Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 3:1 - Sindhi Bible

1 انهي سبب آئون پولس، جو اوهان غير قومن وارن جي خاطر مسيح يسوع جو قيدي آهيان –

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

1 انهيءَ سبب آءٌ پولس، جيڪو اوهان غير قومن جي خاطر ۽ يسوع مسيح جي واسطي قيدي آهيان، اوهان لاءِ پرارٿنا ٿو ڪريان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 انهيءَ سبب آءٌ پولس، جيڪو اوهان غير قومن جي خاطر ۽ عيسيٰ مسيح جي واسطي قيدي آهيان، اوهان لاءِ دعا ٿو گھران.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

1 انھيءَ سبب آءٌ پولس، جيڪو اوھان غير قومن جي خاطر ۽ عيسيٰ مسيح جي ڪري قيدي آھيان، دعا ٿو گھران.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 3:1
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اُهي ڳالهيون ٿين، تنهن کان اڳي اهي اوهان کي اچي جهليندا، ۽ اوهان کي ستائيندا، ۽ عبادتخانن جي عدالت جي حوالي ڪندا، ۽ قيد خانن ۾ وجهندا، ۽ منهنجي نالي بادشاهن ۽ حاڪمن اڳيان اوهان کي کڙو ڪندا.


پوءِ پلٽڻ جي سردار ويجهو اچي هن کي گرفتار ڪيو، ۽ حڪم ڏنائين تہ ٻن زنجيرن سان ٻَڌوس؛ ۽ پڇا ڪرڻ لڳو تہ هي ڪير آهي ۽ ڇا ڪيو اٿس؟


تنهن تي اُهو هن کي وٺي پلٽڻ جي سردار وٽ ويو، ۽ چيائينس تہ پولس قيديءَ مون کي سڏي عرض ڪيو تہ هن جوان کي تو وٽ وٺي اچان، جو توکي ڪجهہ ٻُڌائڻو اٿس.


پولس چيو، تہ شل خدا ڪري تہ ٿوريءَ سان يا گهڻيءَ سان، نہ رڳو تون، پر جيڪي ماڻهو اڄ منهنجي بيٺا ٻُڌن، سي سڀيئي اهڙا ٿين جهڙو آئون آهيان، سواءِ هنن زنجيرن جي.


پر خداوند چيس تہ تون وڃ: ڇالاءِ جو هو منهنجو هڪڙو چونڊيل وسيلو آهي، تہ هو غير قومن، ۽ بادشاهن، ۽ بني اسرائيل وٽ منهنجو نالو ظاهر ڪري:


پر جي اسين مصيبت ۾ مبتلا آهيون، تہ اُها اوهان جي تسلي ۽ نجات جي لاءِ آهي؛ يا جي اسان کي تسلي ملي تہ اُها اوهان جي تسلي جي لاءِ آهي، جنهن جي اثر ڪري اوهين صبر سان اُهي ساڳيا ڏک سهو ٿا، جي اسين بہ ٿا سهون.


هاڻي آئون پولس، جو اوهان جي روبرو اوهان سڀني ۾ نوڙت وارو آهيان، پر اوهان جي پرپٺ اوهان ڏانهن چڱي همت وارو آهيان، سو مسيح جي حليميءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجهي پاڻ اوهان کي عرض ٿو ڪريان:


ڇا هو ئي مسيح جا خادم آهن؟ (اهو آئون پاڳل وانگر ٿو چوان) آئون انهن کان بہ وڌيڪ آهيان؛ محنتن ۾ گهڻو وڌيڪ، قيدن ۾ گهڻو وڌيڪ؛ چهبڪن کائڻ ۾ حد کان زيادہ، موت جي منهن ۾ گهڻائي ڀيرا.


پر اي ڀائرو، جيڪڏهن آئون اڃا تائين ختني جي منادي ٿو ڪريان تہ پوءِ ڇو ٿو ستائجان؟ پوءِ صليب ٺوڪر جو باعث نہ رهيو.


ڏسو، آئون پولس اوهان کي چوان ٿو، تہ جيڪڏهن اوهين ختنو ڪرائيندا تہ مسيح کان اوهان کي ڪو فائدو ڪونہ پهچندو.


۽ جيڪي مسيح يسوع جا آهن، تن جسم کي انهي جي خواهشن ۽ سَڌن سميت صليب تي چاڙهيو آهي.


انهي ازلي ارادي موافق، جو هن اسان جي خداوند يسوع مسيح ۾ ڪيو هو:


تنهنڪري آئون عرض ٿو ڪريان تہ جيڪي مصيبتون اوهان جي خاطر سهان ٿو، تن جي ڪري همت نہ هاريو، جو اهي اوهان جي لاءِ عزت جو سبب آهن.


آئون جو پاڪ جماعت ۾ سڀني کان گهٽ آهيان، تنهن کي اهو فضل عطا ٿيو، تہ آئون غير قومن ۾ مسيح جي بي انداز دولت جي منادي ڪريان؛


تنهنڪري آئون، جو خداوند ۾ قيدي آهيان، سو اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ جنهن ڪوٺ سان اوهين ڪوٺيا ويا آهيو، انهي جي لائق هلو،


جنهن جي لاءِ آئون زنجيرن ۾ ٻَڌل ايلچي آهيان؛ تہ انهي کي دليريءَ سان اهڙو بيان ڪريان، جهڙو بيان ڪرڻ مون تي فرض آهي.


جيئن ڪ واجب آهي تہ آئون اوهان سڀني جي بابت اهڙو ئي خيال ڪريان، ڇالاءِ جو اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو، ۽ منهنجي زنجيرن ۾ توڙي انجيل جي بچاءَ ۽ ثابتيءَ ۾، اوهين فضل ۾ مون سان ڀائيوار آهيو.


هاڻي آئون اوهان جي خاطر پنهنجن ڏکن ۾ خوش ٿو رهان، ۽ مسيح جي مصيبتن جي ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي لاءِ پنهنجي بدن ۾ پوري ٿو ڪريان.


آئون پولس پنهنجي هٿ سان اوهان ڏانهن سلام ٿو لکان. منهنجا زنجير ياد رکجو. شل اوهان تي فضل هجي.


اسان جي لاءِ بہ دعا گهُرندا رهو، تہ خدا اسان لاءِ ڪلام جو دروازو کولي، تہ آئون مسيح جي انهي راز جو بيان ڪري سگهان، جنهن جي ڪري آئون قيد ۾ بہ آهيان؛


خداوند انيسفرس جي گهراڻي تي رحم ڪري: ڇالاءِ جو هن گهڻا ڀيرا مون کي تازو توانو ڪيو، ۽ منهنجي قيد جي ڪري شرمندو نہ ٿيو؛


تنهنڪري اسان جي خداوند جي شاهدي ڏيڻ کان، توڙي مون کان جو سندس قيدي آهيان، شرم نہ ڪر؛ پر خدا جي قدرت موجب، خوشخبريءَ جي لاءِ مون سان گڏ ڏک سهہ.


پولس، جو مسيح يسوع جي خاطر قيدي آهي، تنهنجي ۽ اسان جي ڀاءُ تيمٿيس جي طرفان اسان جي پياري ۽ هم خدمت فليمون ڏانهن،


اپفراس جو مون سان گڏ مسيح يسوع ۾ قيدي آهي،


تڏهن بہ محبت جي ڪري مون کي اها ڳالهہ پسند آهي تہ آئون پيرسن پولس، جو مسيح يسوع جو قيدي آهيان، توکي عرض ڪريان؛


جيڪي ڏک توکي سَهڻا آهن تن کان نہ ڊڄ: ڏس، شيطان اوهان مان ڪن کي قيد ۾ وجهڻ وارو آهي تہ اوهان جي آزمائش ٿئي؛ ۽ ڏهن ڏينهن تائين اوهان تي مصيبت رهندي. تون مرڻ تائين ايماندار رهہ ۽ آئون توکي زندگيءَ جو تاج ڏيندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ