Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 4:26 - Sindhi Bible

26 ڪاوڙ تہ ڪريو، پر گناهہ نہ ڪريو: ائين نہ ٿئي جو سج لهڻ تائين بہ ڪاوڙيل هجو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

26 جيڪڏهن اوهان کي ڪاوڙ اچي وڃي تہ پاپ نہ ڪجو، بلڪ سج لهڻ کان اڳ اوهان جي ڪاوڙ بہ ختم ٿي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 جيڪڏهن اوهان کي ڪاوڙ اچي وڃي تہ گناهہ نہ ڪجو، بلڪ سج لهڻ کان اڳ اوهان جي ڪاوڙ بہ ختم ٿي وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

26 جيڪڏھن اوھان کي ڪاوڙ اچي وڃي تہ گناھہ نہ ڪريو ۽ سج لھڻ تائين اوھان کي ڪاوڙ نہ رھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 4:26
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ غصي کان پاسو ڪر، ۽ ڪاوڙ کي ڇڏي ڏي: پاڻ کي خفي نہ ڪر. انهيءَ ۾ برائي آهي.


ڊڄندا رهو، ۽ گناهہ نہ ڪريو؛ پنهنجي هنڌ تي ليٽي دل ۾ هنڊايو، ۽ ماٺ ۾ رهو.


۽ تنهنجا هي سڀ نوڪر مون وٽ ايندا ۽ منهنجي اڳيان ڪنڌ جهڪائي چوندا تہ تون ۽ تنهنجا ماڻهو، جيڪي تنهنجي پيروي ٿا ڪن، سي سڀ هليا وڃو: انهيءَ کان پوءِ آءٌ ويندس. پوءِ هو ڏاڍيءَ ڪاوڙ ۾ فرعون وٽان هليو ويو.


جيڪو دير سان ٿو چڙي سو وڏيءَ سمجهہ وارو آهي: جيڪو تڪڙي طبيعت وارو آهي سو بي عقليءَ جو درجو وڌائي ٿو.


ماڻهوءَ جي سياڻپ هن کي ڪاوڙجڻ ۾ ڍرو ٿي ڪري؛ چُڪ تي گذر ڪرڻ کي هو پنهنجو فخر ٿو سمجهي.


اُتر جو واءُ مينهن آڻيندو آهي: ساڳئي طرح گلا غيبت ڪندڙ زبان ڪاوڙ واري صورت آڻي ٿي.


پنهنجي طبيعت ۾ تڪڙو ٿي نہ ڪاوڙج: ڇالاءِ جو ڪاوڙ بي عقلن جي سيني ۾ ٿي رهي.


هارون پنهنجن وڏن سان وڃي گڏبو: ۽ جيڪو ملڪ مون بني اسرائيل کي ڏنو آهي، تنهن ۾ هو داخل ڪين ٿيندو، ڇالاءِ جو اوهان مريبہ جي چشمي وٽ منهنجي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو.


پر آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو پنهنجي ڀاءُ سان ڪاوڙجي ٿو، سو عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو پنهنجي ڀاءُ کي چوندو تہ اي ديوانا، سو صدر عدالت جي سزا جوڳو ٿيندو؛ ۽ جيڪو چوندو تہ اي احمق، سو جهنم جي باهہ جوڳو ٿيندو.


سو جڏهن يسوع اهو حال ڏٺو، تڏهن ڪاوڙجي هنن کي چيائين تہ ننڍڙن ٻارن کي مون وٽ اچڻ ڏيو؛ ۽ انهن کي منع نہ ڪريو: ڇالاءِ جو خدا جي بادشاهت اهڙن ئي جي آهي.


تڏهن ڪاوڙ مان هنن ڏانهن نهاريائين، ڇو جو هنن جي سنگدليءَ تي ارمان ٿي آيس؛ پوءِ انهي ماڻهوءَ کي چيائين، تہ پنهنجو هٿ ڊگهير. ۽ هن اهو ڊگهيريو، تہ هٿ ڇُٽي پيس.


جنهن ڏينهن هو ڪمائي، انهي ڏينهن سج لهڻ کان اڳ ۾ تون هن کي مزوري ڏج؛ ڇالاءِ جو هو غريب آهي، ۽ هن جي دل انهي ۾ لڳل آهي: متان هو تنهنجي برخلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري، ۽ اهو تنهنجي لاءِ گناهہ ٿئي.


اي منهنجا پيارا ڀائرو، هيءَ ڳالهہ اوهين ڄاڻو ٿا، تہ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي گهرجي تہ ٻُڌڻ ۾ تکو، ۽ ڳالهائڻ ۾ ڍرو، ۽ ڪاوڙجڻ ۾ ٿڌو ٿئي:


ڇالاءِ جو انسان جي ڪاوڙ مان اهڙا ڪم ٿي نٿا سگهن، جي خدا جي راستبازيءَ موجب آهن.


پوءِ يونتن ڏاڍو ڪاوڙجي ميز تان اُٿيو، ۽ مهيني جي انهي ٻئي ڏينهن ماني ڪانہ کاڌائين: ڇالاءِ جو هن کي دائود جي ڳڻتي جي لاءِ ڏک هو، جو پڻس هن کي شرمندو ڪيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ