ٿيلن ۾ ڪهڙي آهي؛


جن تي خدا اهو ظاهر ڪرڻ گهُريو تہ غير قومن ۾ انهي راز جي جلال جي دولت ڪهڙي آهي، تہ مسيح جو جلال جي اُميد آهي سو اوهان ۾ رهي ٿو.


اي اسان جا خداوند ۽ اسان جا خدا، تون تعظيم ۽ عزت ۽ قدرت جي لائق آهين: ڇالاءِ جو تو سڀ شيون پيدا ڪيون، ۽ تنهنجي مرضيءَ ڪري اُهي پيدا ٿيون ۽ هستيءَ ۾ آيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ