Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 3:6 - Sindhi Bible

6 يعني هي تہ مسيح يسوع ۾ غير قومون خوشخبريءَ جي وسيلي ميراث ۾ شريڪ، ۽ بدن ۾ شامل، ۽ واعدي جو حصيدار آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

6 اهو ڀيد هي آهي تہ يسوع مسيح ۾ غير قومن وارا بہ بني اسرائيل سان گڏ خوشخبريءَ جي وسيلي ايشور جي ميراث ۾ شريڪ آهن، هڪ ئي شرير جا عضوا آهن ۽ ايشور جي وچن ۾ حصيدار آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اهو راز هي آهي تہ عيسيٰ مسيح ۾ غير قومن وارا بہ بني اسرائيل سان گڏ خوشخبريءَ جي وسيلي خدا جي ميراث ۾ شريڪ آهن، هڪ ئي بدن جا عضوا آهن ۽ خدا جي واعدي ۾ حصيدار آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

6 اھو راز ھي آھي تہ غير قومون عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيڻ ڪري خوشخبريءَ جي وسيلي يھودين سان گڏ خدا جي ميراث ۾ شريڪ آھن، ھڪ ئي بدن جا عضوا آھن ۽ خدا جي واعدي ۾ حصيدار آھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 3:6
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيندو تہ اها اوهين ڪُڻا وجهي ورثو ڪري ورهائجو، ۽ جيڪي پرديسي اوهان ۾ رهندڙ هجن، ۽ جي اوهان منجهہ رهي اولاد پيدا ڪن، تن کي بہ ڏجو؛ ۽ اُهي اوهان جي لاءِ بني اسرائيل ۾ گهر ڄاولن وانگر ٿيندا؛ انهن کي اوهان سان گڏ اسرائيل جي فرقن منجهہ ورثو ملندو.


ڇالاءِ جو جيئن بدن هڪڙو آهي ۽ ان جا عضوا گهڻا آهن ۽ بدن جا سڀ عضوا، اگرچہ گهڻا آهن، تہ بہ گڏجي هڪ بدن آهن، تيئن مسيح بہ آهي.


هاڻي اوهين مسيح جو بدن آهيو، ۽ ڌار ڌار سندس عضوا آهيو.


انهي لاءِ تہ مسيح يسوع ۾ ابراهيم جي برڪت غير قومن تي اچي؛ ۽ اسين ايمان جي وسيلي اهو روح جو انجام حاصل ڪريون.


۽ جيڪي مسيح يسوع جا آهن، تن جسم کي انهي جي خواهشن ۽ سَڌن سميت صليب تي چاڙهيو آهي.


تہ ڪهڙيءَ طرح الهام جي رستي اهو راز مون کي معلوم ٿيو، جيئن مون اڳي مختصر طور لکيو آهي،


ڇالاءِ تہ اسين سندس بدن جا عضوا آهيون،


تنهنڪري اوهين انهن جا شريڪ نہ ٿيو؛


پر سر سان لاڳاپو نٿو رکي، جنهن سان سارو بدن، سَنڌن ۽ ٻَنڌن جي ڪري پاڻ ۾ ڳنڍيل ٿو رهي، ۽ پرورش پائي خدا جي برڪت سان وڌندو ٿو وڃي.


جيڪي اسان ڏٺو ۽ ٻُڌو آهي، سو اوهان کي بہ ٻُڌايون ٿا، تہ اوهين بہ اسان سان شريڪ ٿيو: ۽ اسان جي شراڪت پيءُ سان، ۽ سندس فرزند يسوع مسيح سان آهي.


۽ اهوئي واعدو آهي جو هن اسان سان ڪيو؛ يعني هميشہ جي زندگي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ