Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 9:5 - Sindhi Bible

5 جيئرا ڄاڻن ٿا تہ اسين مرنداسين: پر مئل ڪجهہ بہ نٿا ڄاڻن، ۽ نہ اُنهن کي وري ڪو بدلو ملڻو آهي؛ ڇالاءِ جو انهن جي يادگيري بہ ڪانہ ٿي رهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 ”اسين سڀيئي مرنداسين،“ جڏهن تہ مئل انسان کي ڪوبہ آسرو ڪونہ آهي، بلڪ هن دنيا مان هليو وڃڻ کان پوءِ انهن کي ايترو بہ اجر ڪونہ ٿو ملي جو کين ياد ڪيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 9:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو اسان کي ضرور مرڻو آهي، ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ جهڙا آهيون جو زمين تي هاريو ويو هجي، ۽ وري گڏ ٿي نہ سگهي؛ خدا ماري نہ ٿو، پر اهڙا اُپاءَ ٿو ڪري تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي.


هن جا پٽ عزت حاصل ڪن ٿا ۽ انهيءَ جي هن کي خبر نٿي پوي؛ ۽ هنن جو درجو گهٽايو وڃي ٿو پر هنن جو حال کيس معلوم نٿو ٿئي.


ڇالاءِ جو آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون نيٺ مون کي ماريندين، ۽ جيڪو گهر سڀني جيئرن جي لاءِ ٺهرايل آهي اتي آڻيندين.


شل اهي سدائين خداوند جي نظر ۾ هجن، تہ هو زمين تان سندن نالو ئي مٽائي ڇڏي.


ڇو جو موت کان پوءِ تنهنجي يادگيري ڪانهي؛ قبر ۾ ڪير تنهنجا ٿورا مڃيندو؟


پر اي خداوند مون تو وٽ پڪاريو آهي، ۽ صبح جو منهنجي دعا تنهنجي حضور ۾ پهچندي.


اڳين پيڙهين جي ڪابہ يادگيري ڪانهي؛ نڪي پويون پيڙهيون، جي اچڻيون آهن، تن جي ڪا يادگيري هن کان پوءِ ايندڙ پيڙهين ۾ رهندي.


ڇالاءِ جو جهڙي بي عقل جي تهڙي ڏاهي جي، ڪابہ يادگيري هميشہ لاءِ نہ ٿي رهي؛ جو ڏسجي پيو تہ ايندڙ ڏينهن ۾ سڀيئي وسري ويندا. ڏاهو ماڻهو ڪيئن نہ بي عقل وانگر ٿو مري!


ماتم جي گهر ۾ وڃڻ، خوشيءَ جي مجلس واري گهر ۾ وڃڻ کان بهتر آهي: ڇالاءِ جو اُها سڀني ماڻهن جي پڇاڙي آهي؛ ۽ جيئرا اها ڳالهہ پنهنجي دل تي رکندا.


۽ انهي سان گڏ مون شريرن کي دفن ٿيندو ڏٺو، ۽ اُهي قبر ۾ ويا؛ ۽ جن چڱا ڪم ڪيا هئا سي پاڪ مڪان مان هليا ويا، ۽ شهر مان ڀلجي ويا: اها بہ بيهودگي آهي.


جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.


ڇالاءِ جو جيڪو سڀني جيئرن سان گڏيل آهي، تنهن جي لاءِ اُميد آهي: ڇالاءِ جو جيئرو ڪتو مئي شينهن کان بهتر آهي.


هو مئل آهن، ۽ وري جيئرا نہ ٿيندا؛ هو فوت ٿي ويا آهن، ۽ وري نہ اُٿندا: تنهن ڪري تو هنن کي سزا ڏني، ۽ ناس ڪيو، ۽ سندن يادگيري بہ مٽائي ڇڏي.


تون اسان جو پيءُ آهين، جيتوڻيڪ ابرهام اسان کي نٿو سڃاڻي، ۽ اسرائيل اسان کي قبول نٿو ڪري: تون اي خداوند اسان جو پيءُ آهين؛ ازل کان تنهنجو نالو آهي اسان جو ڇڏائيندڙ.


۽ جهڙيءَ طرح ماڻهن لاءِ هڪڙي ئي ڀيري مرڻ ۽ انهي کانپوءِ عدالت جو هئڻ مقرر ڪيل آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ