Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 4:1 - Sindhi Bible

1 تنهنڪري آئون، جو خداوند ۾ قيدي آهيان، سو اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ جنهن ڪوٺ سان اوهين ڪوٺيا ويا آهيو، انهي جي لائق هلو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 تنهنڪري آءٌ، جيڪو پرڀو يسوع جو هئڻ ڪري قيدي آهيان، اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جهڙي جيون گذارڻ لاءِ ايشور اوهان کي سڏيو آهي، اهڙو ئي لائق جيون گذاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 تنهنڪري آءٌ، جيڪو خداوند عيسيٰ جو هئڻ ڪري قيدي آهيان، اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جهڙي زندگي گذارڻ لاءِ خدا اوهان کي سڏيو آهي، اهڙي ئي لائق زندگي گذاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 تنھنڪري آءٌ، جيڪو خداوند جي خاطر قيدي آھيان، اوھان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جنھن مقصد لاءِ خدا اوھان کي سڏيو آھي انھيءَ جي لائق زندگي گذاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 4:1
36 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن ابرام نوانوي ورهين جو ٿيو، تڏهن خداوند ابرام کي ڏيکاري ڏني ۽ چيائينس تہ آءٌ قادر مطلق خدا آهيان، تون منهنجي حضور ۾ هل ۽ ڪامل ٿيءُ.


۽ حنوڪ خدا ساڻ هلندو رهيو ۽ گم ٿي ويو، ڇالاءِ جو خدا هن کي کڻي ورتو.


پر يرمياہ چيو تہ هو توکي انهن جي حوالي نہ ڪندا، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ تون خداوند جو اهو حڪم مڃ جو آءٌ توکي ٻڌايان ٿو: جو انهي مان تنهنجو ڀلو ٿيندو، ۽ تنهنجي جان بچندي.


تنهن کانپوءِ ساري يهوديہ، ۽ گليل، ۽ سامريہ ۾ ڪليسيا کي امن مليو، ۽ اُها قائم ٿيندي ويئي؛ ۽ خداوند جي ڊپ ۾ هلندي ۽ پاڪ روح جي تسلي ۾ وڌندي ويئي.


ڇالاءِ جو خدا جون نعمتون ۽ سندس ڪوٺ بي تبديل آهن.


تنهنڪري، اي ڀائرو، آئون اوهان کي خدا جي رحمتن جو واسطو وجهي عرض ٿو ڪريان تہ اوهين پنهنجا بدن اهڙيءَ قربانيءَ ٿيڻ جي لاءِ نذر ڪريو جا زندہ، ۽ پاڪ، ۽ خدا کي پسند هجي، ۽ اُها ئي اوهان جي مناسب عبادت آهي.


تنهنڪري آئون اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ اوهين بہ مون جهڙا ٿيو.


هاڻي آئون پولس، جو اوهان جي روبرو اوهان سڀني ۾ نوڙت وارو آهيان، پر اوهان جي پرپٺ اوهان ڏانهن چڱي همت وارو آهيان، سو مسيح جي حليميءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجهي پاڻ اوهان کي عرض ٿو ڪريان:


تنهنڪري اسين مسيح جي طرفان ايلچي آهيون، ڄڻ تہ اسان جي وسيلي خدا اوهان کي منٿ ٿو ڪري، ۽ اسين اوهان کي مسيح جي پاران نيزاري ٿا ڪريون، تہ خدا سان ميل ميلاپ ڪريو.


۽ اسين جي هن سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آهيون، سي هيءُ بہ عرض ٿا ڪريون، تہ خدا جو فضل جو اوهان تي ٿيو آهي، سو اجايو نہ وڃي.


اي ڀائرو، آئون اوهان کي منٿ ٿو ڪريان، تہ جهڙو آئون آهيان تهڙا ٿيو، ڇالاءِ جو آئون بہ اهڙو آهيان جهڙا اوهين آهيو. اوهان مون کي ڪو اهنج ايذاءُ ڪونہ رسايو آهي:


ڇالاءِ جو اسين سندس ڪاريگري آهيون، ۽ مسيح يسوع ۾ انهن چڱن ڪمن لاءِ خلقيا ويا آهيون، جي خدا اڳيئي اسان جي ڪرڻ ۽ انهن تي هلڻ لاءِ تيار ڪري ڇڏيا هئا.


انهي سبب آئون پولس، جو اوهان غير قومن وارن جي خاطر مسيح يسوع جو قيدي آهيان –


تنهنڪري آئون خداوند جي اڳيان شاهدي ڏيندي هيئن ٿو چوان، تہ جهڙيءَ طرح غير قومون پنهنجي اجاين خيالن موافق هلن ٿيون، تهڙيءَ طرح اوهين اڳتي نہ هلو؛


هڪڙو ئي بدن آهي ۽ هڪڙو ئي روح، جيئن ڪ اوهين بہ پنهنجي ڪوٺ وقت هڪڙي ئي اُميد ۾ ڪوٺيا ويا هئا؛


۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


رڳو هيترو ڪريو تہ اوهان جي هلت چلت مسيح جي خوشخبريءَ جي لائق ٿئي: پوءِ آئون اچي اوهان کي گڏجان يا نہ، تہ بہ اوهان جو احوال اهو ٻُڌان تہ اوهين هڪڙي ئي روح ۾ قائم آهيو، ۽ هڪدل ٿي خوشخبريءَ جي ايمان لاءِ جانفشاني ڪندا ٿا رهو.


۽ انهي نشان ڏانهن ڪاهيندو ٿو وڃان، انهي لاءِ تہ اهو انعام حاصل ڪريان، جنهن لاءِ خدا مون کي مسيح يسوع ۾ اعليٰ درجي تي سڏيو آهي.


انهي لاءِ تہ اوهان جي هلت چلت هر طرح وڻندڙ ۽ خداوند جي لائق ٿئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ ڦلدار ٿئي، ۽ اوهين خدا جي سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو.


تنهنڪري جهڙيءَ طرح اوهان مسيح يسوع خداوند کي قبول ڪيو آهي، تهڙيءَ طرح انهي ۾ هلندا رهو،


اپفراس، جو اوهان مان هڪڙو آهي، ۽ مسيح يسوع جو غلام آهي، سو اوهان کي سلام ٿو چوي ۽ هميشہ اوهان جي لاءِ جانفشانيءَ سان دعا ٿو گهُري، انهي لاءِ تہ اوهين ڪامل ٿي پوري يقين سان خدا جي ساريءَ مرضيءَ تي قائم رهو.


انهي لاءِ تہ اوهين خدا جي لائق هلت چلت ڪريو؛ جو اوهان کي پنهنجيءَ بادشاهت ۽ جلال ۾ سڏي ٿو.


انهي مطلب لاءِ اسين بہ هميشہ اوهان لاءِ دعا پيا گهُرون، تہ شل اسان جو خدا اوهان کي پنهنجي ڪوٺ جي لائق سمجهي، ۽ نيڪيءَ جي سڀ ڪا خواهش، ۽ ايمان جو سڀ ڪو ڪم قدرت سان پورو ڪري؛


جنهن اسان کي نجات ڏني ۽ پاڪ سڏ سان سڏيو، نہ اسانجن ڪمن موجب، پر پنهنجي خاص ارادي ۽ فضل موجب، جو فضل هن مسيح يسوع ۾ ازل کان اسان تي نازل ڪيو،


چوري چڪاري نہ ڪن، پر هر طرح جي ايمانداري ڏيکارين؛ انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ اسان جي نجات ڏيندڙ خدا جي تعليم کي رونق ملي.


سو شل اوهان کي سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ سندس مرضي پوري ڪرڻ لاءِ ڪامل ڪري، ۽ جيڪي سندس نظر ۾ پسند آهي سو يسوع مسيح جي وسيلي اسان ۾ پيدا ڪري؛ انهي جي وڏائي هميشہ تائين ٿيندي رهي. آمين.


تنهنڪري اي پاڪ ڀائرو، جي آسماني ڪوٺ ۾ شريڪ آهيو، اوهين انهي رسول ۽ سردار ڪاهن تي، يعني يسوع تي غور ڪريو، جنهن کي اسين مڃون ٿا.


اي پيارو، آئون اوهان کي پرديسي ۽ مسافر ڄاڻي عرض ٿو ڪريان تہ اُنهن جسماني خواهشن کان پري رهو، جي روح سان وڙهن ٿيون،


بديءَ جي عيوض بدي نہ ڪريو، ۽ گار جي بدران گار نہ ڏيو؛ پر اُٽلندو دعا ڪريو؛ ڇالاءِ جو اوهين انهي لاءِ سڏيا ويا هئا تہ برڪت جا وارث ٿيو.


خدا، جو ساري فضل جو چشمو آهي، جنهن اوهان کي مسيح ۾ پنهنجي ابدي جلال جي لاءِ سڏيو آهي، سو اوهان جي ٿوري وقت تائين ڏکن سهڻ کانپوءِ اوهان کي ڪامل، ۽ قائم، ۽ مضبوط ڪندو.


ڇالاءِ جو سندس خدائي قدرت، زندگيءَ ۽ دينداريءَ سان تعلق رکندڙ سڀ شيون، پنهنجي سڃاڻپ جي وسيلي اسان کي بخشيون آهن. هن پنهنجي جلال ۽ نيڪيءَ سان اسان کي سڏيو؛


۽ هاڻي آئون توکي هڪڙو عرض ٿو ڪريان. آئون ڪو نئون حڪم ڪونہ ٿو لکان، پر اُهو پراڻو ئي حڪم جيڪو اسان کي شروعات ۾ مليو هو، تہ اسين هڪٻئي کي پيار ڪريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ