Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 6:2 - Sindhi Bible

2 ”پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي عزت ڏي،“ (اهو پهريون حڪم آهي جنهن سان واعدو شامل آهي)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

2 پوِتر شاستر ۾ لکيل آهي تہ ”پنهنجي ماتا پتا کي مان ڏيو.“ هي پهريون حڪم آهي جنهن سان هي وچن بہ شامل آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪريو.“ هي پهريون حڪم آهي جنهن سان هي واعدو بہ شامل آهي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

2 ھي پھريون حڪم آھي جنھن سان واعدو شامل آھي تہ ”پنھنجي پيءُ ۽ ماءُ جي عزت ڪريو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 6:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي لعنت ڪري ٿو تنهنجو ڏيئو سخت اونداهيءَ ۾ وسايو ويندو.


۽ يرمياہ ريڪابين جي گهراڻي کي چيو تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان پنهنجي پيءُ يوناداب جو حڪم مڃيو آهي، ۽ ان جون سڀ وصيتون بجا آنديون آهن، ۽ جيئن هن اوهان کي حڪم ڏنو تيئن هر طرح ڪيو آهي؛


نڪي اوهين گهر جوڙجو، يا ٻج پوکجو، يا ڊاک جو منهہ لڳائجو يا انهن جا مالڪ ٿجو: پر اوهين پنهنجي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن تنبن ۾ رهجو؛ تہ جنهن زمين ۾ مسافر آهيو، تنهن ۾ گهڻن ڏينهن تائين رهو.


تو ۾ هنن ماءُ پيءُ ڏانهن حقارت پئي ڏيکاري آهي؛ تنهنجي وچ ۾ هنن پرديسين سان ظلم پي ڪيو آهي: تو ۾ هنن يتيمن ۽ بيوهن کي پئي ستايو آهي.


لشڪرن جو خداوند اوهان کي ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي بي ادبي ڪندڙ ڪاهن! پٽ پنهنجي پيءُ جي، ۽ نوڪر پنهنجي مالڪ جي عزت ٿو ڪري، پوءِ جي آءٌ ابو آهيان تہ منهنجي عزت ڪٿي آهي؟ ۽ جي آءٌ مالڪ آهيان تہ منهنجي تعظيم ڪٿي آهي؟ پوءِ بہ اوهين چئو ٿا تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ تنهنجي نالي جي بي ادبي ڪئي آهي؟


سڀني جو حق ادا ڪريو: جنهن کي ڍل ڏيڻي هجي، تنهن کي ڍل ڏيو؛ جنهن کي محصول ڏيڻو هجي، تنهن کي محصول ڏيو؛ جنهن کان ڊڄڻ گهرجي، تنهن کان ڊڄو، جنهن جي عزت ڪرڻ گهرجي، تنهن جي عزت ڪريو.


”انهي لاءِ تہ تنهنجو ڀلو ٿئي ۽ زمين تي تنهنجي عمر وڏي ٿئي.“


جيڪو ماڻهو ماءُ پيءُ جي بيعزتي ڪري سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.


تون پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ جي عزت ڪر، جيئن ڪ خداوند تنهنجي خدا توکي حڪم ڏنو آهي: تہ تنهنجي عمر وڏي ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجو ڀلو ٿئي.


پر جي ڪنهن بيوهہ زال کي پٽ يا پوٽا هجن تہ اُهي ڀلي پهرين پنهنجي گهراڻي سان دينداريءَ جي هلت ڪرڻ، ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جو بار لاهڻ سکن؛ ڇالاءِ جو خدا جي نظر ۾ اها ئي ڳالهہ چڱي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ