Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 2:19 - Sindhi Bible

19 تنهنڪري اوهين ڌاريا ۽ پرديسي نہ رهيا پر پاڪ ٿيلن جا هم وطن ۽ خدا جي گهر جا ڀاتي آهيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

19 تنهنڪري اوهين غير قوم وارا هاڻي ڌاريا ۽ پرديسي نہ رهيا آهيو، بلڪ مسيح ۾ چونڊي پوِتر ڪيلن منجھہ شامل ٿي اوهين ايشور جي گھر جا ڀاتي ٿي ويا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 تنهنڪري اوهين غير قوم وارا هاڻي ڌاريا ۽ پرديسي نہ رهيا آهيو، بلڪ مسيح ۾ چونڊي پاڪ ڪيلن منجھہ شامل ٿي اوهين خدا جي گھر جا ڀاتي ٿي ويا آهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

19 تنھنڪري اوھين ھاڻي ڌاريا ۽ پرديسي نہ رھيا آھيو، بلڪ خدا جي قوم جا ھم⁠وطن ۽ خدا جي گھر جا ڀاتي آھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 2:19
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ايترو بس آهي تہ شاگرد پنهنجي اُستاد جهڙو ٿئي، ۽ نوڪر پنهنجي ڌڻيءَ جهڙو. جيڪڏهن هنن گهر جي ڌڻيءَ کي بعلزبول ڪري سڏيو آهي، تہ سندس گهر جي ڀاتين کي ڪيترو نہ زيادہ ڪري سڏيندا!


تنهنڪري جڏهن اسان کي وجهہ آهي، تڏهن اچو تہ سڀني ماڻهن سان نيڪيءَ جا ڪم ڪريون، خاص ڪري اُنهن سان، جي ايمان وارن جي جماعت جا آهن.


۽ انهي وقت اوهين مسيح کان ڌار ۽ اسرائيلي جماعت کان خارج هئا، ۽ واعدي جي عهدن کان غير واقف هئا، ۽ دنيا ۾ نااُميد ۽ خدا کان جدا هئا،


جنهن جي نالي آسمان ۾ ۽ زمين جي سڀ ڪنهن خاندان کي نالو ٿو ملي،


يعني هي تہ مسيح يسوع ۾ غير قومون خوشخبريءَ جي وسيلي ميراث ۾ شريڪ، ۽ بدن ۾ شامل، ۽ واعدي جو حصيدار آهن.


ڇالاءِ جو اسان جو وطن آسمان ۾ آهي؛ جتان اسين هڪڙي نجات ڏيندڙ، يعني خداوند يسوع مسيح جي انتظار ۾ آهيون:


اهي سڄي عمر ايمان تي قائم هئا، ۽ جيتوڻيڪ واعدي جون شيون نہ ملين، مگر پري کان انهن کي ڏسي انهن جي مرحبا ڪيائون، ۽ قبول ڪيائون تہ اسين زمين تي پرديسي ۽ مسافر آهيون.


ڇالاءِ جو هتي اسان جو ڪو جٽاءُ ڪندڙ شهر ڪونهي، پر اسين اهڙي جي تلاش ۾ آهيون جو اچڻو آهي.


اي پيارو، آئون اوهان کي پرديسي ۽ مسافر ڄاڻي عرض ٿو ڪريان تہ اُنهن جسماني خواهشن کان پري رهو، جي روح سان وڙهن ٿيون،


ڏسو، پيءُ اسان سان ڪهڙي نہ محبت ڪئي آهي، جو اسين خدا جا ٻار ٿا سڏجون: ۽ اسين آهيون بہ. دنيا اسان کي انهي ڪري نٿي سڃاڻي جو اها کيس بہ سڃاڻي نہ سگهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ