Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 5:16 - Sindhi Bible

16 وقت جو قدر سڃاڻو، ڇالاءِ جو زمانو خراب آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 نيڪي ڪرڻ جو ڪوبہ موقعو هٿان نہ وڃايو، ڇاڪاڻ تہ زمانو خراب آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 نيڪي ڪرڻ جو ڪوبہ موقعو هٿان نہ وڃايو، ڇاڪاڻ تہ زمانو خراب آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 وقت جو پورو پورو فائدو وٺو، ڇالاءِ⁠جو زمانو خراب آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 5:16
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هن چيو تہ ڏسو، اڃا ڏينهن گهڻو پيو آهي ۽ مال جي گڏ ڪرڻ جو وقت بہ ڪونہ ٿيو آهي، اوهين رڍن کي پاڻي پياري وڃي چاريو.


اهي ڏکئي وقت شرمندا ڪين ٿيندا ۽ ڏڪار جي ڏينهن ۾ ڍاول رهندا.


حصو ستن کي بلڪ اٺن کي ڏي؛ ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ زمين تي ڪهڙي خرابي ٿيندي.


پنهنجي جواني جي ڏينهن ۾ پنهنجي خالق کي ياد ڪر، نہ تہ جڏهن خراب ڏينهن ايندا، ۽ ورهيہ ويجها اچي پوندا، تڏهن تون چوندين تہ انهن مان مون کي ڪابہ خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي؛


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


بادشاهہ ورندي ڏيئي چيو تہ آءٌ پڪ ڄاڻان ٿو، تہ اوهين وڌيڪ وقت انهي ڪري وٺڻ ٿا گهرو جو ڄاڻو ٿا تہ اها ڳالهہ مون کان وسري ويئي آهي.


تنهنڪري جيڪو سياڻو هوندو، سو اهڙي وقت ماٺ ۾ گذاريندو؛ ڇالاءِ جو اُهو خراب وقت آهي.


ساڳيءَ طرح جنهن کي ٻہ قنطار مليا هئا، تنهن بہ ٻيا ٻہ ڪمايا.


تڏهن يسوع چين تہ اڃا ٿوري ساعت نُور اوهان وٽ آهي، جيسين نُور اوهان وٽ آهي، تيسين نُور ۾ هلو تہ متان اونداهي نہ اچي مٿان پئيوَ. ۽ جيڪو اونداهيءَ ۾ ٿو هلي، تنهن کي خبر ئي ڪانہ ٿي پوي تہ ڪيڏانهن ٿو وڃان.


۽ وقت کي سڃاڻي ائين ڪريو، انهي لاءِ تہ هينئر ئي اهو وقت اچي پهتو آهي، جنهن ۾ اوهين ننڊ مان سجاڳ ٿيو: ڇوتہ جنهن وقت اسان ايمان آندو هو، تنهن وقت جي نسبت ۾ هينئر اسان جي نجات زيادہ ويجهي آئي آهي.


منهنجي خيال ۾ هاڻوڪيءَ مصيبت جي ڪري بهتر هيئن آهي، تہ جهڙو ماڻهو آهي تهڙو رهي.


جنهن اسان جي گناهن جي لاءِ پاڻ کي ڏيئي ڇڏيو، انهي لاءِ تہ اسان جي خدا ۽ پيءُ جي مرضيءَ موجب، هو اسان کي هن هاڻوڪي خراب زماني مان ڇڏائي؛


تنهنڪري جڏهن اسان کي وجهہ آهي، تڏهن اچو تہ سڀني ماڻهن سان نيڪيءَ جا ڪم ڪريون، خاص ڪري اُنهن سان، جي ايمان وارن جي جماعت جا آهن.


تنهنڪري خدا جا سڀ هٿيار ٻَڌو، تہ خراب ڏينهن ۾ مقابلو ڪري سگهو، ۽ سڀ ڪم پورا ڪري قائم رهي سگهو.


۽ پيرن ۾ صلح جي خوشخبريءَ جي تياريءَ جي جُتي پايو؛


وقت کي غنيمت ڄاڻي جيڪي (ڪليسيا کان) ٻاهر آهن، تن سان ڏاهپ سان هلت ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ