Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 6:23 - Sindhi Bible

23 خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان شل ڀائرن کي اطمينان ۽ ايمان سان گڏ محبت حاصل ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 ايشور پتا ۽ پرڀو يسوع مسيح جي طرفان شل سڀني ڀائرن ڀينرن تي شانتي هجي ۽ وشواس سان گڏ پريم حاصل ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان شل سڀني ڀائرن ڀينرن تي سلامتي هجي ۽ ايمان سان گڏ محبت حاصل ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 خدا پيءُ ۽ خداوند عيسيٰ مسيح جي طرفان شل ڀائرن ۽ ڀينرن کي اطمينان ۽ ايمان سان گڏ محبت حاصل ٿئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 6:23
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن چيو تہ اوهين دل جاءِ ڪريو، ڊڄو نہ: اوهان جي ۽ اوهان جي پيءُ جي خدا، اوهان جي ٻورن ۾ اوهان کي خزانو ڏنو آهي: اوهان جا پيسا مون کي ملي چڪا. پوءِ هو شمعون کي ڪڍي، انهن وٽ وٺي آيو.


آئون اوهان کي اطمينان ڏيئي ٿو وڃان؛ پنهنجو اطمينان اوهان کي ٿو ڏيان، ائين نٿو ڏيانوَ، جيئن دنيا ٿي ڏئي. اوهين پنهنجي دل ۾ پريشان نہ ٿيو، نڪي ڊڄو.


تنهن پولس جي طرفان، انهن سڀني ڏانهن، جي روما ۾ خدا جا پيارا آهن، ۽ پاڪ ٿيڻ لاءِ سڏيا ويا آهن: اوهان تي اسان جي پيءُ خدا، ۽ خداوند يسوع مسيح جي طرفان فضل ۽ سلامتي هجي.


هاڻي خدا، جو اطمينان جو چشمو آهي، سو شل اوهان سڀني سان هجي. آمين.


اسان جي پيءُ خدا، ۽ خداوند يسوع مسيح کان فضل ۽ اطمينان اوهان کي ملندو رهي.


آخر ۾، اي ڀائرو، شل خوش هجو. ڪامل ٿيو؛ دلجاءِ ڪريو؛ يڪ دلا ٿيو؛ اطمينان ۾ رهو؛ ۽ خدا، جو محبت ۽ اطمينان جو چشمو آهي، سو اوهان سان هجي.


ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


۽ جيڪي بہ انهي قاعدي تي هلندا، تن تي ۽ خدا جي اسرائيل تي، شل رحم ۽ اطمينان هجي.


شل انهن سڀني تي فضل هجي، جيڪي اسان جي خداوند يسوع مسيح سان لازوال محبت ٿا رکن.


پر جڏهن اسين ڏينهن جا آهيون، تڏهن اچو تہ ايمان ۽ محبت جي زرهہ ڍڪي، ۽ نجات جي اُميد جو ٽوپ پائي هوشيار رهون.


اي ڀائرو، اسان تي فرض آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ڪريون، ۽ گهرجي بہ ائين، ڇالاءِ جو اوهان جو ايمان گهڻو وڌندو ٿو وڃي، ۽ اوهان سڀني ۾ هرهڪ جو پيار پاڻ ۾ زيادہ ٿيندو ٿو وڃي،


هاڻي خداوند جو اطمينان جو چشمو آهي، سو پاڻ اوهان کي هميشہ ۽ هر طرح اطمينان ڏيندو. شل خداوند اوهان سڀني سان هجي.


۽ ايمان ۽ محبت جا مسيح يسوع ۾ آهي، تنهن سان اسان جي خداوند جو فضل مون تي نهايت گهڻو ٿيو.


جيئن مون مڪدونيہ ڏانهن وڃڻ وقت توکي تاڪيد ڪئي هئي، تيئن افسس ۾ رهي ڪن ماڻهن کي اطلاع ڏي تہ ٻئي قسم جي تعليم نہ ڏين،


پر جيڪڏهن ڪو پنهنجن جي لاءِ، خاص ڪري پنهنجي خاندان لاءِ بندوبست نہ ڪندو، تہ ايمان کان انڪاري ٿيو، ۽ اُهو بي ايمان کان بہ بڇڙو آهي.


محبت جو ڀاڪر پائي هڪٻئي کي سلام ڪجو. اوهين سڀ، جي مسيح ۾ آهيو، تن کي شل اطمينان حاصل ٿئي.


پر اُميد اٿم تہ سگهو ئي اچي توکي گڏبس ۽ پاڻ ۾ روبرو ڳالهيون ڪنداسين.


يوحنا جي طرفان اُنهن ستن ڪليسيائن ڏانهن يا جي آسيا ۾ آهن. جو آهي، ۽ جو هو، ۽ جو اچڻو آهي، انهي وٽان فضل ۽ اطمينان شل اوهان تي هجي؛ ۽ اُنهن ستن روحن وٽان جي سندس تخت جي اڳيان آهن؛


۽ اهو جيڪو سک ۾ ٿو گذاري، تنهن کي چئو، تہ اوهين ٻئي، ۽ اوهان جو گهراڻو، ۽ جيڪي اوهان وٽ آهي، سو سڀ شل سلامت هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ