Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 2:21 - Sindhi Bible

21 انهي ۾ هرڪا اڏاوت گڏجي وڌندي خداوند جي هڪڙي پاڪ هيڪل ٿيندي ٿي وڃي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

21 هن ۾ ئي سموري اڏاوت ڳنڍجي وڌندي ٿي وڃي ۽ اهڙيءَ طرح پرميشور لاءِ هڪ مخصوص ۽ پوِتر گھر ٺهندو وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 هن ۾ ئي سموري اڏاوت ڳنڍجي وڌندي ٿي وڃي ۽ اهڙيءَ طرح خداوند لاءِ هڪ مخصوص ۽ پاڪ گھر ٺهندو وڃي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

21 اھو ئي سموري اڏاوت کي ڳنڍي ٿو ۽ اھڙيءَ طرح خداوند جو ھڪ پاڪ گھر ٺھندو ۽ وڌندو ٿو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 2:21
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن گهر جڙڻ لڳو، تڏهن کاڻ وٽ تيار ڪيل پٿرن سان اُهو جوڙيو ويو: ۽ نہ مُترڪي، نہ ڪهاڙي ۽ نہ ٻئي ڪنهن لوهہ جي اوزار جو آواز، گهر جوڙيندي گهر منجهہ ٻڌڻ ۾ آيو.


اي خداوند هميشہ جي لاءِ تنهنجيون شاهديون بلڪل سچيون آهن: ۽ پاڪيزگي هميشہ تنهنجي گهر جي لائق آهي.


۽ رستي جي منهن تي، يعني جيڪو رستو ڪوٺين ۾ گهڙڻ واري هنڌان اُڀرندي جي بلڪل اڳيان هو، تنهن ۾ هڪڙو در هو، جو ڏکڻ پاسي وارين ڪوٺين جي درن جهڙو هو.


ڇالاءِ جو اسين سڀ خدا سان گڏ ڪم ڪرڻ وارا آهيون، اوهين خدا جي پوک ۽ خدا جي عمارت آهيو.


۽ خدا جي هيڪل جو بُتن سان ڪهڙو لاڳاپو آهي؟ ڇالاءِ جو اسين جيئري خدا جي هيڪل آهيون، جهڙيءَ طرح ڪ خدا فرمايو آهي تہ ”آئون انهن ۾ رهندس، ۽ انهن ۾ هلندس چلندس، آئون انهن جو خدا ٿيندس ۽ اهي منهنجي اُمت ٿيندا.


پر سر سان لاڳاپو نٿو رکي، جنهن سان سارو بدن، سَنڌن ۽ ٻَنڌن جي ڪري پاڻ ۾ ڳنڍيل ٿو رهي، ۽ پرورش پائي خدا جي برڪت سان وڌندو ٿو وڃي.


پر جي مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ ڀلي خبر پويئي تہ خدا جو گهر، يعني زندہ خدا جي ڪليسيا، جا سچ جو ٿنڀ ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ڪهڙيءَ طرح هلت ڪرڻ کپي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ