Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




اِفسين 1:22 - Sindhi Bible

22 ۽ سڀ ڪجهہ هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيائين، ۽ کيس ڪل ڪليسيا جو سردار مقرر ڪيائين،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

22 اهڙيءَ طرح ايشور سڀ ڪجھہ مسيح جي پيرن هيٺ ڪري کيس سڀني جو مٿو بڻايو. اهو ايشور وشواسي منڊليءَ جي لاءِ ڪيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 اهڙيءَ طرح خدا سڀ ڪجھہ مسيح جي پيرن هيٺ ڪري کيس سڀني جو مٿو بڻايو. اهو خدا ڪليسيا جي لاءِ ڪيو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

22 اھڙيءَ طرح خدا سڀ ڪجھہ مسيح جي پيرن ھيٺ ڪري ڇڏيو ۽ کيس ڪليسيا جي ھر ڳالھہ جو سر بڻايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




اِفسين 1:22
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ تنهنجي ۽ زال جي وچ ۾ دشمني، ۽ تنهنجي نسل ۽ زال جي نسل جي وچ ۾ دشمني وجهندس: هو تنهنجو مٿو چٿيندو ۽ تون هن جي کڙي ڏنگيندين.


خداوند منهنجي خداوند کي فرمايو تہ جيسين آءٌ تنهنجي دشمنن کي تنهنجي پيرن جي صندلي نہ ڪريان، تيسين منهنجي ساڄي پاسي ويٺو رهہ.


تون شينهن ۽ سپ کي لتاڙيندين: تون شينهن جي ٻچي ۽ نانگ کي پائمال ڪندين.


۽ آئون بہ توکي ٿو چوان تہ تون پطرس آهين، ۽ هن ٽڪر تي آئون پنهنجي ڪليسيا اڏيندس؛ ۽ اُها دوزخ جي دروازن تي غالب پوندي.


اوهين پنهنجي ۽ اُنهي ساري ڌڻ جي سنڀال ڪجو، جنهن جو پاڪ روح اوهان کي نگهبان مقرر ڪيو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ ڪليسيا کي سنڀاليندا رهجو، جا هن خاص پنهنجي رت سان خريد ڪئي.


پر منهنجي مرضي آهي تہ اوهين ڄاڻو تہ سڀ ڪنهن مرد جو سر مسيح آهي، ۽ زال جو سر مرد آهي، ۽ مسيح جو سر خدا آهي.


تنهن جو جلال ڪليسيا ۾ ۽ مسيح يسوع ۾، پشت بپشت ۽ هميشہ تائين رهي. آمين.


ڇالاءِ جو مڙس زال جو سر آهي، جيئن ڪ مسيح بہ ڪليسيا جو سر آهي، جو هو پاڻ بدن جو بچائيندڙ آهي.


۽ اهوئي بدن جو، يعني ڪليسيا جو سر آهي: اهو ئي منڍ آهي، ۽ اهو ئي پهريون شخص آهي جو مُئلن منجهان جي اُٿيو؛ انهي لاءِ تہ سڀني ڳالهين ۾ هن کي اول درجو هجي.


جنهن اوهان جي محبت، جا روح ۾ آهي، سا اسان تي ظاهر ڪئي.


۽ انهي ۾ اوهين معمور ڪيا ويا آهيو، جو ساريءَ حڪومت ۽ اختيار جو سر آهي.


پر سر سان لاڳاپو نٿو رکي، جنهن سان سارو بدن، سَنڌن ۽ ٻَنڌن جي ڪري پاڻ ۾ ڳنڍيل ٿو رهي، ۽ پرورش پائي خدا جي برڪت سان وڌندو ٿو وڃي.


پر جي مون کي اچڻ ۾ دير ٿئي تہ ڀلي خبر پويئي تہ خدا جو گهر، يعني زندہ خدا جي ڪليسيا، جا سچ جو ٿنڀ ۽ بنياد آهي، تنهن ۾ ڪهڙيءَ طرح هلت ڪرڻ کپي.


تو سڀ شيون تابع ڪري هن جي پيرن هيٺ ڪري ڇڏيون.“ ڇالاءِ جو جنهن صورت ۾ سڀ شيون هن سندس تابع ڪري ڇڏيون آهن، تنهن صورت ۾ ڪابہ شيءِ اهڙي نہ ڇڏي اٿس جا سندس تابع نہ هجي. پر اڃا اسين سڀ شيون هن جي تابع نٿا ڏسون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ