Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 4:16 - Sindhi Bible

16 جنهن کان سارو بدن، هرهڪ سَنڌ جي مدد سان ڦهڪي ڳنڍجي، سڀ ڪنهن ڀاڱي جي انداز جي اثر موافق پاڻ کي وڌائي وڏو ٿو ڪري، تان جو اُهو، محبت ۾ ترقي ڪندو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

16 انهيءَ مٿي جي ئي وسيلي شرير جا سڀ عضوا پاڻ ۾ ڳنڍجن ٿا ۽ شرير جو سنڌ سنڌ انهيءَ سان جڙيل هئڻ ڪري قائم رهي ٿو. سو جيڪڏهن هر هڪ عضوو پنهنجو پنهنجو ڪم صحيح نموني ۾ ڪري ٿو تہ سڄو شرير وڌي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي پيار جي وسيلي ترقي وٺائيندو رهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 انهيءَ مٿي جي ئي وسيلي بدن جا سڀ عضوا پاڻ ۾ ڳنڍجن ٿا ۽ بدن جو سنڌ سنڌ انهيءَ سان جڙيل هئڻ ڪري قائم رهي ٿو. سو جيڪڏهن هر هڪ عضوو پنهنجو پنهنجو ڪم صحيح نموني ۾ ڪري ٿو تہ سڄو بدن وڌي ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي پيار جي وسيلي ترقي وٺائيندو رهي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

16 اتان ئي سارو بدن، سنڌ سنڌ جي ڳنڍجڻ سان جڙي ٿو. سو جيڪڏھن ھر ھڪ عضوو صحيح نموني ۾ ڪم ڪري ٿو تہ سارو بدن وڌي ٿو ۽ پنھنجو پاڻ کي پيار جي وسيلي ترقي وٺائيندو رھي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 4:16
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آئون ڊاک جي ول آهيان، ۽ اوهين ٽاريون آهيو: جيڪو مون ۾ ٿو رهي، ۽ آئون ان ۾، سو ئي ججهو ڦل ٿو ڏئي: ڇالاءِ تہ مون ڌاران اوهين ڪجهہ بہ ڪري نٿا سگهو.


ڇالاءِ جو جيئن اسان جي هڪڙي بدن ۾ گهڻيئي عضوا آهن، ۽ سڀني عضون جو هڪڙو ئي ساڳيو ڪم ڪونهي:


جيئن هڪڙي ماني آهي، تيئن اسين جي گهڻا آهيون سي هڪڙو بدن آهيون، ڇالاءِ جو اسين سڀيئي هڪڙيءَ ئي مانيءَ ۾ ڀائيوار ٿا ٿيون.


هاڻي ايمان، اُميد ۽ محبت اهي ٽيئي دائمي آهن، پر انهن سڀني ۾ محبت وڏي آهي.


هاڻي بُتن جي قربانين جي بابت: اسين ڄاڻون ٿا تہ اسان سڀني کي علم آهي. علم مغروري پيدا ٿو ڪري، پر محبت مان سڌارو ٿو ٿئي.


پر روح جو ڦل آهي محبت، خوشي، اطمينان، صبر، مهرباني، نيڪي، ايمانداري،


ڇالاءِ جو مسيح يسوع ۾ نڪي مختوني ڪنهن ڪم جي آهي، نڪي نامختوني؛ پر ايمان، جو محبت جي وسيلي اثر ٿو ڪري.


جيئن تہ هن اسان کي جهان جي شروعات کان اڳ ۾ هن ۾ چونڊي ڪڍيو تہ اسين سندس اڳيان محبت ۾ پاڪ ۽ بي عيب ٿيون:


۽ ايمان جي وسيلي مسيح اوهانجي دلين ۾ گهر ڪري؛ تہ اوهين محبت ۾ پاڙ هڻي ۽ پيڙهہ ڄمائي،


۽ آئون خدا جي فضل جي بخشش موجب انهيءَ خوشخبريءَ جو خادم ڪيو ويس، جا سندس قدرت جي اثر ڪري مون کي عطا ٿي هئي.


انهي لاءِ تہ پاڪ ٿيل ڪامل ٿي، خدمتگاريءَ جو ڪم ڪندا رهن، تہ مسيح جو بدن ترقي ڪري:


پر محبت سان سچ ڳالهائي سڀني ڳالهين ۾ انهي سان گڏجي وڌندا وڃون؛ جو سڀني جو سر آهي، يعني مسيح؛


۽ آئون هيءَ دعا ٿو گهُران تہ اوهان جي محبت، علم ۽ هر طرح جي سمجهہ، شل ڏينهون ڏينهن وڌندي وڃي؛


پر سر سان لاڳاپو نٿو رکي، جنهن سان سارو بدن، سَنڌن ۽ ٻَنڌن جي ڪري پاڻ ۾ ڳنڍيل ٿو رهي، ۽ پرورش پائي خدا جي برڪت سان وڌندو ٿو وڃي.


انهي لاءِ تہ انهن جي دلين کي تسلي ملي، ۽ اُهي محبت جي ڪري پاڻ ۾ هڪ ٿي رهن، ۽ سمجهہ جي پوري معموري حاصل ڪن، تہ من خدا جي راز يعني مسيح کان واقف ٿين؛


۽ پنهنجي خدا پيءُ جي اڳيان اوهان جي ايمان جي ڪم ۽ محبت جي پورهئي، ۽ پنهنجي خداوند يسوع مسيح ۾ اُميد جي صبر کي هميشہ ياد پيا ڪريون؛


۽ انهي سبب ڪري اسين بہ هميشہ خدا جو شڪر ٿا ڪريون تہ جڏهن اوهان کي اسان کان خدا جو پيغام مليو، تڏهن اوهان اُهو ماڻهن جو ڪلام نہ پر جيئن حقيقت ۾ آهي، تيئن خدا جو ڪلام سمجهي قبول ڪيو، ۽ اُهو اوهان ايمان وارن تي اثر ٿو ڪري.


۽ خداوند اوهان جي محبت هڪٻئي لاءِ، ۽ سڀني ماڻهن لاءِ وڌائي زيادہ ڪري، جيئن ڪ اسان جي اوهان سان آهي؛


اي ڀائرو، اسان تي فرض آهي تہ اوهان جي لاءِ هميشہ خدا جو شڪر ڪريون، ۽ گهرجي بہ ائين، ڇالاءِ جو اوهان جو ايمان گهڻو وڌندو ٿو وڃي، ۽ اوهان سڀني ۾ هرهڪ جو پيار پاڻ ۾ زيادہ ٿيندو ٿو وڃي،


هاڻي انهي تاڪيد جو مطلب اهو آهي، تہ پاڪ ۽ نيڪ نيت ۽ سچي ايمان سان محبت پيدا ٿئي.


جڏهن اوهان حق جي تابعداري ڪري پنهنجن روحن کي پاڪ ڪيو تہ ڀائرن سان حقيقي محبت ڪريو، تڏهن دل و جان سان هڪٻئي کي پيار ڪريو.


۽ خدا جو پيار جو اسان ۾ آهي سو اسين ڄاڻون ٿا، ۽ انهي جو اسان کي پورو يقين ٿيو آهي تہ خدا پيار آهي ۽ جيڪو پيار ۾ ٿو رهي سو خدا ۾ ٿو رهي، ۽ خدا انهي ۾ ٿو رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ