Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 5:12 - Sindhi Bible

12 ڇالاءِ جو جيڪي ڪم هو ڳجهہ ڳوهہ ۾ ٿا ڪن، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

12 ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪم نافرمان لڪي ڇپي ڪن ٿا، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم جهڙي ڳالهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 ڇاڪاڻ تہ جيڪي ڪم نافرمان ڳُجھہ‌ڳوهہ ۾ ڪن ٿا، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم جهڙي ڳالهہ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

12 ڇالاءِ⁠جو جيڪي ڪم اھي ڳُجھہ⁠ڳوھہ ۾ ڪن ٿا، تن جو ذڪر ڪرڻ بہ شرم جھڙي ڳالھہ آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 5:12
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو تو اهو ڪم ڳجهيءَ طرح ڪيو؛ پر هيءُ ڪم آءٌ اسرائيل جي اڳيان، ۽ ڏينهن ڏٺي جو ڪندس.


چورايل پاڻي مٺو ٿو ٿئي، ۽ جيڪا ماني لڪي ٿي کائجي سا چڱي ٿي لڳي.


ڇالاءِ جو خدا سڀڪو ڪم، سڀ ڪنهن چڱي يا بڇڙي لڪل ڳالهہ سان گڏ عدالت ۾ آڻيندو.


خداوند ٿو فرمائي، تہ ڪو پاڻ کي ڳجهين جاين ۾ اهڙو لڪائي سگهندو ڇا جو آءٌ ڏسي نہ سگهانس؟ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ آسمان ۽ زمين ڀري نہ بيٺو آهيان ڇا؟


انهي ڏينهن لاءِ، جڏهن خدا منهنجي خوشخبريءَ موجب يسوع مسيح جي وسيلي ماڻهن جي پوشيدہ ڳالهين جو انصاف ڪندو.


۽ اونداهيءَ جي اجاين ڪمن ۾ شريڪ نہ ٿيو، اُٽلندو انهن تي ڦٽڪار ڪريو؛


پر جن ڳالهين تي ڦٽڪار ڪرڻ ۾ اچي ٿي، سي روشنيءَ جي ڪري ظاهر ٿيو پون: ڇالاءِ جو جيڪا بہ شيءِ ظاهر ڪئي ٿي وڃي، سا روشن ٿي ٿئي.


پر جيئن ڪ پاڪ ٿيلن کي مناسب آهي، زناڪاريءَ ۽ هر قسم جي ناپاڪيءَ، يا لالچ جو نالو بہ اوهان ۾ هئڻ نہ کپي.


ڇالاءِ جو جيترو وقت اوهان غير قومن موافق هلت ڪئي، يعني شهوت پرستيءَ، نفساني خواهشن، شراب خورين، عيش عشرت ۽ موجن ۽ ڪراهت جهڙي بُت پرستيءَ ۾ گذاريو، ايترو ئي بس آهي.


۽ مون سڀني مُئلن، وڏن توڙي ننڍن کي تخت جي اڳيان بيٺل ڏٺو؛ ۽ ڪتاب کوليا ويا: ۽ هڪڙو ٻيو ڪتاب جو زندگيءَ جو ڪتاب آهي سو کوليو ويو. ۽ جيڪي ڳالهيون انهن ڪتابن ۾ لکيل هيون، تن موجب سندن ڪمن موافق مُئلن جو انصاف ڪيو ويو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ