Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 9:6 - Sindhi Bible

6 انهن جي محبت، توڙي انهن جي عداوت، توڙي انهن جو حسد گم ٿي وڃي ٿو، نڪي جيڪي سج هيٺان ڪرڻ ۾ ٿو اچي تنهن مان ڪڏهن بہ وري اڳتي انهن کي ڪو حصو ملي ٿو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 انهن جي مرڻ سان گڏ سندن محبت، نفرت توڙي غيرت جو احساس بہ بلڪل ختم ٿيو وڃي. اهي هن دنيا ۾ ٿيندڙ ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ وري حصو وٺي نہ ٿا سگھن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 9:6
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ مصر تي هڪڙو نئون بادشاهہ حڪومت ڪرڻ لڳو، جو يوسف کي ڪونہ سڃاڻندو هو.


سچي جي اُميد خوشي ٿيندي: پر شرير جي آس چٽ ٿي ويندي.


۽ جيڪي منهنجين اکين خواهش ٿي ڪئي سا هنن کان روڪي نٿي رکيم: ۽ نہ پنهنجي دل کان ڪا خوشي روڪي ڇڏيم، ڇالاءِ جو منهنجي دل منهنجي سڄي محنت ڪري ڏاڍي خوش هئي؛ ۽ منهنجي سڄي محنت مان منهنجو حصو اهو هو:


تنهن ڪري مون ڏٺو تہ انهيءَ کان بهتر ٻي ڳالهہ ڪانهي تہ ماڻهو پنهنجن ڪمن ۾ خوش رهي؛ ڇالاءِ جو اهو ئي هنجو حصو آهي: ڇالاءِ جو ڪير هن کي موٽائي آڻيندو تہ جيڪي کانئس پوءِ ٿيندو سو ڏسي؟


ڇالاءِ جو ڪنهن کي خبر آهي تہ انسان جي لاءِ سندس حياتيءَ ۾، يعني سندس اجائي حياتي، جا هو پاڇي وانگر گذاري ٿو، تنهن جي سڀني ڏينهن ۾ ڪهڙي شيءِ چڱي آهي؟ ڇالاءِ جو ڪير ڪنهن ماڻهوءَ کي چئي سگهندو تہ کانئس پوءِ سج هيٺان ڇا ٿيندو.


ڇالاءِ جو هي سڀ ڳالهيون مون پنهنجي دل سان هنڊايون، رڳو انهي لاءِ تہ انهن سڀني جي حقيقت معلوم ڪريان؛ ۽ اها هيءَ آهي تہ سچا ۽ ڏاها ماڻهو، ۽ سندن ڪم، خدا جي هٿ ۾ آهن: اها محبت آهي يا عداوت آهي، تنهن جي ماڻهوءَ کي ڪابہ خبر ڪانهي؛ سڀ ڪجهہ هن جي اڳيان آهي.


مون چيو تہ آءٌ خداوند کي نہ ڏسندس، يعني جيئرن جي زمين ۾ خداوند کي نہ ڏسندس: آءٌ دنيا جي رهاڪن ۽ انسان کي وري نہ ڏسندس.


اُٿي هن ننڍي ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي اسرائيل جي ملڪ ۾ وڃ: ڇالاءِ جو جن ننڍي ٻار کي مارڻ ٿي گهريو، سي مري ويا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ