Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 5:1 - Sindhi Bible

1 تنهنڪري پيارن ٻارن وانگر اوهين خدا جي پيروي ڪريو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 مطلب تہ اوهين ايشور جا پيارا ٻار هئڻ جي حيثيت سان سندس پيروي ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 مطلب تہ اوهين خدا جا پيارا ٻار هئڻ جي حيثيت سان سندس پيروي ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 اوھين خدا جا پيارا ٻار آھيو، تنھنڪري سندس پيروي ڪريو

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 5:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

افرائيم منهنجو پيارو پٽ آهي ڇا؟ جيترا ڀيرا آءٌ هن جي برخلاف ٿو ڳالهايان، اوترا ڀيرا آءٌ هن کي زيادہ شوق سان ياد ٿو ڪريان: تنهن ڪري هن جي لاءِ منهنجن آنڊن کي سيڪ ٿو اچي؛ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ضرور هن تي رحم ڪندس.


انهي هوندي بہ بني اسرائيل جو شمار سمنڊ جي واريءَ جيترو ٿيندو، جا نہ ماپي ٿي سگهجي، ۽ نہ ڳڻي ٿي سگهجي؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن هنڌ هنن کي چيو ويو آهي تہ اوهين منهنجي اُمت نہ آهيو، انهي هنڌ هنن کي چيو ويندو تہ اوهين جيئري خدا جا پٽ آهيو.


ڇالاءِ جو آءٌ اهو خداوند آهيان، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو آهي، انهي لاءِ تہ آءٌ اوهان جو خدا ٿيان: تنهنڪري اوهين پاڪ ٿيو، ڇو تہ آءٌ پاڪ آهيان.


تہ اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي تنهن جا ٻار ٿيو: ڇالاءِ جو اُهو پنهنجو سج چڱن ۽ مندن تي اُڀرائي ٿو، ۽ سچن ۽ ڪوڙن تي مينهن ٿو وسائي.


تنهنڪري جيئن اوهان جو پيءُ جو آسمان ۾ آهي سو ڪامل آهي، تيئن اوهين بہ ڪامل ٿيو.


پر جن جن کيس قبول ڪيو، تن کي اِهو حق ڏنائين تہ خدا جا ٻار ٿين، بلڪ اُنهن کي جي سندس نالي تي ايمان ٿا آڻين:


۽ اوهين هڪ ٻئي تي مهربان ۽ نرم دل ٿيو، ۽ جهڙيءَ طرح خدا مسيح ۾ اوهان کي معاف ڪيو آهي، تهڙيءَ طرح اوهين بہ هڪ ٻئي کي معاف ڪندا رهو.


تہ اوهين بي قصور ۽ بي ضرر ٿيو، ۽ انهن ڏنگن ۽ نرڄن جي زماني ۾، اوهين خدا جا بي عيب ٻار ٿي رهو، جنهن جي وچ ۾ اوهين اهڙا ٿا ڏسجو جهڙا دنيا ۾ چراغ؛


تنهنڪري جيئن خدا جا چونڊيل ۽ پاڪ پيارا آهيو، تيئن رحمدليءَ ۽ مهربانيءَ ۽ نماڻائيءَ ۽ حليمائيءَ ۽ تحمل جو جامو پهريو؛


اي پيارو، جڏهن خدا اسان کي اهڙو پيار ڪيو، تہ اسان کي بہ گهرجي تہ هڪٻئي کي پيار ڪريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ