Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 1:17 - Sindhi Bible

17 ڇالاءِ جو راڻيءَ جي انهي ڪم جي خبر سڀني زالن کي پوندي، ۽ انهيءَ ڪري اُنهن جا مڙس سندن نظر ۾ حقارت جهڙا ٿيندا، ۽ انهيءَ وقت ائين چوڻ ۾ ايندو تہ جڏهن بادشاهہ اخسويرس راڻيءَ وشتيءَ کي حڪم ڏنو تہ سندس اڳيان اچي، تڏهن هوءَ نہ آئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 جيئن تہ راڻي وشتيءَ جي انهيءَ ڳالهہ جي سڀني عورتن کي خبر پئجي ويندي، سو اهي بہ پنهنجن مڙسن کي حقير ڄاڻينديون ۽ چونديون تہ ’شهنشاهہ اخسويرس بہ تہ پنهنجي راڻي وشتيءَ کي پاڻ وٽ اچڻ جو حڪم ڏنو هو، اُها بہ تہ وٽس ڪونہ آئي هئي.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 1:17
5 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خداوند جي صندوق دائود جي شهر ۾ آئي تيئن سائول جي ڌيءَ ميڪل دريءَ مان ٻاهر نهاريو، ۽ دائود کي خداوند جي اڳيان نچندو ٽپندو ڏٺائين؛ انهيءَ ڪري سندس دل ۾ هن لاءِ حقارت پيدا ٿي.


۽ اخسويرس جي بادشاهيءَ جي شروع ۾، هنن يهوداہ ۽ يروشلم جي ماڻهن جي برخلاف هڪڙي فرياد لکي.


تڏهن مموڪان بادشاهہ جي ۽ اميرن جي اڳيان ورندي ڏيئي چيو تہ راڻيءَ وشتيءَ نہ رڳو بادشاهہ جو قصور ڪيو آهي، پر سڀني اميرن جو ۽ سڀني ماڻهن جو بہ، جي بادشاهہ اخسويرس جي سڀني پرڳڻن ۾ آهن.


۽ اڄوڪي ڏينهن فارس ۽ مادي جي جن اميرزادين راڻيءَ جي انهيءَ ڪم جي ڳالهہ ٻڌي آهي، سي بادشاهہ جي اميرن کي بہ ائين ئي چونديون. انهيءَ ڪري گهڻي نفرت ۽ ڪاوڙ پيدا ٿيندي.


مطلب هي آهي تہ اوهان مان هرڪو پنهنجيءَ زال کي اهڙو پيار ڪري جهڙو پاڻ کي ٿو ڪري؛ ۽ زال کي بہ گهرجي تہ پنهنجي مڙس کان ڊڄندي رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ