Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 4:21 - Sindhi Bible

21 بشرطيڪ جيڪا سچائي مسيح ۾ آهي، سا اوهان ٻُڌي آهي ۽ منجهس اها تعليم حاصل ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 اوهان تہ مسيح بابت سنديش ٻڌو آهي ۽ جيڪا سچائي هن ۾ آهي، تنهن جي سکيا هن جا هئڻ ڪري اوهان کي ڏني ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 اوهان تہ مسيح بابت پيغام ٻڌو آهي ۽ جيڪا سچائي هن ۾ آهي، تنهن جي تعليم هن جا هئڻ ڪري اوهان کي ڏني ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 يقيناً اوھان ھن بابت ٻڌو آھي ۽ مسيح سان گڏجي ھڪ ھئڻ ڪري انھيءَ سچائيءَ موجب جيڪا عيسيٰ ۾ آھي اوھان کي سيکاريو ويو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 4:21
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سچائي، حلم، ۽ راستبازي جي شوڪت سان سواري ڪري اقبال مند ٿيءُ: ۽ تنهنجو ساڄو هٿ توکي هيبتناڪ ڪم سيکاريندو.


هن اڃا ڳالهايو ئي پئي، تہ ڏسو، هڪڙي چمڪندڙ ڪڪر اچي مٿن ڇانوَ ڪئي: ۽ انهي ڪڪر مان آواز آيو، تہ هي منهنجو پيارو پٽ آهي، جنهن مان آئون گهڻو خوش آهيان، اوهين هن جي ٻڌو.


۽ جيڪو اوهان جي ٿو ٻُڌي، سو منهنجي ٿو ٻُڌي؛ ۽ جيڪو اوهان کي نٿو مڃي، سو مون کي نٿو مڃي؛ ۽ جيڪو مون کي نٿو مڃي، سو اُنهي کي نٿو مڃي جنهن مون کي موڪليو آهي.


ڇالاءِ تہ شريعت موسيٰ جي معرفت ملي؛ پر فضل ۽ سچائي يسوع مسيح جي معرفت آيا.


منهنجيون رڍون منهنجو آواز ٻُڌن ٿيون، ۽ آئون اُنهن کي سڃاڻان ٿو، ۽ اُهي منهنجي پٺيان ٿيون اچن.


يعني سچ جو روح: جنهن کي دنيا حاصل ڪري نٿي سگهي؛ ڇالاءِ جو هوءَ نہ هن کي ڏسي ٿي، نہ سڃاڻي ٿي: اوهين هن کي سڃاڻو ٿا، ڇالاءِ جو هو اوهان سان رهي ٿو، ۽ اوهان ۾ هوندو.


يسوع چيس تہ واٽ ۽ سچ ۽ زندگي آئون آهيان: منهنجي وسيلي ڌاران ڪوبہ پيءُ وٽ نٿو اچي.


مگر جنهن تي هنن ايمان ڪونہ آندو آهي، تنهن کي ڪيئن پڪاريندا؟ ۽ جنهن جو ذڪر اُنهن ڪونہ ٻُڌو آهي، اُنهي تي ڪيئن ايمان آڻيندا؟ ۽ منادي ڪرڻ واري کانسواءِ هو ڪيئن ٻُڌندا؟


هن ڪري جو خدا جا جيترا بہ واعدا آهن، سي سڀ هن ۾ هائو سان آهن. ۽ انهي ڪري هن جي وسيلي آمين بہ ٿا چئون تہ اسان جي معرفت خدا جو جلال ظاهر ٿئي.


مسيح جي سچائي جا مون ۾ آهي، تنهن موجب چوان ٿو تہ اخيہ جي پرڳڻن ۾ مون کي انهي فخر ڪرڻ کان ڪوبہ ماڻهو روڪي نٿو سگهي.


جنهن ۾ اوهان بہ سچائيءَ جو ڪلام، يعني پنهنجيءَ نجات جي خوشخبري ٻُڌي؛ ۽ جنهن تي اوهان ايمان بہ آندو، ۽ واعدي ڪيل پاڪ روح جي اوهان تي مهر لڳي،


۽ اوهين جي پري هئا، ۽ اهي جي ويجها هئا، تن ٻنهي کي صلح جي خوشخبري اچي ڏنائين:


انهيءَ اُميد جي ڪري جا اوهان جي لاءِ آسمان ۾ رکيل آهي. ۽ جنهن جو ذڪر اوهان اڳيئي انهيءَ خوشخبريءَ جي سچي ڪلام ۾ ٻُڌو آهي،


جو اوهان وٽ آيو آهي؛ جيئن ڪ ساري جهان ۾ ڦل ڏيندو ۽ وڌندو ٿو وڃي. جنهن ڏينهن کان اوهان اُهو ٻُڌو ۽ خدا جي فضل کي سچيءَ طرح معلوم ڪيو، تنهن ڏينهن کان اوهان منجهہ بہ ڦل ڏيندو ۽ وڌندو وڃي ٿو؛


۽ منجهس پاڙ ڄمائيندا وڌندا وڃو، ۽ پنهنجي ايمان ۾ اهڙا قائم ٿيندا وڃو، ۽ اهڙي بيحد شڪرگذاري ڪندا رهو، جهڙي اوهان کي تعليم ملي هئي.


۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ خدا جو فرزند آيو آهي، ۽ اسان کي سمجهہ ڏني اٿس، تہ جيڪو سچو آهي تنهن کي ڄاڻون؛ ۽ جيڪو سچو آهي تنهن ۾ اسين آهيون، يعني سندس فرزند يسوع مسيح ۾. اهوئي سچو خدا ۽ هميشہ جي زندگي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ