Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




واعظ 8:9 - Sindhi Bible

9 هي سڀ مون ڏٺو آهي، ۽ جيڪو ڪم سج هيٺان ٿئي ٿو تنهن تي پنهنجي دل لڳائي اٿم: اهڙو بہ وقت آهي جنهن ۾ هڪڙي ماڻهوءَ کي ٻئي تي اختيار ٿو رهي، جنهن مان کيس نقصان ٿو رسي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 هن دنيا ۾ جيڪي ڪجھہ ٿي رهيو آهي، سو سڀ ڪجھہ مون ڏٺو آهي ۽ انهيءَ باري ۾ سنجيدگيءَ سان سوچيو اٿم. هن دنيا ۾ هڪڙا ظالم ماڻهو ٻين جي مٿان اهڙيءَ طرح حڪمراني ٿا ڪن جو اهي ٻيا سندن ظلم هيٺ پيا پيڙجن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




واعظ 8:9
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين اڳيان ڪُٺائون، ۽ صدقياہ جون اکيون ڪڍي ڇڏيائون، ۽ پوءِ هن کي زنجير وجهي بابل ڏانهن کڻي ويا.


يعني پاڻي موٽي آيو، ۽ گاڏيون، ۽ گهوڙي سوار، ۽ فرعون جو سارو لشڪر، جو هنن جي پٺيان ڪاهي آيو هو، تنهن کين ٻوڙي ڇڏيو؛ ۽ منجهانئن هڪڙو بہ ڪونہ بچيو.


جيڪي ڪم سج هيٺان ڪيا ويا آهن سي سڀ مون ڏٺا آهن؛ ۽ ڏسو سڀ ڪجهہ بيهودگي آهي، ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻو آهي.


جيڪا تڪليف خدا انسان کي مشغوليءَ ۾ رهڻ لاءِ ڏني آهي، سا مون ڏٺي آهي.


۽ تنهن کان سواءِ، سج هيٺان عدالت جي جاءِ ۾ مون ڏٺو تہ اُتي بہ شرارت هئي؛ ۽ سچائيءَ جي جاءِ ۾ ڏٺم تہ شرارت اُتي بہ هئي.


تنهن کان پوءِ آءٌ موٽي آيس ۽ جيڪي ظلم سج هيٺان پيا ٿين سي ڏٺم: ۽ ڏسو، جن مظلومن ڳوڙها پئي ڳاڙيا تن کي ڪوبہ دلاسي ڏيڻ وارو ڪونہ هو؛ ۽ انهن جي ظالمن جي طرف طاقت هئي، پر هنن کي ڪوبہ دلاسي ڏيڻ وارو ڪونہ هو.


هڪڙي وڏي خرابي آهي جا مون سج هيٺان ڏٺي آهي، يعني دولت، جيڪا ان جو مالڪ پنهنجي نقصان لاءِ رکي ٿو.


ڇالاءِ جو خوابن ۽ اجاين ڳالهين جي گهڻائيءَ مان، ۽ گهڻي ڳالهائڻ جي ڪري ائين ئي ٿي پوي ٿو: پر تون خدا کان ڊڄ.


جيڪڏهن ڪنهن ملڪ ۾ تون غريبن تي ظلم ٿيندو ڏسين، ۽ ڪنهن زبردست ماڻهوءَ کي انصاف ۽ عدالت کسي ويندو ڏسين، تہ انهي ڳالهہ تي عجب نہ ڪر: ڇالاءِ جو ڪو مٿانهن کان مٿانهون ڏسي ٿو؛ ۽ انهن کان بہ ڪو مٿانهون آهي.


آءٌ هيڏي هوڏي ڦريس، ۽ منهنجي دل پڪو ٺهراءُ ڪيو تہ ڄاڻي ۽ ڳولي لهي، ۽ ڏاهپ جي ۽ ڳالهين جي سبب جي تلاش ڪري، ۽ معلوم ڪري تہ شرارت بي عقلي آهي، ۽ بي عقلي چريائي آهي:


يقين آهي تہ ظلم زبردستي ڏاهي ماڻهوءَ کي بي عقل ٿي ڪري؛ ۽ رشوت سمجهہ کي ناس ڪيو ڇڏي.


پر حسبون جي بادشاهہ سيحون اسان کي پنهنجيءَ حد مان لنگهڻ نہ ڏنو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا، هن جو مزاج تيز، ۽ دل سخت ڪئي، انهي لاءِ تہ هو انهي کي تنهنجي حوالي ڪري، جيئن ڪ اڄ ڪيو اٿس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ