13 مون سج هيٺان ڏاهپ بہ انهي طرح ڏٺي، ۽ اُها مون کي وڏي ڏسڻ ۾ آئي:
13 هن دنيا ۾ مون ڏاهپ جو هڪڙو واقعو ڏٺو، جيڪو مون لاءِ تمام وڏي اهميت وارو هو.
تڏهن اُها زال سياڻپ ڪري سڀني ماڻهن وٽ ويئي. ۽ هنن سبع بن بڪريءَ جي سسي وڍي ٻاهر يوآب کي اُڇلائي ڏني. پوءِ هن قرناءِ وڄائي، ۽ هو شهر مان نڪري پکڙي پيا، ۽ سڀڪو پنهنجي پنهنجي تنبوءَ ڏي هليو ويو. ۽ يوآب موٽي يروشلم ۾ بادشاهہ وٽ ويو.
هڪڙي خرابي آهي جا مون سج هيٺان ڏٺي آهي، ۽ اُها ماڻهن تي ڳري آهي:
هي سڀ مون پنهنجي بيهودگيءَ جي ڏينهن ۾ ڏٺو آهي: هڪڙو سچو ماڻهو آهي جو پنهنجي سچائيءَ ۾ مري چٽ ٿو ٿئي، ۽ هڪڙو شرير ماڻهو آهي جو بڇڙن ڪمن ڪرڻ ۾ پنهنجي وڏي عمر گذاري ٿو.
ڏاهپ ڏاهي ماڻهوءَ جي لاءِ هڪڙي اهڙي طاقت آهي جا انهن حاڪمن کان وڌيڪ آهي جي ڪنهن شهر ۾ آهن.
جڏهن ڏاهپ معلوم ڪرڻ لاءِ، ۽ جيڪو ڪم ڪار زمين تي هلي ٿو تنهنجي ڏسڻ لاءِ مون پنهنجي دل لڳائي: (تہ ڪيئن نہ ڏينهن ۽ نہ رات انسان جون اکيون ننڊ ڏسن ٿيون):
آءٌ موٽي آيس ۽ ڏٺم تہ سج هيٺان شرط جلد ڊوڙڻ وارو نٿو کٽي، ۽ نہ جنگ ڏاڍو ٿو کٽي، نڪي وري ماني ڏاهي کي ٿي ملي، نڪي دولت سمجهہ وارن ماڻهن کي ٿي حاصل ٿئي، نڪي عزت هنرمند ماڻهن کي نصيب ٿي ٿئي؛ پر سڀني سان وقت ۽ اتفاق لاڳو ٿو ٿئي.
ڇالاءِ جو ماڻهوءَ کي بہ پنهنجي وقت جي خبر ناهي: جيئن مڇيون خراب ڄار ۾ ڦاسنديون آهن، ۽ جيئن پکي دام ۾ ڦاسائبا آهن، تيئن انسان بہ خراب وقت ۾ ڦاسندا آهن، جڏهن اُهو انهن جي مٿان اوچتو اچيو ڪڙڪي.
هڪڙو ننڍو شهر هو ۽ انهيءَ ۾ ٿورا ماڻهو هئا؛ ۽ هڪڙو وڏو بادشاهہ انهي تي چڙهي آيو، ۽ انهي کي گهيرو ڪيائين، ۽ انهي جي سامهون وڏا دمدما ٻڌائين:
تڏهن بادشاهي پهري وارن جو سردار، جو بابل جي ڏاهن ماڻهن کي قتل ڪرڻ لاءِ نڪتو هو، تنهن کي داني ايل سمجهہ ۽ سياڻپ سان ورندي ڏني؛