Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 6:3 - Sindhi Bible

3 ”انهي لاءِ تہ تنهنجو ڀلو ٿئي ۽ زمين تي تنهنجي عمر وڏي ٿئي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 ”تہ جيئن اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ ڌرتيءَ تي وڏي عرصي تائين جيوت رهو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ”تہ جيئن اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ ڌرتيءَ تي وڏي عرصي تائين جيئرا رهو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 تہ جيئن توھان جو ڀلو ٿئي، ۽ انھيءَ ملڪ ۾ اوھين وڏي عرصي تائين رھو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 6:3
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين سچن بابت چئو تہ هنن سان ڀلائي ٿيندي؛ ڇالاءِ جو کين پنهنجو بدلو ملندو.


نڪي اوهين گهر جوڙجو، يا ٻج پوکجو، يا ڊاک جو منهہ لڳائجو يا انهن جا مالڪ ٿجو: پر اوهين پنهنجي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن تنبن ۾ رهجو؛ تہ جنهن زمين ۾ مسافر آهيو، تنهن ۾ گهڻن ڏينهن تائين رهو.


اُهو چڱو هجي يا بڇڙو، تہ بہ خداوند اسان جو خدا، جنهن ڏي اسين توکي موڪليون ٿا، تنهن جو حڪم اسين مڃينداسين؛ انهي لاءِ تہ جڏهن اسين خداوند پنهنجي خدا جو حڪم مڃينداسين تڏهن اسان جو ڀلو ٿيندو.


”پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي عزت ڏي،“ (اهو پهريون حڪم آهي جنهن سان واعدو شامل آهي)


اي پيئرو، اوهين پنهنجن ٻارن کي چڙ ڏياري نہ ڪاوڙايو، بلڪ کين خداوند جي تعليم ۽ تربيت ڏيئي سندن پرورش ڪريو.


تون اهو نہ کائج؛ تہ جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱو آهي، سو ڪرڻ ڪري تنهنجو، ۽ توسان گڏ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي.


هي سڀ ڳالهيون جن جو آءٌ توکي حڪم ٿو ڏيان، سي ڌيان ڏيئي ٻڌ، تہ جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱو ۽ درست آهي، سو ڪرڻ ڪري تنهنجو، ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي.


تون ٻچا کڻين تہ ڀلي کڻج، پر ماديءَ کي ضرور ڇڏي ڏج؛ تہ تنهنجو ڀلو ٿئي، ۽ تنهنجي حياتي وڌي.


۽ هن جا قانون ۽ هن جا حڪم، جي اڄ آءٌ توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪر، تہ تنهنجو ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي هميشہ لاءِ ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


تون پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي عزت ڪر، جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي: تہ تنهنجي عمر وڏي ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجو ڀلو ٿئي.


جنهن رستي جو خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تنهن تي هلجو، تہ اوهين جيئرا رهو، ۽ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ اوهان جي هٿ ايندو تنهن ۾ بہ اوهان جو ڀلو ٿئي.


۽ اوهين اهو ئي ڪجو جيڪي خداوند جي نظر ۾ درست ۽ چڱو هجي، انهي لاءِ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ جنهن چڱي ملڪ بابت خداوند تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ وڃي، مٿس پنهنجو قبضو ڪريو.


تنهن ڪري اي اسرائيليو، ٻڌو، ۽ خبرداريءَ سان انهن تي عمل ڪريو؛ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي، ۽ اوهين خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واعدي موجب، انهي ملڪ ۾ وڌندا وڃو، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي.


۽ سندس سس نعوميءَ چيس تہ اي منهنجي ڌيءَ، آءٌ تنهنجو سک نہ ڳوليان ڇا تہ تنهنجو ڀلو ٿئي؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ