Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 5:22 - Sindhi Bible

22 اي زالون، اوهين پنهنجن مڙسن جون اهڙيون تابعدار رهو، جهڙيون خداوند جون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 تنهنڪري اي پتنيؤ! اوهين پنهنجن پتين جي اهڙيءَ طرح وس هيٺ رهو جهڙيءَ طرح پرڀو يسوع جي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 تنهنڪري اي زالون! اوهين پنهنجن مڙسن جون اهڙيءَ طرح تابعدار رهو جهڙيءَ طرح خداوند عيسيٰ جون،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 اي زالون! اوھين پنھنجن مڙسن جون اھڙيون تابعدار رھو جھڙيون خداوند جون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 5:22
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن زال کي چيو تہ آءٌ تنهنجي ويم جي سورن کي گهڻو وڌائيندس؛ سورن سان تون ٻار ڄڻيندينءَ؛ ۽ پنهنجي مڙس ڏانهن تنهنجو چاهہ ٿيندو، ۽ هو تو تي حڪم هلائيندو.


۽ جڏهن بادشاهہ جو اهو جاري ڪيل حڪم سندس سڄيءَ بادشاهت ۾ پڌرو ڪيو ويندو (ڇالاءِ جو اُها بادشاهت وڏي آهي) تڏهن سڀ زالون پنهنجن مڙسن کي عزت ڏينديون، وڏيون توڙي ننڍيون.


ڇالاءِ جو هن بادشاهہ جي سڀني پرڳڻن مان هرهڪ ۾، اُتي جي اکرن موجب ۽ هرهڪ قوم کي اُن جي ٻوليءَ ۾ خط لکيا تہ سڀ ڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر ۾ حڪم هلائي، ۽ پنهنجي قوم جي ٻوليءَ ۾ اهڙو اشتهار ڪرائي.


زالن کي جماعت ۾ ماٺ ڪري ويهڻ کپي، ڇالاءِ جو هنن کي ڳالهائڻ جي اجازت ڪانهي، پر کين تابعدار رهڻ کپي، جيئن شريعت ۾ بہ فرمايل آهي.


اي زالون، اوهين پنهنجن مڙسن جون اهڙيون تابعدار رهو، جهڙيون خداوند جون.


اي نوڪرو، جيڪي جسم جي لاڳاپي ڪري اوهان جا ڌڻي آهن، تن کان صاف دليءَ سان ڊڄي ۽ ڏڪي سندن اهڙا فرمانبردار رهو، جهڙا مسيح جا؛


تنهنڪري، جيڪڏهن اوهين مسيح سان گڏ جياريا ويا آهيو تہ انهن شين جا ڳولائو ٿيو جي مٿي آسمان ۾ آهن، جتي مسيح خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آهي.


اي زالون، پنهنجن مڙسن جي تابعداريءَ ۾ رهو، جيئن ڪ خداوند ۾ مناسب آهي.


سالم دل، پاڪ دامن، گهر جو ڪم ڪار ڪندڙ ۽ مهربان، ۽ پنهنجن مڙسن جون تابعدار هجن، تہ خدا جو ڪلام بدنام نہ ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ