Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 2:18 - Sindhi Bible

18 ڇالاءِ جو انهي جي وسيلي اسين ٻئي هڪڙي ئي روح ۾ پيءُ تائين پهچي ٿا سگهون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

18 ائين مسيح جي ئي وسيلي اسان ٻنهي يعني يهودين ۽ غير يهودين کي ساڳيءَ ئي پوِتر آتما ملڻ سان پتا تائين پهچ حاصل ٿي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 ائين مسيح جي ئي وسيلي اسان ٻنهي يعني يهودين ۽ غير يهودين کي ساڳي ئي پاڪ روح ملڻ سان پيءُ تائين پهچ حاصل ٿي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

18 ڇالاءِ⁠جو مسيح جي وسيلي اسان ٻنھي يعني يھودين ۽ غير يھودين کي ھڪڙي ئي پاڪ روح جي ڪري پيءُ تائين پھچ حاصل ٿي آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 2:18
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ دائود جي گهراڻي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، فضل ۽ دعا جو روح نازل ڪندس؛ ۽ هو انهيءَ تي جنهن کي هنن گهايل ڪيو، نگاهہ ڪندا: ۽ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪندا، جيئن ڪو پنهنجي سڪيلڌي لاءِ ڪندو آهي، ۽ انهيءَ لاءِ سخت ڏک ڪندا، جيئن ڪو پهريتي لاءِ ڪندو آهي.


تنهنڪري اوهين وڃي پيءُ، پٽ ۽ پاڪ روح جي نالي بپتسما ڏيئي سڀني قومن کي شاگرد ڪريو:


تڏهن يسوع وري چين، تہ آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان، تہ رڍن جو دروازو آئون آهيان.


آئون دروازو آهيان: جيڪو مون مان اندر گهڙندو، سو بچي پوندو، ۽ اندر ٻاهر ايندو ويندو ۽ چارو ملندس.


يسوع چيس تہ واٽ ۽ سچ ۽ زندگي آئون آهيان: منهنجي وسيلي ڌاران ڪوبہ پيءُ وٽ نٿو اچي.


جنهن جي وسيلي ايمان جي ڪري انهي فضل تائين اسان جي پهچ ٿي، جنهن تي اسين قائم آهيون؛ ۽ اچو تہ جا اُميد اسان کي خدا جي جلال جي آهي، تنهن تي فخر ڪريون.


ڇالاءِ جو اوهان کي غلاميءَ جو روح نہ مليو، جو اوهان کي وري ڊپ ٿئي؛ پر اوهان کي اُهو روح مليو آهي جنهن ڪري گود جا پٽ چوايو. سو جڏهن اسين ابا يعني اي پيءُ، ڪري ٿا سڏيون،


ڇو جو اسان سڀني کي هڪڙي ئي روح جي ڪري هڪڙي ئي بدن ۾ بپتسما ملي، پوءِ ڇا يهودي، ڇا يوناني، ڇا غلام، ڇا آزاد، ۽ سڀني کي هڪڙي ئي روح مان پياريو ويو.


تہ بہ اسان جي لاءِ هڪڙو ئي خدا آهي، يعني پيءُ، جنهن کان سڀ شيون آهن، ۽ اسين بہ انهي لاءِ آهيون، ۽ خداوند بہ هڪڙو ئي آهي، يعني يسوع مسيح، جنهن جي وسيلي سڀ شيون موجود آهن، ۽ اسين بہ انهي جي وسيلي آهيون.


۽ جيئن تہ اوهين پٽ آهيو، تنهنڪري خدا پنهنجي فرزند جو روح اسان جي دلين ۾ موڪليو، جو ابا يعني، اي بابا چئي ٿو پڪاري.


جنهن ۾ اسان کي مٿس ايمان آڻڻ ڪري دليري ٿي ملي، ۽ خاطري سان خدا تائين پهچ اٿئون.


انهي سبب آئون انهي پيءُ جي اڳيان سجدو ڪري، عرض ٿو ڪريان،


هڪڙو ئي بدن آهي ۽ هڪڙو ئي روح، جيئن ڪ اوهين بہ پنهنجي ڪوٺ وقت هڪڙي ئي اُميد ۾ ڪوٺيا ويا هئا؛


۽ هر وقت ۽ هر طرح سان روح ۾ دعا ۽ منٿ ڪندا رهو، ۽ سڀني پاڪ ٿيلن جي لاءِ اورچ ٿي دعا گهُرندا ۽ جاڳندا رهو،


۽ پيءُ جا شڪرانا ڪندا رهو، جنهن اسان کي انهي لائق ڪيو تہ روشنيءَ ۾ پاڪ ٿيلن سان گڏ ورثي جا حصيدار ٿيون.


(ڇالاءِ تہ شريعت ڪنهن بہ شيءِ کي ڪامل نہ ڪيو،) ۽ انهي جي بدران هڪڙي بهتر اُميد اچي ويئي، جنهن جي وسيلي اسين خدا کي ويجهو ٿا وڃون.


انهيءَ سان اسين خداوند ۽ ابي جي تعريف ٿا ڪريون؛ ۽ انهيءَ سان ئي اسين ماڻهن کي پِٽيون ٿا، جي خدا جي صورت تي پيدا ٿيل آهن؛


۽ جيڪڏهن اوهين انهي کي ابو ڪري ٿا سڏيو، جو بنا پاسخاطريءَ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي ڪم موجب انصاف ٿو ڪري، تہ پنهنجي مسافريءَ جو وقت خوف ۾ گذاريو.


هن جي وسيلي اوهان خدا تي ايمان آندو آهي، جنهن هن کي مُئلن مان جياريو ۽ جلال ڏنائينس؛ انهي لاءِ تہ اوهان جو ايمان ۽ آسرو خدا تي هجي.


هن ڪري جو مسيح بہ هڪڙو ئي ڀيرو گناهن جي لاءِ ڏک سَٺو، يعني راستباز ناراستن لاءِ، تان تہ هو اسان کي خدا تائين پهچائي. هو جسماني طور مارجي ويو، پر روحاني طور جياريو ويو؛


پر اي پيارو، پنهنجي نهايت پاڪ ايمان ۾ قائم ٿي پاڪ روح ۾ دعا گهُرو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ