Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 3:19 - Sindhi Bible

19 ۽ مسيح جي انهيءَ محبت کي ڄاڻو جا سمجهہ کان ٻاهر آهي، انهي لاءِ تہ اوهين خدا جي ساري ڀرپوريءَ تائين ڀرپور ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 شل اوهين مسيح جي انهيءَ پريم کي ڄاڻي سگھو جيڪو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، تہ جيئن اوهين ايشور جي سڄي ڀرپوريءَ سان ڀرپور ٿي وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 شل اوهين مسيح جي انهيءَ محبت کي ڄاڻي سگھو جيڪا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، تہ جيئن اوهين خدا جي سڄي ڀرپوريءَ سان ڀرپور ٿي وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 يعني مسيح جي انھيءَ محبت کي ڄاڻي سگھو جيڪا سمجھہ کان ٻاھر آھي، تہ جيئن اوھين خدا جي ساري ڀرپوريءَ تائين ڀرپور ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 3:19
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

باقي آءٌ، سو سچائيءَ سان تنهنجو منهن ڏسندس: جڏهن آءٌ جاڳندس تڏهن تنهنجي صورت ڏسي ڍءُ ڪندس.


تڏهن آءٌ خدا جي قربان گاهہ وٽ ويندس، يعني انهيءَ خدا وٽ جو منهنجي ڪمال خوشي آهي: اي خدا، منهنجا خدا، آءٌ بربط وڄائي تنهنجي تعريف ڪندس.


مبارڪ آهن اُهي جي سچائيءَ جا بکايل ۽ اُڃايل آهن، ڇالاءِ جو اُهي ڍائبا.


۽ هن جي ڀرپورائيءَ مان اسان سڀني کي مليو آهي، يعني فضل تي فضل.


۽ هميشہ جي زندگي هيءَ آهي، تہ هو تو هڪ سچي خدا کي، ۽ يسوع مسيح، جنهن کي تو موڪليو آهي، تنهن کي سڃاڻن.


ڪير اسان کي مسيح جي پيار کان ڌار ڪندو؟ مصيبت، يا تنگي، يا ظلم، يا ڏڪار، يا اوگهڙ، يا خطرو، يا ترار؟


نہ اوچائي، نہ اونهائي، نہ مخلوق جي ٻي ڪا شيءِ اسان کي خدا جي انهي پيار کان ڌار ڪري سگهندي جو اسان جي خداوند مسيح يسوع ۾ آهي.


ڇالاءِ جو مسيح جي محبت اسان کي مجبور ٿي ڪري، هن ڪري جو اسين ائين ٿا سمجهون، تہ جي هڪڙو سڀني لاءِ مُئو تہ سڀ مري ويا؛


آئون مسيح سان گڏ مصلوب ٿيو آهيان، انهي هوندي بہ آئون جيئرو آهيان؛ پر هاڻي آئون جيئرو نٿو رهان، بلڪ مسيح مون ۾ جيئرو ٿو رهي؛ ۽ جيڪا حياتي آئون هاڻي جسم ۾ گذاريان ٿو، سا آئون انهي ايمان تي ٿو گذاريان، جو خدا جي فرزند تي آهي، جنهن مون سان محبت رکي منهنجي بدلي پنهنجي جان ڏنائين.


جا سندس بدن آهي، ۽ سندس معموري جو هر ڪنهن کي هر طرح سان معمور ٿو ڪري.


۽ سڀني پاڪ ٿيلن سميت پوريءَ طرح سمجهي سگهو تہ سندس محبت جي ويڪرائي، ڊگهائي، اوچائي ۽ اونهائي ڪيتري آهي،


۽ محبت سان هلو، جيئن ڪ مسيح بہ اوهان کي پيار ڪيو، ۽ اسان جي لاءِ پاڻ کي پاڻهي خوشبوءِ وانگر خدا جي اڳيان نذرانو ۽ قرباني ڪري ڏيئي ڇڏيائين.


اي مڙسو، پنهنجين زالن سان محبت رکو، جيئن ڪ مسيح بہ ڪليسيا سان محبت رکي ۽ پاڻ کي انهي جي لاءِ ڏيئي ڇڏيائين؛


جيئن ڪ واجب آهي تہ آئون اوهان سڀني جي بابت اهڙو ئي خيال ڪريان، ڇالاءِ جو اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو، ۽ منهنجي زنجيرن ۾ توڙي انجيل جي بچاءَ ۽ ثابتيءَ ۾، اوهين فضل ۾ مون سان ڀائيوار آهيو.


۽ خدا جو اطمينان، جو سمجهہ کان بلڪل ٻاهر آهي، سو اوهان جي دلين ۽ خيالن جي مسيح يسوع ۾ نگهباني ڪندو.


انهي لاءِ تہ اوهان جي هلت چلت هر طرح وڻندڙ ۽ خداوند جي لائق ٿئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم ۾ ڦلدار ٿئي، ۽ اوهين خدا جي سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو.


بنا ڏٺي اوهين هن کي پيار ٿا ڪريو؛ ۽ جيتوڻيڪ اوهين هاڻي کيس نٿا ڏسو، تہ بہ ايمان آڻي ايتري گهڻي خوشي ٿا ڪريو جا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، ۽ جلال سان ڀرپور آهي.


بلڪ اسان جي خداوند ۽ نجات ڏيندڙ يسوع مسيح جي فضل ۽ سڃاڻپ ۾ وڌندا وڃو. شل انهي جو جلال هاڻي بہ ۽ هميشہ جي لاءِ هجي. آمين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ