Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 9:9 - Sindhi Bible

9 جنهن زال سان تنهنجي هن بيهودگيءَ جي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن محبت آهي، جا هن سج هيٺان توکي ڏني وئي آهي، تنهن سان تون هنن بيهودگيءَ جي ڏينهن ۾ خوش پيو گذار: ڇالاءِ جو حياتيءَ ۾ جيڪو پورهيو تون سج هيٺان پيو ڪرين تنهن ۾ اهو ئي تنهنجو حصو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 جيڪا عورت خدا اوهان کي عطا ڪئي آهي جنهن سان اوهان کي محبت آهي، تنهن سان پنهنجي هن منجھائيندڙ زندگيءَ جا سڀ ڏينهن خوشيءَ سان گذاريو. هائو، هن دنيا اندر اوهان جي محنت مشقت واري حياتيءَ ۾ اهو ئي اوهان لاءِ ڪافي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 9:9
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هو اتي ڪيترائي ڏينهن رهيو، پوءِ هيئن ٿيو جو فلستين جي بادشاهہ دريءَ مان ٻاهر نهاريندي ڏٺو تہ اسحاق پنهنجيءَ زال ربقہ سان ويٺو لاڏ ڪري.


انسان اجائي شيءِ آهي: هن جي حياتي پاڇي وانگر گذريو وڃي.


ڏس، تو منهنجي عمر گرانٺ جيڏي ڪئي آهي؛ ۽ منهنجي حياتي تنهنجي اڳيان ڪين جهڙي آهي: سچ سڀڪو ماڻهو ڪهڙي بہ چڱيءَ حالت ۾ هجي تہ بہ ٻاڦ وانگر آهي.


جنهن کي زال ملي ٿي تنهن کي هڪڙي چڱي شيءِ ملي ٿي، ۽ اهو خداوند جو فضل حاصل ٿو ڪري.


گهر ۽ دولت ابن کان ملڻ واري ميراث آهي: پر سياڻي زال خداوند کان ٿي ملي.


۽ جيڪي منهنجين اکين خواهش ٿي ڪئي سا هنن کان روڪي نٿي رکيم: ۽ نہ پنهنجي دل کان ڪا خوشي روڪي ڇڏيم، ڇالاءِ جو منهنجي دل منهنجي سڄي محنت ڪري ڏاڍي خوش هئي؛ ۽ منهنجي سڄي محنت مان منهنجو حصو اهو هو:


ماڻهوءَ جي لاءِ انهي کان بهتر ٻي شيءِ ڪانهي تہ هو کائي ۽ پيئي ۽ پنهنجي محنت ۾ پنهنجي روح کي چڱي راحت رسائي. اهو بہ مون ڏٺو تہ سڀ خدا جي طرفان آهي.


۽ هيءَ بہ تہ سڀڪو ماڻهو کائي پيئي ۽ پنهنجي سڄي محنت جو فائدو حاصل ڪري، اها خدا جي ڏات آهي.


تنهن ڪري مون ڏٺو تہ انهيءَ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ ماڻهو پنهنجن ڪمن ۾ خوش رهي؛ ڇالاءِ جو اهو ئي هنجو حصو آهي: ڇالاءِ جو ڪير هن کي موٽائي آڻيندو تہ جيڪي کانئس پوءِ ٿيندو سو ڏسي؟


ڏسو، جيڪي مون چڱو ۽ ٺاهوڪو ڏٺو آهي سو هي آهي، تہ ماڻهو کائي ۽ پيئي، ۽ پنهنجي محنت جو چڱو ڦل ڀوڳي، جا محنت هو، جيڪي حياتيءَ جا ڏينهن خدا ڏنا اٿس، تن ۾ سج هيٺان ڪري ٿو: ڇا لاءِ جو اهو ئي هن جو حصو آهي.


ڇالاءِ جو ڪنهن کي خبر آهي تہ انسان جي لاءِ سندس حياتيءَ ۾، يعني سندس اجائي حياتي، جا هو پاڇي وانگر گذاري ٿو، تنهن جي سڀني ڏينهن ۾ ڪهڙي شيءِ چڱي آهي؟ ڇالاءِ جو ڪير ڪنهن ماڻهوءَ کي چئي سگهندو تہ کانئس پوءِ سج هيٺان ڇا ٿيندو.


هي سڀ مون پنهنجي بيهودگيءَ جي ڏينهن ۾ ڏٺو آهي: هڪڙو سچو ماڻهو آهي جو پنهنجي سچائيءَ ۾ مري چٽ ٿو ٿئي، ۽ هڪڙو شرير ماڻهو آهي جو بڇڙن ڪمن ڪرڻ ۾ پنهنجي وڏي عمر گذاري ٿو.


ڇا هن هڪڙي ئي زال پيدا نہ ڪئي، جيتوڻيڪ هن وٽ روح بچيل هو؟ پوءِ ڇو هڪڙي ئي پيدا ڪيائين؟ ڇالاءِ جو هن ديندار نسل ٿي چاهيو. انهي ڪري پنهنجي نفس کان خبردار رهو، ۽ ڪوبہ پنهنجي جوانيءَ جي زال سان بي وفائي نہ ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ