Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 9:10 - Sindhi Bible

10 جيڪو ڪم تنهنجي هٿ لڳي سو پنهنجي طاقت آهر پيو ڪر؛ ڇالاءِ جو جنهن قبر ۾ تون وڃڻو آهين تنهن ۾ نڪو ڪم آهي، نڪا رِٿ آهي، نڪو علم آهي، نڪو عقل آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 اوهين جيڪو بہ ڪم ڪريو، سو دل وَ جان سان ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين جلد ئي مئلن جي دنيا ڏانهن هليا ويندا، جتي نہ ڪو ڪم ڪار آهي، نڪو ڪو سوچ ويچار، نڪو علم آهي ۽ نہ ئي وري ڪا ڏاهپ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 9:10
44 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سندس سڀيئي پٽ ۽ ڌيون اٿي کيس دلاسو ڏيڻ لڳا، پر هن کي تسلي نٿي آئي؛ ۽ هو چوڻ لڳو تہ آءٌ ماتم ڪري ڪري پنهنجي پٽ جي پٺيان قبر ۾ ويندس. انهيءَ طرح يوسف جي لاءِ سندس پيءُ روئندو رهيو.


هاڻي اوهين پنهنجيءَ دل ۽ جان سان خداوند پنهنجي خدا جي ڳولا ڪريو؛ تنهنڪري اُٿو، خداوند خدا جي پاڪ جاءِ ٺاهيو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق، ۽ خدا جا پاڪ ٿانوَ، انهيءَ گهر ۾ آڻيو جو خداوند جي لاءِ جڙندو.


۽ دائود پنهنجي پٽ سليمان کي چيو، تہ همت جهل ۽ حوصلي سان اهو ڪم ڪر: ڊڄ نہ، نڪي بي دل ٿيءُ: ڇالاءِ تہ خداوند خدا، يعني منهنجو خدا، تو ساڻ آهي؛ ۽ هو توکي نہ وساري ڇڏيندو نڪي توکي ڇڏي ڏيندو، جيستائين ڪ خداوند جي گهر جي خدمت جو سڄو ڪم پورو ٿئي.


۽ رات جو آءٌ اُٿيس، ۽ ڪي ٻيا ٿورا ماڻهو بہ مون سان هئا؛ مون ڪنهن بہ ماڻهوءَ کي نہ ٻڌايو تہ خدا منهنجي دل ۾ يروشلم جي اڏائڻ لاءِ ڇا وڌو آهي: جنهن وهٽ تي آءٌ چڙهيل هوس، تنهن کانسواءِ ڪو ٻيو وهٽ بہ مون سان ڪونہ هو.


۽ پنهنجن ڀائرن ۽ سامريا جي لشڪر جي اڳيان، بيهي چوڻ لڳو تہ هي ضعيف يهودي ڇا ٿا ڪن؟ هو پنهنجي لاءِ قلعا جوڙيندا ڇا؟ هو قربانيون چاڙهيندا ڇا؟ هو هڪڙي ڏينهن ۾ ڪم پورو ڪندا ڇا؟ ڪچري جي ڍڳن مان جيڪي پٿر سڙي ويا آهن، سي ڪڍي هو وري بيهاريندا ڇا؟


انهيءَ طرح اسان ڀت جوڙي؛ ۽ سڄي ڀت ان جي اڌ اوچائيءَ تائين ڳنڍجي ويئي؛ ڇالاءِ جو ماڻهن جي مرضي هئي تہ ڪم ڪن.


جو پوءِ آءٌ اوڏي ويندس جتان وري نہ موٽندس، يعني اونداهيءَ واري ۽ موت جي پاڇي واري زمين ۾ ويندس؛


جنهن زمين ۾ اونداهي بلڪ گهاٽي اونداهي آهي، ۽ جنهن زمين ۾ موت جو پاڇو بي ترتيب آهي، ۽ جتي سوجهرو اونداهيءَ جهڙو آهي.


هو پنهنجا ڏينهن سک ۾ گذارين ٿا، ۽ هڪڙي لحظي ۾ هو هيٺ قبر ۾ لهيو وڃن.


ڇو جو موت کان پوءِ تنهنجي يادگيري ڪانهي؛ قبر ۾ ڪير تنهنجا ٿورا مڃيندو؟


پنهنجي پاڙيسريءَ کي نہ چئُہ تہ وڃ ۽ وري اچ، ۽ سڀاڻي آءٌ ڏيندس؛ جڏهن اها تو وٽ موجود آهي.


جيڪڏهن ڪڪر مينهن سان ڀريل هوندا، تہ اهي پاڻ کي زمين تي خالي ڪندا: ۽ جيڪڏهن ڪو وڻ ڏکڻ ڏانهن يا اُتر ڏانهن ڪري ٿو پوي، تہ جنهن هنڌ اُهو وڻ ڪري ٿو انهي هنڌ اُهو پيو هوندو.


صبح جو پنهنجو ٻج پوک ۽ شام جو پنهنجو هٿ نہ جهل: ڇالاءِ جو توکي خبر ڪانهي تہ ڪهڙو ڪمائتو ٿيندو، هي يا هو، يا اُهي ٻئي هڪ جهڙا چڱا ٿيندا.


مون چيو تہ آءٌ پنهنجيءَ حياتي جي اڌ ۾ ئي قبر جي دروازن ۾ داخل ٿيندس: منهنجا باقي رهيل ورهيہ مون کان کسيا ويا آهن.


۽ اوهين مون کي ڳوليندا، ۽ جڏهن اوهين مون کي پنهنجي سموري دل سان ڳوليندا تڏهن مون کي لهندا.


پوءِ ڪالب موسيٰ جي روبرو ماڻهن کي ماٺ ڪرائي چيو تہ هلو تہ هڪدم هلي اهو ملڪ هٿ ڪريون؛ ڇالاءِ جو اسين انهي تي پوريءَ طرح غالب پونداسين.


هنن چيس تہ ڇالاءِ جو اسان کي پورهئي تي ڪنهن ڪين بيهاريو آهي. هن چين تہ اوهين بہ ڊاک جي باغ ۾ وڃو.


پر اوهين پهرين هن جي بادشاهي ۽ سندس سچائي ڳوليو، ۽ هي سڀ شيون بہ اوهان کي ملنديون.


يسوع چين تہ منهنجو کاڄ هيءُ آهي، تہ جنهن موڪليو اٿم، تنهن جي مرضي بجا آڻيان، ۽ سندس ڪم پورو ڪريان.


ڇالاءِ جو ڪنهن ڪنهن مهل هڪڙو ملائڪ انهي تلاءَ ۾ لهي اچي پاڻيءَ ۾ چرپر ڪندو هو، ۽ پاڻيءَ جي اُڇل کانپوءِ جيڪو انهي تلاءَ ۾ پهرين گهڙندو هو، تنهن کي جيڪا بہ بيماري هوندي هئي، تنهن کان ڇُٽي پوندو هو.)


جيسين ڏينهن آهي، تيسين اسان کي انهي جا ڪم ڪرڻ کپن، جنهن مون کي موڪليو آهي: رات اچي ٿي تہ پوءِ ڪوبہ ڪم ڪري ڪونہ سگهندو.


محنت ۾ سستي نہ ڪريو؛ روحاني جوش ۾ ڀرپور رهو؛ خداوند جي خدمت ڪندا رهو؛


پر جيڪي آهيان سو خدا جي فضل سان آهيان، ۽ سندس فضل، جيڪو مون کي مليو، سو اجايو نہ ٿيو. پر مون پاڻ هنن سڀني کان گهڻي محنت ڪئي، انهي هوندي بہ اهو آئون ڪين هوس، پر خدا جو فضل هو، جو مون سان هو.


هاڻي جي تيمٿيس اچي تہ اهو خيال رکجو تہ اوهان وٽ بي ڊپو رهي، ڇالاءِ جو هو بہ خداوند جو ڪم ائين ٿو ڪري جيئن آئون ٿو ڪريان.


اوهان کي خبر ڪانهي ڇا تہ شرط ۾ ڊوڙڻ وارا تہ سڀيئي ٿا ڊوڙن، مگر انعام فقط هڪڙي کي ٿو ملي؟ اوهين بہ اهڙيءَ طرح ڊوڙو جو انعام حاصل ڪريو.


تنهنڪري آئون بہ بي ٺڪاڻي نٿو ڊوڙان؛ نڪي آئون هوا کي مُڪون ٿو هڻان؛


وقت جو قدر سڃاڻو، ڇالاءِ جو زمانو خراب آهي.


جيڪو بہ ڪم ڪريو سو دل سان ڪريو، ڄڻ تہ خداوند جي لاءِ ٿا ڪريو؛ نہ ماڻهن جي لاءِ؛


۽ جڏهن اهي نشانيون تو تي اچن تڏهن جيئن اُنهي وقت تو کي مناسب نظر اچي تيئن ڪج؛ ڇالاءِ جو خداوند توسان آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ