Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




آستر 1:10 - Sindhi Bible

10 ستين ڏينهن جڏهن بادشاهہ جي دل شراب جي ڪري خوش ٿي، تڏهن هن مهومان، بزتا، خربوناہ، بگتا، ۽ ابگتا، ۽ زتار، ۽ ڪرڪس کي حڪم ڏنو، جي ست ناظر اخسويرس بادشاهہ جي اڳيان خدمت ڪندا هئا،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 ستين ڏينهن جڏهن شهنشاهہ مئي جي نشي ۾ مخمور هو، تڏهن هن پنهنجي ستن خواجہ‌سرا خدمتگارن مهومان، بزتا، خربوناہ، بِگتا، ابگتا، زتار ۽ ڪرڪس کي حڪم ڏنو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




آستر 1:10
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن پاڻ وٽان رڪابيون کڻي، هنن ڏانهن موڪليون: پر بنيمين جي رڪابي ۾ هرهڪ جي رڪابيءَ کان پنجوڻو حصو وڌيڪ هو. ۽ هنن ساڻس گڏ پيتو ۽ خوش ٿيا.


۽ ابي سلوم پنهنجن نوڪرن کي حڪم ڏئي چيو تہ هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون شراب پي خوشدل ٿئي؛ ۽ جڏهن آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو تڏهن انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ۽ ڊڄو متان: مون اوهان کي حڪم نہ ڏنو آهي ڇا؟ همت جهلجو، ۽ بهادر ٿجو.


ساڳيءَ طرح راڻي وشتي، جيڪو شاهي گهر بادشاهہ اخسويرس جو هو، تنهن ۾ زالن جي مهماني ڪئي.


بادشاهہ جي حڪم موجب ٽپالي سعيي سان روانا ٿيا، ۽ اهو حڪم سوسن جي محلات ۾ بہ پڌرو ڪيو ويو: ۽ بادشاهہ ۽ هامان گڏجي شراب پيئڻ ويٺا؛ پر سوسن جو شهر حيران ٿي ويو.


تڏهن بادشاهہ جي اڳيان بيٺل ناظرن مان هڪڙي خربوناہ چيو تہ ڏس، تہ پنجاهہ هٿ ڊگهي سوري، جا هامان مردڪئيءَ جي لاءِ جوڙائي آهي، جنهن مردڪئي بادشاهہ جي لاءِ چڱائيءَ جي ڳالهہ ڪئي، سا هامان جي گهر ۾ بيٺي آهي. ۽ بادشاهہ چيو تہ انهيءَ تي هن کي وڃي لٽڪايو.


شراب ٺٺولي ڪندڙ آهي، نشيدار پيئڻ جي شيءِ جهيڙا ڪندڙ آهي؛ جيڪو انهن جي ڪري مست ٿئي ٿو سو ڏاهو نہ آهي.


اي لموايل، اهو بادشاهن جي لائق ناهي، تہ شراب پيئن ۽ نہ ائين چوڻ بادشاهن جي لائق آهي تہ شراب ڪٿي آهي؟


مجلس کلڻ جي لاءِ ڪبي آهي، ۽ شراب جان کي خوش ڪري ٿو: ۽ ناڻو سڀني ڳالهين کي پورو ٿو پوي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن جون دليون خوش ٿيون، تڏهن هو چوڻ لڳا تہ سمسون کي ڪوٺيو تہ مسخريون ڪري اسان کي وندرائي، ۽ هنن سمسون کي قيدخاني مان گهرايو؛ ۽ هن سندن اڳيان مسخريون ڪيون: ۽ انهن هن کي ٿنڀن جي وچ ۾ کڻي ويهاريو.


تڏهن هو ٻئي ڄڻا ويهي رهيا، ۽ گڏجي کاڌائون پيتائون. پوءِ ڇوڪريءَ جي پيءُ هن کي چيو تہ هاڻي راضي ٿي رات رهي پنهنجي دل کي خوش ڪر.


۽ جڏهن بوعز کاڌو پيتو ۽ سندس دل خوش ٿي، تڏهن هو اَن جي ٻار جي پڇاڙيءَ وٽ وڃي ليٽي پيو: ۽ هوءَ بہ آهستي آهستي آئي ۽ هن جي پيرن تان ڪپڙو لاهي ليٽي پيئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ