Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 5:14 - Sindhi Bible

14 تنهنڪري هو چوي ٿو تہ، ”تون جو سُتو پيو آهين، سو جاڳ ۽ مُئلن منجهان جي اُٿ، تہ مسيح تو تي نور چمڪائي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 ڇاڪاڻ تہ اها روشني هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جيوت ٿي اُٿ، تہ مسيح جي روشني تو تي چمڪندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ڇاڪاڻ تہ اها روشني هر شيءِ کي روشن ڪري ٿي. انهيءَ ڪري چيو وڃي ٿو تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جي اُٿ، تہ مسيح جي روشني تو تي چمڪندي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ڇالاءِ⁠جو اھا روشني ئي آھي، جيڪا ھر شيءِ کي روشن ڪري ٿي ڏيکاري. تنھنڪري چيو ويو آھي تہ ”اي ستل! جاڳي پئُہ، مئلن منجھان جي اُٿ، تہ مسيح تو تي نور چمڪائيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 5:14
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنجا مئل جيئرا ٿيندا؛ منهنجا مڙهہ جي اُٿندا. اوهين جي مٽيءَ ۾ رهو ٿا، سي جاڳو ۽ ڳايو: ڇالاءِ جو تنهنجي ماڪ انهي ماڪ وانگر آهي جا گاهہ تي پوي ٿي، ۽ زمين مئلن کي ٻاهر ڪڍندي.


اي يروشلم، جاڳ، جاڳ، اُٿي کڙو ٿيءُ، تو خداوند جي هٿان سندس ڪاوڙ جو پيالو پيتو آهي؛ تو سخت نشو ڏيندڙ پيالو پي خالي ڪيو آهي.


اي صيون، جاڳ، جاڳ، زور وٺ؛ اي يروشلم پاڪ شهر پنهنجي سهڻي پوشاڪ ڍڪ؛ ڇالاءِ جو اڄ کان پوءِ تو ۾ اڻ طهريل ۽ ناپاڪ ماڻهو ڪونہ ايندا.


اُٿ روشن ٿي، ڇالاءِ جو تنهنجي روشنائي آئي آهي، ۽ خداوند جو جلال توتي ظاهر ٿيو آهي.


هي اسان جي خدا جي رحمدليءَ ڪري ٿيندو، جنهنڪري پرهہ ڦٽيءَ جو سوجهرو آسمان مان اسان کي ڏيکاري ڏيندو،


ڇالاءِ جو هيءُ منهنجو پٽ، جو مري ويو هو، سو وري جيئرو ٿيو آهي؛ گم ٿي ويو هو، سو لڌو آهي. ۽ اُهي خوشيون ڪرڻ لڳا.


وري يسوع کين چيو تہ جهان جو سوجهرو آئون آهيان، جيڪو منهنجي پيروي ٿو ڪري، سو اونداهيءَ ۾ ڪين هلندو، بلڪ زندگيءَ جو سوجهرو ملندس.


جيسين آئون جهان ۾ آهيان، تيسين آئون جهان جو سوجهرو آهيان.


ڇالاءِ جو خداوند اسان کي هيءُ حڪم ڏنو آهي، تہ ”مون توکي غير قومن جي لاءِ نُور مقرر ڪيو آهي، تہ تون زمين جي ڇيڙي تائين نجات جو وسيلو ٿين.“


نڪي پنهنجن عضون کي گناهہ جي حوالي ڪريو تہ ناراستيءَ جا هٿيار ٿين، پر پاڻ کي مُئلن مان جيئرو سمجهي، خدا جي حوالي ڪريو، تہ راستبازيءَ جا هٿيار ٿين.


راستباز ٿيڻ لاءِ هوش ۾ اچو ۽ گناهہ نہ ڪريو، ڇالاءِ جو ڪن کي خدا جي ڪابہ خبر ڪانهي: آئون اوهان کي انهي لاءِ ٿو چوان تہ من شرم اچيوَ.


ڇالاءِ جو خدا فرمايو تہ اوندهہ مان سوجهرو چمڪي، جو اسان جي دلين ۾ چمڪيو، تہ خدا جي جلال جي علم جو نور يسوع مسيح جي چهري ۾ ظاهر ٿئي.


۽ جڏهن اوهين پنهنجين خطائن ۽ گناهن جي ڪري مُئل هئا، تڏهن هن اوهان کي جياريو،


اسان کي مسيح سان جيئرو ڪيو، جڏهن اسين اڃا پنهنجين خطائن جي ڪري مُئل هئاسين، (فضل جي ڪري ئي اوهان کي نجات ملي آهي)،


تنهنڪري، جيڪڏهن اوهين مسيح سان گڏ جياريا ويا آهيو تہ انهن شين جا ڳولائو ٿيو جي مٿي آسمان ۾ آهن، جتي مسيح خدا جي ساڄي پاسي ويٺو آهي.


تنهنڪري ٻين وانگر اسان کي سمهي رهڻ نہ کپي، پر اچو تہ جاڳون ۽ هوشيار رهون.


۽ جو هاڻي اسان جي نجات ڏيندڙ مسيح يسوع جي ظاهر ٿيڻ ڪري پڌرو ڪيو ويو، جنهن موت کي نيست ڪري، ۽ انجيل جي وسيلي حياتيءَ ۽ بقا کي روشن ڪيو آهي.


۽ جن کي شيطان پنهنجي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ ڦندي ۾ ڦاسايو آهي، تن کي سمجهہ اچي ۽ پاڻ کي انهي ڦندي مان ڇڏائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ