Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 2:3 - Sindhi Bible

3 انهن سان گڏ اسين سڀيئي بہ پنهنجي جسم جي خواهشن ۾ هلندا هئاسين، ۽ جسم ۽ دل جي سَڌين پورين ڪرڻ ۾ مشغول هئاسين، ۽ طبيعت جي ڪري ٻين وانگر غضب جا فرزند هئاسين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

3 اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي شريري خواهشن موجب جيون گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي تن ۽ من جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر ايشور جي ناراضپي جا حقدار هئاسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 اڳ اسين سڀيئي بہ انهن سان گڏ پنهنجي انساني فطرت جي جسماني خواهشن موجب زندگي گذاريندا هئاسين ۽ پنهنجي جسم ۽ نفس جون خواهشون پوريون ڪندا هئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين ماڻهن وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار هئاسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

3 ان وقت اسين سڀيئي بہ انھن سان گڏ پنھنجي انساني فطرت جي جسماني خواھشن موجب زندگي گذاريندا ھئاسين ۽ پنھنجي جسم ۽ دل جون خواھشون پوريون ڪندا ھئاسين. اسين فطري حالت جي ڪري ٻين سڀني وانگر خدا جي ناراضپي جا حقدار ھئاسين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 2:3
54 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن آدم هڪ سؤ ٽيهن ورهين جو ٿيو، تڏهن کيس سندس صورت تي ۽ سندس جهڙو پٽ ڄائو، جنهن جو نالو سيت رکيائين.


پوءِ خداوند ڏٺو تہ انسان جي بڇڙائي زمين تي وڌي ويئي آهي، ۽ هن جي دل جو هرڪو خيال ۽ تصور بہ سدائين بڇڙائيءَ سان ڀريل آهي.


۽ خداوند کي انهيءَ جي خوشبوءِ پهتي، ۽ خداوند پنهنجيءَ دل ۾ چيو تہ آءٌ انسان جي ڪري زمين تي وري لعنت نہ ڪندس، ڇالاءِ جو انسان جي دل جو خيال ننڍپڻ کان خراب آهي؛ ۽ نڪي سڀ ڪنهن ساهواري کي ماريندس، جيئن هاڻي ڪيو اٿم.


ناپاڪ شيءِ مان ڪير پاڪ شيءِ ڪڍي سگهندو؟ ڪوبہ نہ.


تڏهن ڪهڙيءَ طرح ماڻهو خدا وٽ سچو ٿي سگهندو؟ جيڪو ماءُ جي پيٽ مان ڄائو آهي سو ڪهڙيءَ طرح پاڪ ٿي سگهندو؟


ڏس بڇڙائيءَ ۾ مون کي صورت ملي، ۽ گناهہ ۾ آءٌ پنهنجيءَ ماءُ جي پيٽ ۾ ٿيس.


اسين سڀ رڍن وانگي گمراهہ ٿي ويا آهيون؛ اسان مان هرڪو پنهنجي پنهنجي رستي ڏانهن ڦري ويو آهي؛ پر خداوند اسان سڀني جو گناهہ هن جي مٿان رکيو آهي.


مگر دنيا جا فڪر، ۽ دولت جو فريب، ۽ ٻين شين جون خواهشون منجهن گهڙي ڪري ڪلام کي گهٽيو ٿيون ڇڏين، جنهنڪري اُهو ڦل جهلڻ کان رهجيو وڃي.


جي نہ رت مان، نہ جسم جي خواهش مان، نہ انسان جي ارادي مان، پر خدا مان پيدا ٿيا.


اوهين پنهنجي پيءُ شيطان جا آهيو، ۽ مرضي اٿوَ تہ پنهنجي پيءُ جي خواهشن تي هلو. هُو تہ شروع کان ئي خوني هو، ۽ سچ تي نہ بيٺو، ڇالاءِ تہ سچ منجهس آهي ئي ڪونہ. جڏهن هو ڪوڙ ٿو ڳالهائي، تہ پاڻو ٿو ڳالهائي، ڇوتہ هو ڪوڙو آهي ۽ ڪوڙ جو باني آهي.


جنهن گذريل زماني ۾ سڀني قومن کي پنهنجي پنهنجي رستي تي هلڻ ڏنو،


انهي ڪري خدا اُنهن جي دلين جي خواهش موجب کين ناپاڪيءَ ۾ ڇڏي ڏنو، تہ اُنهن جا بدن پاڻ ۾ بي آبرو ڪيا وڃن:


هن ڪري جو جهڙيءَ طرح اوهين گذريل وقت ۾ خدا جي نافرماني ڪندا هئا، پر هاڻي سندن نافرمانيءَ جي سبب اوهان تي رحم ٿيو آهي،


پر خداوند يسوع مسيح کي پوشاڪ وانگر ڍڪيو، ۽ جسم جي خواهش کي پوري ڪرڻ لاءِ خيال نہ پچايو.


ڇالاءِ جو غير قومون، جن وٽ شريعت ڪانهي، سي جڏهن طبيعت موجب شريعت جهڙا ڪم ٿيون ڪن، تڏهن جيتوڻيڪ هنن وٽ شريعت نہ آهي، تہ بہ هو پنهنجي لاءِ پاڻ شريعت آهن،


ڇالاءِ تہ جيتوڻيڪ اسين دشمن هئاسين تڏهن بہ سندس فرزند جي موت جي وسيلي خدا سان اسان جو ميل ميلاپ ٿيو، تڏهن هاڻي خاطري اٿئون تہ ميل ميلاپ ٿيڻ کان پوءِ، اُنهي جي حياتيءَ جي وسيلي ضرور بچي پونداسين؛


سو هاڻي اسين جي سندس رت جي سببان راستباز ٺهرايا ويا آهيون، تنهن لاءِ خاطري اٿئون تہ انهي جي ئي وسيلي خدا جي غضب کان بچي پونداسين.


تنهنڪري گناهہ کي پنهنجي فاني جسم ۾ بادشاهي ڪرڻ نہ ڏيو، متان اوهين سندن خواهشن جي تابعداري ڪريو.


ڇالاءِ جو آئون ڄاڻان ٿو تہ مون ۾، يعني منهنجي بدن ۾، نيڪي نٿي رهي، ڇوتہ دل تہ ڏاڍي اٿم تہ نيڪي ڪريان، پر ڪرڻ جي طاقت ڪانہ اٿم.


ڪهڙو عجب آهي جي خدا پنهنجو غضب ڏيکارڻ ۽ پنهنجي قدرت ظاهر ڪرڻ جي ارادي سان جيڪي غضب جا ٿانوَ ڀڃي چٽ ڪرڻ جي لائق هئا، تن سان ڏاڍي صبر ۽ تحمل سان پيش آيو:


ڇالاءِ جو تو ۾ ۽ ٻئي ۾ تفاوت ڪير ٿو پيدا ڪري؟ ۽ تو وٽ اُها ڪهڙي شيءِ آهي جا توکي نہ ملي آهي؟ پر جي اُها توکي مفت ملي آهي، تہ پوءِ فخر ڇو ٿو ڪرين، جو ڄڻ تہ ڪانہ ملي اٿيئي؟


تنهنڪري اي پيارو، جڏهن اسان سان اهڙا واعدا ڪيا ويا آهن، تڏهن اچو تہ اسين پاڻ کي هر طرح جي جسماني ۽ روحاني ناپاڪيءَ کان پاڪ ڪريون، ۽ خدا جو خوف رکي پاڪيزگيءَ ۾ ڪامل ٿيون.


مگر پاڪ ڪتاب سڀ ڪجهہ گناهہ هيٺ بند ڪري رکيو آهي، انهي لاءِ تہ يسوع مسيح تي ايمان آڻڻ جي ڪري اُهو واعدو ايمان وارن کي ملي.


جن گناهن ۾ اوهين اڳي هن دنيا جي دستور موجب هلندا هئا، ۽ فضا ۾ اختيار هلائڻ واري حاڪم جي، يعني انهي روح جي پيروي ڪندا هئا، جو هاڻي نافرمانيءَ جي فرزندن ۾ اثر پيدا ٿو ڪري؛


اوهين پنهنجي اڳوڻي هلت چلت ۽ پراڻي انسانيت، جا فريب جي شهوتن ڪري خراب ٿيندي ٿي وڃي، تنهن کي لاهي ڇڏيو؛


۽ انهيءَ ۾ هن سندس جسماني بدن ۾ موت جي وسيلي اوهان سان ميل ميلاپ ڪيو آهي،


پر اي ڀائرو، اسان جي مرضي ناهي تہ جيڪي گذر ڪري ويا آهن، تن جي نسبت ۾ اوهين غير واقف رهو؛ تہ متان اوهين بہ انهن وانگر غمگين ٿيو، جن کي اُميد ئي ڪانهي.


تنهنڪري ٻين وانگر اسان کي سمهي رهڻ نہ کپي، پر اچو تہ جاڳون ۽ هوشيار رهون.


پر جيڪي دولتمند ٿيڻ ٿا گهُرن سي آزمائش ۽ ڦندي ۾، ۽ گهڻين اجاين ۽ نقصان وارين نفساني خواهشن ۾ ڦاسيو ٿا وڃن، جي ماڻهن کي برباديءَ ۽ تباهيءَ جي درياهہ ۾ غرق ڪريو ڇڏين.


ڇالاءِ جو اسين بہ اڳي بي عقل، نافرمان، گمراهہ، قسم قسم جي نفساني خواهشن ۽ عشرتن جا غلام هئاسين، ۽ بدخواهي ۽ حسد ۾ گذاريندا هئاسين. ۽ نفرت جا لائق هئاسين، ۽ هڪ ٻئي سان بہ نفرت ٿي ڪئي سين.


فرمانبردار ٻارن وانگر پنهنجي نادانيءَ جي وقت وارين نفساني خواهشن موجب هلت نہ ڪريو؛


انهن جي اکين مان زنا پيو بَکي، ۽ گناهہ ڪرڻ کان بس نٿا ڪن؛ ۽ جيڪي غير مستقل مزاج آهن، تن کي ڦاسايو وٺن؛ انهن جي دل لالچ ۾ ڏاڍي چالاڪ آهي؛ ۽ اُهي لعنت جا ٻار آهن.


ڇالاءِ جو اُهي مغروريءَ جون نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري شهوت پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي جسماني خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جي گمراهہ ٿيل ماڻهن کان ڌار ٿيڻ تي آهن.


ڇالاءِ جو جيڪي بہ دنيا ۾ آهي، يعني جسماني خواهش، ۽ اکين جي خواهش، ۽ حياتيءَ جي مغروري، سا پيءُ جي طرفان نہ آهي، پر دنيا جي طرفان آهي.


وري اوهان ڏانهن هڪڙو نئون حڪم ٿو لکان، جا ڳالهہ منجهس توڙي اوهان ۾ سچي آهي؛ ڇالاءِ جو اوندهہ گذرندي ٿي وڃي، ۽ سچي روشني هاڻي چمڪڻ لڳي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ