Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 5:29 - Sindhi Bible

29 ڇالاءِ جو ڪنهن بہ ماڻهوءَ ڪڏهن پنهنجي جسم کي نہ ڌڪاريو؛ بلڪ انهي کي پالي ٿو ۽ انهي جي پرورش ٿو ڪري، جهڙيءَ طرح ڪ مسيح ڪليسيا کي ٿو پالي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

29 ڏسو، ڪوبہ ماڻهو پنهنجي شرير کان ڪڏهن بہ نفرت نہ ٿو ڪري، اٽلندو انهيءَ کي اهڙي نموني کارائي پيئاري ٿو ۽ انهيءَ جي پالنا ڪري ٿو، جهڙي نموني مسيح منڊليءَ کي سنڀالي ٿو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

29 ڏسو، ڪوبہ ماڻهو پنهنجي جسم کان ڪڏهن بہ نفرت نہ ٿو ڪري، اٽلندو انهيءَ کي اهڙي نموني کارائي پيئاري ٿو ۽ انهيءَ جي پالنا ڪري ٿو، جهڙي نموني مسيح ڪليسيا کي سنڀالي ٿو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

29 مطلب تہ ڪوبہ ماڻھو ڪڏھن بہ پنھنجي جسم سان نفرت نہ ٿو ڪري، اٽلندو انھيءَ کي کارائي پيئاري ٿو ۽ انھيءَ جي پالنا ڪري ٿو، جھڙيءَ طرح مسيح ڪليسيا کي سنڀالي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 5:29
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن آدم چيو تہ هيءَ منهنجن هڏن مان هڏو ۽ ماس مان ماس آهي: تنهنڪري هيءَ ناري سڏبي، ڇالاءِ جو نر مان آهي.


رحم وارو ماڻهو خود پنهنجي جان سان ڀلائي ڪري ٿو: پر جيڪو ظالم آهي سو پنهنجي جسم کي تڪليف ۾ وجهي ٿو.


بيوقوف پنهنجون ٻانهون ٻڌي ويهي ٿو، ۽ پنهنجو ماس کائي ٿو.


هو پنهنجو ڌڻ ڌنار وانگي چاريندو، ۽ هو گهيٽن کي پنهنجين ٻانهن هيٺ گڏ ڪري پنهنجي ڀاڪر ۾ کڻي هلندو، ۽ جيڪي کير پيارين ٿيون تن کي آهستي آهستي وٺي ويندو.


۽ ميدان جا وڻ پنهنجو ڦر ڏيندا، ۽ زمين پنهنجي اُپت پيدا ڪندي، ۽ هو پنهنجي ملڪ ۾ صحيح سلامت رهندا؛ ۽ تڏهن هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان، جڏهن آءٌ هنن جي پاڃاريءَ جا گز ڀڃي ڇڏيندس، ۽ جيڪي هنن کان خدمت چاڪري وٺندا هئا تن جي هٿان هنن کي ڇڏائيندس.


اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا وڃن ٿا، تن کي سنگسار ٿو ڪرين ۽ جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن ڪيترا نہ ڀيرا مون تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو!


آسمان جا پکي ڏسو، جو اُهي نہ پوکين ۽ نہ لڻن، ۽ نڪي ڪي ڀانڊن ۾ گڏ ڪري رکن ٿا؛ تہ بہ اوهان جو پيءُ، جو آسمان ۾ آهي، سو هنن کي کارائي ٿو. اوهين هنن کان گهڻو وڌيڪ نہ آهيو ڇا؟


بي سمجهہ، واعدي شڪن، طبعي محبت کان خالي، ۽ بيرحم ٿي پيا:


ساڳيو انهي طرح مڙسن کي بہ گهرجي تہ پنهنجين زالن کي ائين پيار ڪن جيئن پنهنجي بدن کي پيار ٿا ڪن. جيڪو پنهنجيءَ زال کي پيار ڪري ٿو سو پاڻ کي پيار ٿو ڪري:


ڇالاءِ تہ اسين سندس بدن جا عضوا آهيون،


”انهي سبب ماڻهو پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ کي ڇڏيندو ۽ پنهنجي زال سان گڏجي رهندو؛ هو ٻئي هڪ جسم ٿيندا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ