Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 6:4 - Sindhi Bible

4 اي پيئرو، اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري نہ ڪاوڙايو، بلڪ کين خداوند جي تعليم ۽ تربيت ڏيئي سندن پرورش ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

4 اي پتا! اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو نہ، بلڪ کين اهڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا پرڀو يسوع کي پسند هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 اي پيئرؤ! اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو نہ، بلڪ کين اهڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا خداوند عيسيٰ کي پسند هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

4 اي پيئرؤ! اوھين پنھنجن ٻارن کي چڙ ڏياري نہ ڪاوڙايو، بلڪ کين اھڙي تربيت ۽ نصيحت ڏيئي سندن پالنا ڪريو جيڪا خداوند کي پسند ھجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 6:4
32 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو مون کي هن جي خبر آهي تہ هو ضرور پنهنجن ٻارن کي ۽ پنهنجي خاندان کي، جو کانئس پوءِ ٿيندو، تنهن کي حڪم ڪندو تہ هو خداوند جي واٽن تي قائم رهن، انصاف ۽ عدالت ڪن؛ انهيءَ لاءِ تہ خداوند جيڪي ابرهام جي بابت چيو آهي سو پورو ڪري.


۽ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو، تہ همت جهل ۽ حوصلي سان اهو ڪم ڪر: ڊڄ نہ، نڪي بي دل ٿيءُ: ڇالاءِ تہ خداوند خدا، يعني منهنجو خدا، تو ساڻ آهي؛ ۽ هو توکي نہ وساري ڇڏيندو نڪي توکي ڇڏي ڏيندو، جيستائين ڪ خداوند جي گهر جي خدمت جو سڄو ڪم پورو ٿئي.


۽ منهنجي پٽ سليمان کي اهڙي ڪامل دل عطا ڪر، تہ تنهنجي حڪمن، شاهدين، ۽ قانونن جي سنڀال ڪري، ۽ انهن تي عمل ڪري، ۽ انهيءَ محل کي ٺاهي، جنهن جي لاءِ مون تياري ڪئي آهي.


جڏهن اُميد آهي تڏهن پنهنجي پٽ کي سيکت ڏي؛ پنهنجي دل هن جي برباد ٿيڻ لاءِ نہ ڇڏ.


بي عقلي ٻار جي دل ۾ ٻڌي پيئي آهي؛ پر سيکت جو لڪڻ انهيءَ کي پري ڪيو ڇڏي.


ٻار کي اهو رستو سيکار جنهن تي هن کي هلڻ کپي، ۽ جڏهن هو ٻڍو ٿيندو تڏهن بہ اهو نہ ڇڏيندو.


لڪڻ ۽ ڇينڀ ڏاهپ لهن ٿا، پر پنهنجي منهن ڇڏي ڏنل ٻار پنهنجي ماءُ کي شرمندو ڪري ٿو.


پنهنجي پٽ کي سيکت ڏي تہ هو توکي آرام ڏي؛ هائو هو تنهنجي روح کي راحت ڏيندو.


جيئرا، هائو جيئرا ئي تنهنجي تعريف ڪندا، جيئن آءٌ اڄ ڪري رهيو آهيان: پيءُ پنهنجي اولاد کي تنهنجي سچائيءَ جي خبر ڏيندو.


”انهي لاءِ تہ تنهنجو ڀلو ٿئي ۽ زمين تي تنهنجي عمر وڏي ٿئي.“


رڳو تون پنهنجي سنڀال ڪري، خبرداريءَ سان پنهنجي روح جي حفاظت ڪر، تہ متان اهي ڳالهيون جي تو پنهنجين اکين سان ڏٺيون آهن سي وساري ڇڏين، ۽ متان تنهنجي ساريءَ ڄمار ۾ اهي تنهنجيءَ دل تان لهي وڃن؛ پر تون اهي پنهنجي اولاد کي، ۽ اولاد جي اولاد کي سيکاري ڇڏج؛


۽ اهي تون پنهنجي اولاد کي سيکارج، گهر ۾ ويهندي، واٽ ويندي، سمهندي ۽ اُٿندي انهن جو ذڪر ڪندو رهج.


اي پيئرو، پنهنجن ٻارن کي ڪڪ نہ ڪريو، متان هو بي همٿ ٿي پون.


جيڪو بي ريا ايمان تو ۾ آهي، سو مون کي ياد آهي، ۽ اُهو پهريائين تنهنجي ناني لوئس ۽ تنهنجي ماءُ يونيڪيءَ ۾ هو؛ ۽ مون کي يقين آهي تہ تو ۾ بہ آهي.


۽ تون ننڍپڻ کان انهن پاڪ لکيتن کان واقف آهين، جي توکي مسيح يسوع تي ايمان آڻڻ سان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ دانائي بخشي ٿيون سگهن.


۽ جيڪڏهن خداوند جي عبادت ڪرڻ اوهان کي خراب نظر ۾ اچي، تہ اڄوڪي ڏينهن فيصلو ڪريو تہ ڪنهن جي عبادت ڪرڻ گهرو ٿا: اُهي معبود جن جي عبادت اوهان جا ابا ڏاڏا نديءَ جي هن ڀر ڪندا هئا، يا امورين جا معبود جن جي ملڪ ۾ اوهين رهو ٿا: پر آءٌ ۽ منهنجو گهراڻو، اسين خداوند جي عبادت ڪنداسين.


تڏهن منوحہ چيو تہ هاڻي جيئن تون چوين ٿو تيئن ڀلي ٿئي: اُهو ٻار ڪهڙي قسم جو ٿيندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ