Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 6:17 - Sindhi Bible

17 ۽ نجات جو ٽوپ ۽ روح جي ترار، يعني خدا جو ڪلام بہ کڻو؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 پنهنجي مٿي تي مڪتيءَ جو لوهي ٽوپ پايو ۽ پوِتر آتما جي تلوار، يعني ايشور جو وچن پاڻ سان کڻو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پنهنجي مٿي تي ڇوٽڪاري جو لوهي ٽوپ پايو ۽ پاڪ روح جي تلوار، يعني خدا جو قول پاڻ سان کڻو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 ڇوٽڪاري جو لوھو ٽوپ ۽ پاڪ روح جي تلوار يعني خدا جو ڪلام بہ کڻو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 6:17
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو مون کي پنهنجي ڇوٽڪاري جي سپر بہ ڏني آهي: ۽ تنهنجي مهربانيءَ مون کي وڏو ڪيو آهي.


هن منهنجي وات کي تکي ترار وانگي ڪيو آهي، هن مون کي پنهنجي هٿ جي پاڇي ۾ لڪايو آهي؛ هن مون کي چمڪندڙ تير وانگي ڪيو آهي، ۽ مون کي پنهنجيءَ بٿيءَ ۾ پنهنجي ويجهو رکيو اٿس.


هن راستبازيءَ کي زرهہ وانگي ڍڪيو، ۽ نجات جو ٽوپ مٿي تي رکيائين؛ ۽ هن ڪپڙن جي بدران انتقام جي پوشاڪ ڍڪي، ۽ جوش جو جامو پاتائين.


تنهنڪري مون هنن کي نبين جي وسيلي گهائل ڪيو آهي؛ مون هنن کي پنهنجي وات جي لفظن سان ڪُٺو آهي: ۽ منهنجون فتوائون انهي روشنيءَ وانگر آهن جا اڳيان هلي ٿي.


تڏهن هن مون کي ورندي ڏيئي چيو تہ، اهو زروبابل لاءِ خداوند جو ڪلام آهي، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ، نہ زور سان، نہ توانائيءَ سان پر منهنجي روح سان.


پر هن ورندي ڏيئي چيو، تہ لکيل آهي تہ ”ماڻهو رڳو مانيءَ ڪري نہ جيئندو پر جيڪي بہ لفظ خدا جي واتان نڪرندا تن ڪري جيئندو.“


يسوع هن کي چيو، تہ هيئن بہ لکيل آهي، تہ ”تون خداوند پنهنجي خدا کي نہ آزمائج.“


انهي لاءِ تہ هو ڪلام سان پاڻيءَ جي غسل ڪري انهي کي ڌوئي صاف ڪري پاڪ بنائي،


پر جڏهن اسين ڏينهن جا آهيون، تڏهن اچو تہ ايمان ۽ محبت جي زرهہ ڍڪي، ۽ نجات جي اُميد جو ٽوپ پائي هوشيار رهون.


ڇالاءِ جو خدا جو ڪلام جيئرو ۽ مؤثر آهي، ۽ ٻہ ڌاري ترار کان بہ تکو آهي، ۽ اندر ۾ اهڙو چُڀيو وڃي، جو جان ۽ روح کي، سَنڌن توڙي گودي کي ڌار ڪيو وجهي، ۽ دل جي خيالن ۽ ارادن کي ظاهر ٿو ڪري.


۽ خدا جي چڱي ڪلام، ۽ ايندڙ جهان جي طاقتن جو ذائقو چکي ڏٺائون،


۽ انهي جي ساڄي هٿ ۾ ست تارا هئا: ۽ هن جي وات مان هڪڙي ٻہ منهين ترار ٿي نڪتي: ۽ اُنهي جي شڪل چمڪندڙ سج جهڙي هئي.


۽ هو گهيٽي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪلام ڪري مٿس غالب پيا، ڇالاءِ جو هنن موت تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ سمجهيو.


۽ هن جي وات مان هڪڙي تکي ترار ٿي نڪتي، تہ هو قومن کي ماري: ۽ هو مٿن لوهہ جي لٺ سان حڪومت ڪري؛ ۽ قادر مطلق خدا جي خوفناڪ غضب جي شراب جي چيچڙي کي هو لتاڙيندو.


تنهنڪري توبهہ ڪر؛ نہ تہ آئون جلد تو وٽ ايندس، ۽ پنهنجي وات جي ترار سان هنن سان وڙهندس.


۽ هن کي هڪڙو پتل جو هول مٿي تي هو، ۽ بت تي زرهہ پئي هيس؛ ۽ اُها زرهہ وزن ۾ پتل جا پنج هزار شيڪل هئي.


تڏهن سائول هن کي چيو تہ اي جوان مرد، تون ڪنهن جو پٽ آهين؟ ۽ دائود ورندي ڏني تہ آءٌ تنهنجي ٻانهي بيت لحم واري يسيءَ جو پٽ آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ