Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 4:23 - Sindhi Bible

23 ۽ پنهنجيءَ دل جي روحاني حالت ۾ نوان ٿيندا وڃو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 ۽ پنهنجي دل ۽ دماغ کي پوريءَ طرح نئون ٿيڻ ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 ۽ پنهنجي دل ۽ دماغ کي پوريءَ طرح نئون ٿيڻ ڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 اوھان جي دل ۽ دماغ پوريءَ طرح نئون ٿيڻ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 4:23
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي خدا منهنجي اندر ۾ پاڪ دل پيدا ڪر؛ ۽ مون ۾ نئين سر مستقيم روح پيدا ڪر.


۽ آءٌ انهن کي هڪڙي دل ڏيندس ۽ اوهان منجهہ نئون روح وجهندس، ۽ اُها پٿر جهڙي دل هنن جي بدن مان ڪڍي وٺندس، ۽ گوشت واري دل ڏيندوسان:


جيڪي گناهہ جهڙا ڪم اوهان ڪيا آهن، تن سڀني کي پاڻ کان پري ڪريو، ۽ پنهنجي لاءِ نئين دل ۽ نئون روح پيدا ڪريو: اي اسرائيل جا گهراڻا ڇو اوهين مرڻ ٿا گهرو؟


آءٌ اوهان کي نئين دل بہ ڏيندس ۽ اوهان ۾ نئون روح وجهندس: ۽ اوهان جي بدن مان اها پٿر جهڙي دل ڪڍي وٺندس ۽ گوشت جي دل ڏيندس.


۽ هن جهان جو نمونو اختيار نہ ڪريو: پر پنهنجيءَ دل جي نئون ٿيڻ ڪري بدلجي وڃو، تہ آزمودي مان سمجهي سگهو، تہ خدا جي چڱي، ۽ پسنديدہ، ۽ ڪامل مرضي ڪهڙي آهي.


تنهنڪري اسين هن جي موت ۾ بپتسما جي وسيلي هن سان گڏ دفن ٿياسين: انهي لاءِ تہ جيئن مسيح پيءُ جي جلال جي وسيلي مُئلن مان جياريو ويو، تيئن اسين بہ نئين زندگيءَ ۾ هلون.


هن ڪري جو جسماني نيت موت آهي، پر روحاني نيت زندگي ۽ سلامتي آهي.


ڇالاءِ جو اسين سندس ڪاريگري آهيون، ۽ مسيح يسوع ۾ انهن چڱن ڪمن لاءِ خلقيا ويا آهيون، جي خدا اڳيئي اسان جي ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا هئا.


۽ نئين انسانيت ڍڪي اٿوَ، جا علم حاصل ڪرڻ لاءِ نئين ٿيندي ٿي وڃي، تہ پنهنجي پيدا ڪرڻ واري جي صورت وانگر ٿئي؛


تڏهن هن اسان کي نجات ڏني، نہ اسان جي راستبازيءَ جي ڪمن ڪري، پر پنهنجي رحم موجب نئين پيدائش جي غسل، ۽ پاڪ روح جي وسيلي، جو اسان کي نئين سر پيدا ٿو ڪري،


تنهنڪري سمجهہ جو سندرو ٻُڌي هوشيار ٿيو، ۽ انهي فضل جي ڪامل اُميد رکو، جو يسوع مسيح جي ظهور وقت اوهان تي ٿيڻو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ