Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 3:5 - Sindhi Bible

5 جو ٻين زمانن ۾ بني آدم کي ايتري قدر معلوم نہ ٿيو، جيتري قدر هاڻ سندس پاڪ رسولن ۽ نبين تي روح جي وسيلي پڌرو ٿيو آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 اڳين پيڙهين ۾ ماڻهن تي هي ڀيد ظاهر نہ ٿيو هو، پر هاڻي خوشخبري ٻڌائيندڙ سنتن تي جيڪي ايشور جا مخصوص ڪيل آهن ۽ ايشور جي ٻين سنديش ڏيندڙن تي پوِتر آتما جي وسيلي ظاهر ڪيو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اڳين پيڙهين ۾ ماڻهن تي هي راز ظاهر نہ ٿيو هو، پر هاڻي خدا جي مخصوص ڪيل رسولن ۽ سندس ٻين پيغام ڏيندڙن تي پاڪ روح جي وسيلي ظاهر ڪيو ويو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 اڳئين زماني ۾ ماڻھن کي ھي راز اھڙيءَ طرح نہ ٻڌايو ويو ھو، جھڙيءَ طرح ھاڻي خدا جي پاڪ رسولن ۽ نبين تي پاڪ روح جي وسيلي ظاھر ٿيو آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 3:5
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تيئن هو گهڻين قومن کي حيران ڪري ڇڏيندو؛ هن جي سامهون بادشاهہ پنهنجا وات بند ڪندا: ڇالاءِ تہ جيڪي انهن کي چيو نہ ويو هو، سو اهي ڏسندا، ۽ جيڪي انهن نہ ٻڌو هو سو اهي سمجهندا.


ڇوتہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جيڪي شيون اوهين ڏسو ٿا، سي گهڻن ئي نبين ۽ راستبازن ڏسڻ گهريون، پر نہ ڏٺائون؛ ۽ جيڪي ڳالهيون اوهين ٻُڌو ٿا، سي ٻُڌڻ گهريائون، پر نہ ٻڌائون.


هنن چيس تہ ڇالاءِ جو اسان کي پورهئي تي ڪنهن ڪين بيهاريو آهي. هن چين تہ اوهين بہ ڊاک جي باغ ۾ وڃو.


تنهنڪري ڏسو، آئون اوهان ڏانهن نبي ۽ داناءَ ماڻهو ۽ فقيهہ موڪليان ٿو: انهن مان ڪن کي اوهين قتل ڪندا ۽ صليب تي چاڙهيندا، ۽ ڪن کي اوهين پنهنجين عبادتگاهن ۾ چهبڪ هڻندا، ۽ شهر شهر ستائيندا وتندا.


ڇوتہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ گهڻن نبين ۽ بادشاهن جي خواهش هئي، تہ جيڪي اوهين ٿا ڏسو، سو ڏسن، پر نہ ڏٺائون، ۽ جيڪي اوهين ٿا ٻُڌو سو ٻُڌن، پر نہ ٻُڌائون.


انهي لاءِ خدا جي دانائيءَ فرمايو آهي، تہ آئون نبين ۽ رسولن کي اُنهن وٽ موڪليندس، جن مان اُهي ڪن کي ماري وجهندا، ۽ ڪن کي ستائيندا؛


پر مددگار يعني پاڪ روح، جنهن کي پيءُ منهنجي نالي موڪليندو، سو اوهان کي سڀ ڳالهيون سيکاريندو، ۽ جيڪي ڳالهيون مون اوهان کي چيون آهن، سي سڀ اوهان کي ياد ڏياريندو.


پر جڏهن اهو، يعني سچ جو روح ايندو، تڏهن هو اوهان جو سونهون ٿي اوهان کي سموري سچ ۾ آڻيندو: ڇالاءِ جو هو پاڻو نہ چوندو، پر جيڪي ڳالهيون ٻُڌندو سي ئي چوندو: ۽ جيڪي ڳالهيون ٿيڻ واريون آهن، سي اوهان کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو.


تڏهن اُنهن کي چيائين تہ خود اوهان کي خبر آهي تہ ڪنهن بہ يهوديءَ کي ٻي قوم واري ماڻهوءَ سان سنگت رکڻ يا انهي وٽ لنگهي وڃڻ روا نہ آهي؛ تنهن هوندي بہ خدا مون کي ڏيکاريو آهي تہ آئون ڪنهن کي بہ پليت يا ناپاڪ نہ سڏيان.


هاڻي جو راز ازل کان وٺي پوشيدہ رکيو ويو هو، ۽ جو هاڻي ازلي خدا جي حڪم موجب نبين جي لکيتن جي وسيلي، سڀني قومن تي پڌرو ڪيو ويو آهي، انهي لاءِ تہ هو ايمان جا تابعدار ٿين،


اُهي خدا پنهنجي روح جي وسيلي اسان تي ظاهر ڪيون: ڇالاءِ جو روح سڀني ڳالهين کي پرکي ٿو، بلڪ خدا جي ڳوڙهين ڳالهين کي سمجهي ٿو وٺي.


۽ رسولن ۽ نبين جي بنياد تي اڏيل آهيو، جنهن جي ڪنڊ جو خاص پٿر خود مسيح يسوع آهي؛


۽ سڀني ماڻهن تي اها ڳالهہ ظاهر ڪريان، تہ سڀني شين جي خالق ۾ ازل کان جو راز پوشيدو هو، تنهن جو انتظام ڪهڙو آهي؛


تہ جيڪي ڳالهيون پاڪ نبي اڳي ڪري ويا آهن، ۽ خداوند ۽ نجات ڏيندڙ جو حڪم، جو اوهان کي رسولن جي معرفت ڏنو ويو، تن کي ياد رکو.


پر اي پيارو، اُهي ڳالهيون ياد رکو جي اسان جي خداوند يسوع مسيح جي رسولن اڳيئي ڪري ڇڏيون آهن؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ