Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 1:23 - Sindhi Bible

23 جا سندس بدن آهي، ۽ سندس معموري جو هر ڪنهن کي هر طرح سان معمور ٿو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

23 جيڪا مسيح جو شرير آهي. مسيح سان ئي منڊليءَ جي ڀرپوري ٿئي ٿي ۽ هو ئي هر شيءِ کي هر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 جيڪا مسيح جو بدن آهي. مسيح سان ئي ڪليسيا جي ڀرپوري ٿئي ٿي ۽ هو ئي هر شيءِ کي هر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

23 اھا ڪليسيا مسيح جو بدن ۽ سندس ڀرپوري آھي. ھو پاڻ ئي ھر شيءِ کي ھر طرح سان ڀرپور ڪري ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 1:23
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن جي ڀرپورائيءَ مان اسان سڀني کي مليو آهي، يعني فضل تي فضل.


تنهنڪري اوهان کي نہ فقط اُنهي غضب جي ڪري، پر پنهنجي ضمير جي خاطر بہ تابعدار رهڻ کپي.


تاثيرون بہ طرح طرح جون آهيون، پر خدا هڪڙو ئي آهي جو سڀني ۾ هر طرح جو اثر پيدا ٿو ڪري.


۽ جڏهن سڀ ڪجهہ هن جي تابع ٿي ويو، تڏهن فرزند پاڻ بہ اُنهي جي تابع ٿي ويندو، جنهن سڀ ڪجهہ سندس تابع ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ خدا سڀ ۾ سڀ ڪجهہ هجي.


۽ صليب جي وسيلي دشمني دفع ڪري انهن ٻنهي کي هڪڙو جسم ڪري خدا سان ملائي:


انهي لاءِ تہ هاڻي ڪليسيا جي وسيلي خدا جي طرح طرح جي حڪمت، آسماني جاين ۾ حڪومت ۽ اختياريءَ وارن کي معلوم ٿي وڃي،


۽ مسيح جي انهيءَ محبت کي ڄاڻو جا سمجهہ کان ٻاهر آهي، انهي لاءِ تہ اوهين خدا جي ساري ڀرپوريءَ تائين ڀرپور ٿيو.


جيڪو هيٺ لٿو، سو اُهو ساڳيو ئي آهي، جو تمام مٿي آسمان جي بہ مٿان چڙهي ويو، انهي لاءِ تہ هو سڀني شين کي ڀرپور ڪري.)


انهي لاءِ تہ پاڪ ٿيل ڪامل ٿي، خدمتگاريءَ جو ڪم ڪندا رهن، تہ مسيح جو بدن ترقي ڪري:


جيسين ڪ اسين سڀ خدا جي فرزند جي ايمان ۽ علم ۾ يگانگي حاصل ڪري، ڪامل انسان بنجون، ۽ مسيح جي پوري قد تائين پهچون:


هڪڙو ئي بدن آهي ۽ هڪڙو ئي روح، جيئن ڪ اوهين بہ پنهنجي ڪوٺ وقت هڪڙي ئي اُميد ۾ ڪوٺيا ويا هئا؛


هاڻي آئون اوهان جي خاطر پنهنجن ڏکن ۾ خوش ٿو رهان، ۽ مسيح جي مصيبتن جي ڪمي سندس بدن، يعني ڪليسيا جي لاءِ پنهنجي بدن ۾ پوري ٿو ڪريان.


پر سر سان لاڳاپو نٿو رکي، جنهن سان سارو بدن، سَنڌن ۽ ٻَنڌن جي ڪري پاڻ ۾ ڳنڍيل ٿو رهي، ۽ پرورش پائي خدا جي برڪت سان وڌندو ٿو وڃي.


جتي نڪو يوناني آهي نہ يهودي، نڪو مختون آهي نڪو نامختون، نہ جهنگلي آهي نہ وحشي، نہ غلام آهي نہ آزاد، پر مسيح سڀ ڪجهہ آهي ۽ سڀني ۾ آهي.


مسيح جو اطمينان، جنهن جي لاءِ اوهين بہ هڪڙي بدن ۾ سڏيا ويا هئا، سو ڀلي تہ اوهان جي دلين تي حڪومت ڪري، ۽ اوهين شڪرگذار رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ