آستر 1:1 - Sindhi Bible1 هاڻي اخسويرس (هي اهو اخسويرس آهي جنهن هندوستان کان وٺي ڪوش تائين هڪ سؤ ستاويهن پرڳڻن تي بادشاهي ڪئي) تنهن جي ڏينهن ۾ هيئن ٿيو: အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible1 هي واقعو فارس جي بادشاهہ اخسويرس جي دور جو آهي. هي اهو اخسويرس آهي جيڪو هندستان کان وٺي سوڊان تائين هڪ سؤ ستاويهہ صوبن جو شهنشاهہ هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
تڏهن اُتي جو اُتي، ٽئين مهيني، يعني سيوان مهيني جي ٽيويهين تاريخ، بادشاهہ جا محرر سڏيا ويا؛ ۽ جيڪو حڪم مردڪئي يهودين جي نالي، ۽ نائبن، ۽ هندوستان کان وٺي حبش تائين جيڪي ستاويهہ پرڳڻا هئا، تن جي لاوين، ۽ سردارن جي نالي ڪڍيو، سو سڀ ڪنهن پرڳڻي ڏانهن ان جي اکرن ۾، ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏانهن اُن جي ٻوليءَ ۾، ۽ يهودين ڏانهن سندن اکرن ۽ سندن ٻوليءَ ۾ لکيو ويو.