Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 6:5 - Sindhi Bible

5 اي نوڪرو، جيڪي جسم جي لاڳاپي ڪري اوهان جا ڌڻي آهن، تن کان صاف دليءَ سان ڊڄي ۽ ڏڪي سندن اهڙا فرمانبردار رهو، جهڙا مسيح جا؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 اي غلامؤ! جهڙيءَ طرح اوهين مسيح جا فرمانبردار آهيو، تهڙيءَ طرح پنهنجن سنساري مالڪن جا بہ صاف‌دليءَ سان ڊڄندي ۽ ڏڪندي فرمانبردار رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اي غلامؤ! جهڙيءَ طرح اوهين مسيح جا فرمانبردار آهيو، تهڙيءَ طرح پنهنجن دنياوي مالڪن جا بہ صاف‌دليءَ سان ڊڄندي ۽ ڏڪندي فرمانبردار رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 اي غلامؤ! اوھين صاف⁠دليءَ سان، ادب ۽ تابعداري ڪندي پنھنجن دنياوي مالڪن جا اھڙا فرمانبردار رھو جھڙا مسيح جا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 6:5
27 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند جي فرشتي چيس تہ تون پنهنجيءَ ڌياڻيءَ وٽ موٽي وڃ ۽ سندس هٿ هيٺ رهہ.


اي منهنجا خدا، آءٌ اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ تون دل کي جاچين ٿو، ۽ سچائيءَ ۾ تنهنجي خوشي آهي. مون پنهنجي دل جي سچائيءَ سان هي سڀ شيون رضامنديءَ سان ڏنيون آهن: هاڻي مون کي، تنهنجي قوم جا هتي حاضر آهي، تنهن کي تنهنجي حضور ۾ رضامنديءَ سان ڏيندو ڏسي، ڏاڍي خوشي حاصل ٿي آهي.


ڏسو، جيئن غلامن جون اکيون پنهنجي مالڪ جي هٿ ڏانهن، ۽ جيئن ٻانهين جون اکيون پنهنجي سائڻ جي هٿ ڏانهن پيون نهارين؛ تيئن اسان جون اکيون خداوند اسان جي خدا ڏانهن پيون نهارين، جيسين ڪہ هو اسان تي رحم ڪري.


اي خداوند مون کي پنهنجي واٽ سيکار؛ آءٌ تنهنجي سچائيءَ تي هلندس. منهنجي دل هڪ پاسي ڪر تہ تنهنجي نالي کان ڊڄندو رهان.


لشڪرن جو خداوند اوهان کي ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي بي ادبي ڪندڙ ڪاهن! پٽ پنهنجي پيءُ جي، ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، پوءِ جي آءٌ ابو آهيان تہ منهنجي عزت ڪٿي آهي؟ ۽ جي آءٌ مالڪ آهيان تہ منهنجي تعظيم ڪٿي آهي؟ پوءِ بہ اوهين چئو ٿا تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي جي بي ادبي ڪئي آهي؟


بدن جو ڏيئو آهي اک، تنهنڪري جيڪڏهن تنهنجي اک ٺيڪ هوندي تہ تنهنجو سڄو بدن روشنيءَ سان ڀريل هوندو.


ڪوبہ ماڻهو ٻن مالڪن جي خدمت ڪري ڪين سگهندو، ڇالاءِ جو يا تہ هو هڪڙي سان عداوت ڪندو ۽ ٻئي کي پيار ڪندو، يا تہ وري هڪڙي سان ميل رکندو ۽ ٻئي کي ليکيندو ئي ڪين. اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي خدمت ڪري ڪين سگهندا.


ڇالاءِ جو آئون بہ ٻئي جي هٿ هيٺ آهيان، ۽ خود منهنجي هٿ هيٺ سپاهي آهن: ۽ آئون هڪڙي کي چوان تہ وڃ، تہ وڃي ٿو، ۽ ٻئي کي چوان تہ اچ تہ اچي ٿو. ۽ پنهنجي نوڪر کي چوان تہ هي ڪر تہ ڪري ٿو.


۽ روزبروز هڪ دل ٿي هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا، ۽ پنهنجن گهرن ۾ ماني ڀڃي خوشيءَ ۽ دل جي صفائيءَ سان کائيندا هئا،


ڇالاءِ جو آئون جيڪر ڀانيان تہ منهنجا ڀائر جي جسم جي ڪري منهنجا مائٽ آهن، تن جي خاطر آئون پاڻ لعنتي بڻجي مسيح کان جدا ٿيان.


۽ جڏهن آئون اوهان وٽ هوس، تڏهن ڪمزوريءَ، ۽ گهڻي ڊپ، ۽ ڏڪڻيءَ جي حالت ۾ رهيس.


ڇالاءِ جو جيڪو غلاميءَ جي حالت ۾ خداوند ۾ سڏيو ويو، سو خداوند جو آزاد ڪيل آهي. ساڳيءَ طرح جيڪو آزاديءَ جي حالت ۾ سڏيو ويو، سو مسيح جو غلام آهي.


ڇالاءِ جو اسان جو فخر هيءُ آهي، ۽ اسان جي دل بہ شاهدي ٿي ڏئي، تہ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان ۾ جيڪا هلت چلت ڪئي، سا جسماني ڏاهپ سان نہ، پر پاڪيزگيءَ، ۽ راستبازيءَ، ۽ خدا جي فضل سان.


۽ جڏهن هن کي اوهان سڀني جي فرمانبرداري ياد ٿي اچي، تہ اوهين ڪهڙيءَ طرح ڊڄندي ۽ ڏڪندي ساڻس گڏيا، تڏهن سندس دلي محبت اوهان ڏانهن پاڻ گهڻي قدر زيادہ ٿي ٿئي.


اي زالون، اوهين پنهنجن مڙسن جون اهڙيون تابعدار رهو، جهڙيون خداوند جون.


شل انهن سڀني تي فضل هجي، جيڪي اسان جي خداوند يسوع مسيح سان لازوال محبت ٿا رکن.


سو اي منهنجا پيارا ڀائرو، جيئن اوهين هميشہ فرمانبرداري ڪندا آيا آهيو، تيئن نہ رڳو منهنجي حاضريءَ ۾، پر هاڻي منهنجي غير حاضريءَ ۾، اڳي کان بہ زيادہ ڊڄندي ۽ ڏڪندي پنهنجي نجات جو ڪم پورو ڪندا رهو؛


نہ غلام وانگر پر غلام کان بهتر يعني پياري ڀاءُ وانگر. هو جسماني طور ۽ روحاني طور مون کي پيارو آهي، ۽ توکي تہ انهي کان بہ وڌيڪ.


تنهنڪري هاڻي خداوند جو خوف رکو، ۽ سچي نيت ۽ صداقت سان انهي جي عبادت ڪريو؛ ۽ نديءَ جي هن ڀر، ۽ مصر ۾، جن معبودن جي اوهان جا ابا ڏاڏا عبادت ڪندا هئا، تن کي ڇڏي ڏيو؛ ۽ خداوند جي عبادت ڪريو.


يعني جڏهن هو سندن پاڪ ۽ ادب واري هلت چلت ڏسن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ